ڪائنات جي سرجڻ کان وٺي موجوده وقت تائين عورت هڪ اهم عنوان تحت بحث هيٺ رهي آهي. انساني مذهب ۽ عورت کي ڀلي ڪيترا به بنيادي حق ڏنا ويا هجن پر حقيقت اها آهي ته اڄ به عورت پنهنجي گهر ۾ ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ده مسئلن سان منهن ڏيندي قربانيءَ جو بهترين مثال بڻيل آهي، ٻهراڙي جي عورتن جي تڪليف سوائي آهي، مختلف گهريلو مسئلن جي زير اثر انهن تي اڪثر تشدد پڻ ڪيو وڃي ٿو. شهرن ۾ جتي سماج ۾ برابري جي بنياد تي، هڪ جهڙيون سهولتون ۽ مراعتون حاصل هونديون آهن اتي عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا ڌار ڌار سبب ٿي سگهن ٿا، اصل سبب مال ملڪيت ۽ انا پرستي جو بيجا ۽ برملا اظهار پڻ آهي. انا پرستي جي ڪري ذهني انتشار کي پڻ هٿي ملي ٿي.
چيو ويندو آهي ته هر ڪامياب مرد جي پٺيان ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي اها چوڻي سچ آهي يا نه پر هر ڏکويل ۽ تباهه حال عورت جي پٺيان هڪ مرد جي شخصيت ضرور لڪيل هوندي آهي. مردن جي اڪثريت ان سوچ جي قائل آهي ته عورت کي خودمختيار ٿي مردن سان گڏجي ڪمائڻ يا نوڪري ڪرڻ جو ڪو به حق حاصل نه آهي ڇو ته مردن عورت کي سماج جو برابر فرد سمجهڻ لاءِ تيار نظر ڪو نه ايندا آهن. سچ اهو آهي 21 صدي ۾ پير پائيندڙ هن جديد دور جي عورت اڄ به هن مرداڻي معاشري ۾ پنهنجا حق مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿي سگهي آهي ها ٻهراڙيءَ جي ڀيٽ ۾ شعور جي حساب سان خودڪفيل هجڻ جي ڪري ڪجهه مڙئي بهتر زندگي ضرور گذاري رهي آهي ڏٺو وڃي ته بظاهر اسلام ۾ جيڪي فرض مردن ۽ عورتن تي لاڳو ڪيا آهن انهن ۾ گهر جي خرچ هلائڻ واري فرض کان سواءِ ٻيون سڀ ذميواريون عورتن مٿان لاڳو ٿي وڃن ٿيون. انهن فرضن ۾ گهرجي ڪمن ڪارن کان وڌيڪ تعليم و تربيت جي حساب سان پڻ عورتن مختلف قسمن جون جوابداريون اڪيلي سر نڀڀائيندي نظر اينديون آهن تربيت جي لحاظ کان پنهنجي اولاد جي معاملي ۾ جيڪڏهن ڪٿ ڪا ڪوتائي ٿي وڃي ٿي ته ڏٺو اهو ويو آهي ته مرد يڪدم هن جي تربيت کي ڏوهه ڏئي هن تي ٺٺول ڪندي نظر ايندو آهي ته مان ته نوڪريءَ ۽ ڪم ڪار سانگهي ٻاهر هوندو هيس تو واهه جي ٻارن جي تربيت ڪئي آهي؟
جديد دور جي اڄوڪي عورت کي ڪنهن به لحاظ کان ڪمتر نه سمجهڻ گهرجي، نه ئي عقلي بنيادن تي هن سان جنسي مت ڀيد رکڻ گهرجي. نفسياتي اعتبار سان عورت جا جذبات هن جي عقل تي ضرور غالب رهندا آهن پر جيڪڏهن اها خصوصيت عورت ۾ نه هجي ها ته هوءَ هڪ ماءُ جي اعتبار کان پنهنجو ڪردار بهتر نموني سان نڀائي نه سگهي ها. ماهر نفسيات فرح مجيد جو چوڻ آهي ته سوائي جسماني لحاظ جي مرد ۽ عورت ۾ ڪا به شئي مختلف نه آهي. دماغي طور ٻنهي جو ڪم ڪرڻ وارو طريقو پڻ ساڳيو ئي آهي. سائنسي تحقيق به اهو ئي چوي ٿي ها البته تعليم تربيت ۽ ماحول جا اثر عورتن جي صلاحيتن تي ضرور فرق وجهن ٿا. ظاهر آ ته عورتن کي گهڻا موقعا ميسر نه هوندا ۽ انهن کي گهرن تائين محدود رکيو ويندو ته انهن جي مشاهدي ۽ گهٽ تجربي جي بنياد تي اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور نموني سان اظهار ڪري ڪو نه سگهنديون جيستائين عورتن کي موقعا نه ڏنا ويندا ته انهن جو اعتبار ڪيئن بحال ٿي سگهندو؟
گهرن ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته عورتن جي ذمي آيل گهريلو ڪم ڪار کي به مرد ايتري گهڻي اهميت نه ڏ يندا آهن پر در حقيقت روز مره جا لاڳيتا هلندڙ اهي گهريلو ڪم ڪار ڏاڍا ٿڪائيندڙ هوندا آهن. مرد گهر جا ڪم عورتن جي ذميداري سمجهندا آهن ان معاملي ۾ بلڪل لا تعلقي ۽ لا پرواهي وارو ڪردار ادا ڪندا آهن. حقيقت ۾ زال ۽ مڙس جي سهڪار کان سواءِ گهر جي گاڏي هلڻ ممڪن نه آهي پر الله سائين عورت کي برداشت ڪرڻ جي غير معمولي سگهه عطا ڪئي آهي. هڪ ذهين سمجهدار ۽ باشعور عورت ٿيڻ قطعي آسان نه آهي. اسان وٽ اڪثر عورتن پنهنجي حقن جي آگاهي رکڻ جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ٿيڻ جو ڊرامو ڪري به مرد جي راءِ کي اڳ ڀرو رکنديون آهن ته جيئن گهر جي ماحول کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگهن ۽ مرد جي نظرن ۾ پڻ بهتر مقام حاصل ڪري سگهن.
حقيقت اها آهي ته هر دور ۾ مرد پاڻ کي عورت کان اتم ڄاڻيندي هن سان زيادتن جو مرتڪب رهيو آهي ڇو ته جسماني طور تي عورت ڪمزور مخلوق آهي ۽ اها لاشعوري طور پنهنجي طاقت پنهنجي رستن سان سلهاڙيل گهر ڀاتين جي خوشين جي پورائي ڪرڻ ۾ ئي سمجهندي آهي. اسان جي روايتي زندگي جا نام نهاد اخلاقي ۽ مذهبي معيار پڻ عورت جي ترقي ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجندا رهيا آهن ڇو ته هر دور ۾ انهن عورت جو استحصال ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، اصل ۾ مرد ڪهڙي به طرح اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته عورت عقلي بنيادن تي پنهنجي صلاحيتن سان مردن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ڇو ته درحقيقت هڪ مرد پنهنجي سامهون هڪ پڙهيل لکيل ذهين ۽ باشعور عورت کي ڏسي نه سگهندو آهي اسان جي معاشري جي اها پڻ وڏي حقيقت آهي ته ذهين پڙهيل لکيل ۽ باشعور عورت جي سامهون روايتي حاڪميت رکڻ وارو مرد پنهنجي عزت نفس کي مجروح ٿيندي محسوس ڪندو آهي ڳوٺ جون عورتون ان ڏس ۾ تمام ڏتڙيل زندگي گذاري رهيون آهن پر شهر جي پڙهيل ڳڙهيل عورتن سان گهٽ ناجائزيون ڪو نه ٿيون ٿين ايتري قدر جو وڏن شهرن ۾ رهندڙ عورتن لاءِ به پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي سلسلي ۾ هتي وک وک تي محافظن سان منهن ڏيڻو ٿو پوي ٿو.
جنهن سماج ۾ شهرين کي هڪ جهڙيون سهولتون ۽ مراعاتون حاصل هونديون آهن ته اتي به عورت ۽ مرد جي وچ ۾ مختلف مسئلن جي حوالي سان ڇڪتاڻ جا ڌار ڌار ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. حقن جي حاصلات جي ڀيٽ ۾ اناپرستي جي ڪري ذهني انتشار کي پڻ هٿي ملي آهي ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به مرد ۽ عورت جي وچ ۾ طلاق يا عليحدگيءَ جو تناسب غير ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو رهيو آهي.
سنڌي معاشري جو تجزيو ڪنداسين ته اها ڳالهه واضع ٿي آڏو ايندي ته اسان جو معاشرو طبقاتي آهي. مختلف طبقا جيڪي اقتصادي طور ڪٿي حد کان وڌيڪ طاقتور آهن ته اتي هيٺين طبقن جي وچ ۾ عورت جي حقن جو مسئلو بلڪل الڳ حيثيت رکي ٿو. ڏتڙيل طبقن جا گهريلو مامرا وڏي پيماني تي جلد ظاهر ٿي پون ٿا. جهڙوڪ ٽن ڪپڙن ۾ ڇوڪريءَ جو گهران نڪرڻ يا ساهراڻي گهر ۾ ڏاڍ جو شڪار ٿيل ننهن جو معاملو به معاشرتي تنگ نظري جي باعث ميڊيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻجي ٿو ۽ عام ماڻهو آڏو اچي ٿو.
ڪارو ڪاري وارو مسئلو به ڪو ايترو معمولي نوعيت جو مسئلو نه آهي ان جي پويان ڪيترائي نفسياتي، اخلاقي ۽ معاشي معاملا آهن. مال ملڪيت وارو ماڻهو پنهنجي ذات يا برادري ۾ نياڻي لاءِ مناسب رشتو نه ملڻ جي صورت ۾ ڌيءَ کي ويهاري ڇڏي ٿو ۽ مرد جي خرابين جو سهارو وٺندي نياڻي جي قرآن پاڪ سان شادي ڪرائي ٿو جنهن کي حق بخشرائڻ جو نالو ڏنو ويندو آهي. مرد پنهنجي مال و ملڪيت کي بچائڻ لاءِ ٻيا ڪي غير مناسب طريقا ڳولهي ٿو ۽ اهڙن حقيقتن جا نتيجا اسان کان ڳجھا ناهن. خود پرستي ۽ انا پرستي جو جنون جڏهن تمام گهڻو زور وٺي ويندو آهي ته پوءِ اهو هڪ نفسياتي بيماري جي صورت ۾ معاشري ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي.
سنڌي معاشري ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي مال و ملڪيت ۽ زمين جي ورڇ کي حقدار ۾ ورهائڻ جي ڊپ کان قانون کي هٿ ۾ کڻندي قتل و غارت ڪرڻ کان به نه ٿا ڪيٻائن. برادري ۾ ڳاٽ اونچو ڪرڻ لاءِ نياڻيءَ تي ڪارپ جو الزام مڙهي سرخرو ٿين ٿا. مذهبي تاريخ جو جائزو وٺبو ته اسلام ئي اڪيلو مذهب آهي جنهن ۾ عورت ۽ مرد جي حقن ۾ توازن رکيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مذهب جا ڪجهه انتهاپسند حلقا عورت جي رُتبي جو بظاهر ته احترام ڪن ٿا پر ان جي سماجي ۽ اخلاقي حقن جي ڏس ۾ سندن جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار نظر نه ٿا اچن.
اسان جي ملڪ ۾ جنرل ايوب جي آمريت واري ڏينهن ۾ فيملي لا آندو ويو هو جنهن ۾ گهرو تڪرار جي لاءِ مفاهمت جي رويي کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هئي. فيملي لا هڪ انڌو ڪاڻو نظام جوڙيو ويو هوجيڪو تسلي بخش نتيجا ڪونه ڏيئي سگهيو. هو ان دور ۾ به ڪن انتهاپسند حلقن فيملي لا جي ڪجهه شقن تي اعتراض ڪيو هوان تي هڪ اڻ وڻندڙ سماجي صورتحال پيدا به ٿي ٿ ٿي هئي. هاڻي به پنجاب حڪومت عورتن جي تحفظ جو جيڪو بل ويجهر بحال ڪيو آهي ان ۾ عورت جي ڪجهه بنيادي حقن کي بحال ڪرڻ جي ڳالهه ضرور ڪئي ويئي آهي پر ان بل ۾ ڪجهه ڳالهيون غير منطقي ۽ مشتعل ڪندڙ آهن، جهڙوڪ زال مڙس جي وچ واري گهرو تڪرار تي مڙس کي گهر کان تڙي ڪڍڻ وارو نڪتو تڪرار کي گهٽ ڪرڻ بدران گهريلو جهڳڙي کي وڌيڪ وڌائڻ جو سبب بڻبو هيو
مڃيون ٿا دنيا ۾ ڪٿي به آئيڊيل معاشرو ڪونهي، پر جيڪڏهن ڪنهن خطي جي تاريخ ۽ ثقافتي حالتن کي سامنهن رکندي ڪو نظريو قائم ڪيو ويندو ته بهتريءَ جا امڪان نظر ايندا.
مرد ۽ عورت جي وچ واري ازدواجي زندگي جو بهتر دارومدار اخلاقي نفسيات تي پڻ آهي جيڪو معاشي پاڻ ڀرائيءَ جو گهرجائو آهي. معاشري ۾ جيستائين عورت کي مالي طور پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا ويندا تيستائين هن مرداڻي سماج ۾ عورتن جي حقن لاءِ پاس ٿيل ڪوئي به قانون مددگار ثابت ٿي نه سگهندو.
هن جديد دور جي بدليل روايتن سان مقابلو ڪندي اڄ جي عورت ذهني ڪشمڪش کي منهن ڏيندي به پاڻ سان سلهاڙيل رشتن ناتن جي ذميدارن کي ڀرپور ۽ بهترين نموني سان پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهي ٿي. شادي کان رهجي ويل نياڻيون ڀاڄائين ۽ معاشري جي پر تذليل روين کي منهن ڏيندي اڪثر نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ شادي شده عورتون وري ڏاج جي مسئلن ۾ مڙس جي نظر انداز هئڻ جي ڪري اڪثر ساهرن هٿان ذليل ٿينديون رهن ٿيون.
هن جديد دور ۾ پير پائيندڙ اڄ جي مرد کي پنهنجي روايتي سوچ کان هٽي ڪري عورت جي بنيادي حقن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪرڻ گهرجي ڇو ته عورت کي پنهنجي جاگير سمجهڻ واري سوچ کي هاڻي يقينن تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي