بلوچستان جي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي موڙ تي بيٺي آهي جتي سوال رڳو سياست جو نه، پر اخلاقي جواز ۽ عوامي اعتماد جو به آهي. عوامي نبض کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي تازو هڪ اهڙو فيصلو ڪيو آهي جنهن سنجيده حلقن ۾ وڌيڪ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي واقعي اهو بار کڻي سگهندي جيڪو شفيق مينگل جهڙي تڪراري شخصيت جي صورت ۾ ان جي ڪلهن تي رکيو پيو وڃي؟ خضدار جي تڪ NA-256 مان پيپلز پارٽي جي اميدوار طور اوچتو سامهون ايندڙ هي نالو بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن لاءِ ڪو اوپرو ناهي. هن ڪردار جو ماضي ايترو ته تڪراري ۽ سنگين الزامن ۽ ثابت ٿيل ڏوهن سان ڀريل آهي جو ان تي خاموشي اختيار ڪرڻ هڪ سوال بڻجي وڃي ٿو. پيپلز پارٽي، جيڪا پاڻ کي جمهوريت ۽ عوامي حقن جي جماعت چوي ٿي، هاڻي ساڳي شخصيت کي پنهنجي سياسي سفر جو ساٿي بڻائي رهي آهي. اهو فيصلو نه رڳو حيران ڪندڙ آهي پر ان جا سياسي ۽ اخلاقي اثر به گهڻا دور رس ٿي سگهن ٿا.
بلوچستان تاريخي طور رواداري، قبائلي وقار، مذهبي هم آهنگي ۽ سياسي شعور جي سرزمين رهي آهي. هن خطي ۾ اختلاف ضرور رهيا آهن، پر حق ۽ باطل جي سڃاڻپ هميشه واضح رهي آهي. هتي انتقام عزت ۽ طاقت کان وڌيڪ روايت کي اهميت ڏني وئي آهي. پر گذريل ٻن ڏهاڪن دوران هن ماحول ۾ هڪ تلخ تبديلي محسوس ڪئي وئي آهي. مذهب، جهاد، حب الوطني ۽ قومي سلامتي جهڙا لفظ اهڙن عنصرن پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا آهن، جن جا عمل پاڻ انهن نعرن جي نفي ڪندا نظر اچن ٿا.
سن 2000 کان 2025 تائين بلوچستان ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ دهشتگردي ۽ شدت پسندي جا ڪيترائي وڏا واقعا پيش آيا. انهن ۾ 2010 ۾ خضدار ڊگري ڪاليج جي شاگردن جي ريلي تي حملو، 2011 ۾ توتڪ آپريشن ۽ جبري گمشدگين جا الزام، 2014 ۾ توتڪ مان اجتماعي قبرن جي دريافت جتان 169 لاشون مليون، 2015 ۾ شڪارپور امام بارگاهه حملو ۽ صفورا گوٺ بس سانحو، 2016 ۾ ڪوئيٽا سول اسپتال تي وڪيلن جو المناڪ قتل عام، پوليس ٽريننگ ڪاليج حملو ۽ شاهه نوراني درگاهه تي خودڪش ڌماڪو، 2017 ۾ جهَل مگسي جي فتح پور مزار ۽ سيهون شريف تي حملا، 2024 ۾ مستونگ ۾ 12 ربيع الاول جي جلوس تي بم ڌماڪو، ۽ 2025 ۾ بي اين پي جي ڌرڻي ۽ ڪوئيٽا ۾ تعزيتي جلسي تي خودڪش حملو شامل آهن.
اهي واقعا رڳو خبرن تائين محدود نه رهيا، پر انهن بابت جاچون، ايف آءِ آرز ۽ مختلف تحقيقاتي رپورٽون به موجود آهن. ڪيترين تحقيقن ۾ بار بار هڪ ئي جغرافيائي مرڪز ۽ هڪ ئي نالي جو ذڪر سامهون ايندو رهيو آهي وڍ باڊڙي ۽ شفيق مينگل. شفيق الرحمان مينگل جو تعلق خضدار جي علائقي وڍ باڊڙي سان آهي ۽ هو اڳوڻي نگراں وزيراعليٰ بلوچستان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير پيٽروليم محمد نصير مينگل جو پٽ آهي. سندس شروعاتي تعليم لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۾ ٿي، پر پوءِ هو مذهبي تعليم لاءِ ڪراچي جي هڪ مدرسي سان سلهاڙجي ويو. ان دور کي سندس زندگيءَ ۾ هڪ وڏي فڪري تبديلي جي شروعات سمجهيو ويندو آهي.
1990ع واري ڏهاڪي ۾ سندس باري ۾ اهڙا الزام سامهون آيا ته هو ڪراچي جي ڀتا مافيا ۽ بعد ۾ مختلف جهادي حلقن سان رابطن ۾ رهيو. ساڳئي عرصي دوران مٿس منشيات جي اسمگلنگ، اغوا براءِ تاوان ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين جا الزام به لڳندا رهيا. 2000ع واري ڏهاڪي ۾ بلوچستان ۾ وڌندڙ شورش دوران مختلف هٿياربند گروهن جي قيام ۽ سرگرمين جي حوالي سان به سندس نالو بحث هيٺ ايندو رهيو. ساڳئي عرصي ۾ مسلح دفاع ۽ پوءِ حق نا توار جهڙا نالا سامهون آيا، جن بابت ناقدين جو چوڻ آهي ته اهي گروهه بلوچ سياسي ڪارڪنن خلاف ڪاررواين ۾ ملوث رهيا.
2008 کان 2013 تائين خضدار ۽ ڀرپاسي ۾ مسخ ٿيل لاشن جي ملڻ، جبري گمشدگين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن سڄي بلوچستان کي لوڏي ڇڏيو. شاگردن، صحافين، وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتلن هن خطي ۾ خوف جي فضا پيدا ڪئي. 2014 ۾ توتڪ مان اجتماعي قبرن جي دريافت اهڙو واقعو هو جنهن عالمي سطح تي به پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ٽربيونل به قائم ڪيو ويو ۽ ڪيترن شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. بعد وارن سالن ۾ صفورا ڳوٺ سانحي، شڪارپور امام بارگاهه حملي ۽ ٻين دهشتگرد واقعن جي جاچ دوران ڪجهه ملزمن جي بيانن ۾ وڍ جو ذڪر به سامهون آيو. بهرحال انهن الزامن جي مڪمل عدالتي تصديق يا حتمي قانوني فيصلو اڄ تائين عوام آڏو نه اچي سگهيو آهي.
2018 کان پوءِ شفيق مينگل سياسي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ جهالاوان عوامي پينل جي نالي سان سياسي سرگرميون شروع ڪيون. ان باوجود سندس چوڌاري تڪرارن جو دائرو ختم نه ٿي سگهيو.
2025 ۾ حق نا توار جي نالي سان جاري ٿيل ڪجهه بيانن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن به نئين بحث کي جنم ڏنو، خاص طور تي ان وقت جڏهن بلوچستان ۾ ڪجهه دهشتگرد حملن کان پوءِ تجزيه نگارن هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻن نيٽ ورڪن ڏانهن اشارو ڪيو.
هي سمورو پس منظر هن سوال کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿو: آخر اهڙي شخصيت کي پيپلز پارٽي پنهنجي پليٽفارم تي جاءِ ڇو ڏني؟ پيپلز پارٽي جي سياست هميشه عوامي حمايت ۽ مظلوم طبقن جي دفاع جي بيانيي تي بيٺل رهي آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ساڳي جماعت جي پليٽفارم تي اهڙو نالو سامهون اچي جنهن جي چوڌاري سنگين الزامن جو طوفان موجود هجي ته اهو رڳو سياسي فيصلو نه رهندو، پر هڪ اخلاقي امتحان بڻجي ويندو. ڇا پيپلز پارٽي واقعي بلوچستان ۾ پنهنجي ساک کي داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي؟ ڇا هي فيصلو رڳو چونڊ حڪمت عملي آهي يا ڪنهن وڏي سياسي ٺاهه جو حصو؟ ۽ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته بلوچستان جا ماڻهو هن فيصلي کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا؟ سياسي پارٽيون عارضي فائدي لاءِ فيصلا ڪري سگهن ٿيون، پر تاريخ اهڙن فيصلن کي تمام باريڪي سان پرکي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ڪردار جي چوڌاري ايترا سنگين سوال موجود هجن ته سياسي جماعتن جي ذميواري بڻجي ٿي ته هو وضاحت پيش ڪن، نه ته خاموشي اختيار ڪن
بلوچستان اڳ ئي ڏهاڪن کان بي اعتمادي، تشدد ۽ سياسي تجربن جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن تڪراري ڪردارن کي مرڪزي سياست ۾ جاءِ ڏني وڃي ٿي ته اهو نه رڳو جمهوريت، پر خود رياستي استحڪام لاءِ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي هن فيصلي جو دفاع ڪيئن ڪري ٿي. ڇا هو عوام کي قائل ڪري سگهندي ته اهو فيصلو درست آهي؟ يا وري ايندڙ وقت ۾ اهو سوال پاڻ پيپلز پارٽي لاءِ هڪ سياسي بار بڻجي ويندو؟ في الحال هڪ ڳالهه واضح آهي: بلوچستان جا ماڻهو سڀ ڪجهه ڏسي به رهيا آهن ۽ ياد به رکي رهيا آهن۔