جڏهن وقت جي موسم ٿورو ناسازگار ٿي ته سنگھه پريوار جي منافقت جا سڀ رنگ لهي ويا. هٿ ۾ جيڪو ترشول نڪتو، اهو رڳو مسلمانن جي رت سان ڀريل نظر آيو. وڏو شور هو ته ڀارت ايران جو دوست آهي، پر جڏهن ايران تي مشڪل وقت آيو ته اهو دوست وڃي اسرائيل جي هنج ۾ ويهي رهيو. ان سان ثابت ٿيو ته ڀارت ڪڏهن به ايران جو حقيقي دوست هو ئي نه. اهو ته ايران جي آستين جو نانگ هو، جنهن وقت اچڻ تي ايران کي ڏنگي ڇڏيو. هي ڌوڪو ايترو شديد هو جو خود ڀارت اندر به ان جي خلاف آواز اٿڻ لڳا آهن. سونيا گانڌي کان وٺي جئه رام رميش تائين ڪيترن ئي اڳواڻن نريندر مودي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
چيو پيو وڃي ته مودي ايران کي وڪڻي اسرائيل ۽ صهيونيت کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪا جي رٽائرڊ فوجي آفيسر ڪرنيَل ڊگلس موجب اسرائيل هن وقت به ڀارت جون بندرگاهون استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ ايران تي ٿيندڙ حملن ۾ ڀارت جون سامونڊي حدون استعمال ڪيون ويون آهن. اهو به چيو پيو وڃي ته مودي ڀارت جي قومي مفادن کي نظرانداز ڪري پنهنجي ڪاروباري دوستن جي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. البت ڀارت ۽ هندوتوا جي ڪاروباري شاونسٽ مفادن جي ٽڪراءُ اسان جو موضوع ناهي؛ ان تي پوءِ ڪڏهن بحث ڪري سگهجي ٿو.
هن وقت اصل موضوع اهو آهي ته ڀارت، جيڪو ايران جو دوست سڏبو هو، ڪيئن ايران جي آستين جو نانگ نڪتو. ايران به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته مشڪل وقت ۾ ڪير سندس دوست ثابت ٿيو ۽ ڪير دشمن. گلي محلن ۽ سوشل ميڊيا تي ويهي پرڏيهي پاليسي تي اندهي تنقيد ڪندڙ ڪجهه بيوقوف ماڻهو هر معاملي کي سستي شهرت ۽ ريٽنگ جي نظر سان ڏسندا آهن. انهن جي خواهش هوندي آهي ته پرڏيهي پاليسي به انهن جي سوشل ميڊيا پوسٽن جي حساب سان طئي ڪئي وڃي. اهي ماڻهو ميچ جي راند وانگر هر وقت تبصرا ڪندا رهن ٿا ۽ سمجهندا آهن ته حڪومت کي هر اها حماقت ڪرڻ گهرجي جنهن تي هو تاڙيون وڄائي سگهن. ڪنهن حد تائين انهن جي دنيا کوهه جي ڏيڏر وانگر رڳو سوشل ميڊيا جي کوهه تائين محدود ٿي وئي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪافي ڪامياب آهي.
جڏهن پاڪستان چوي ٿو ته ايران ڄاڻي ٿو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون، ته ان ڳالهه ۾ هڪ وزن آهي. ايران تي جڏهن پهريون حملو ٿيو ته ڇا ٿيو؟ ايران جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي حق ۾ شڪريي جا نعرا لڳايا ويا.
هاڻي جڏهن ايران تي ٻيو حملو ٿيو آهي ته گڏيل قومن ۾ ايراني نمائندي ٽن ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو، جن مان هڪ پاڪستان به آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي لاءِ اهي ٻه شاهديون ئي ڪافي آهن. اهو ممڪن ناهي ته سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پرڏيهي پاليسي کي جذباتيت، حماقت ۽ جهالت جو مجموعو بڻايو وڃي. جنهن ملڪ تي حملو ٿيو آهي ۽ جنهن تي مصيبت نازل ٿي آهي، اهو خود پاڪستان جو شڪريو ادا ڪري رهيو آهي. ڇا اهو بنا سبب پاڪستان جو شڪريو ادا ڪري رهيو آهي؟ مشڪل وقت ۾ ئي خبر پوي ٿي ته ڪير دوست آهي ۽ ڪير آستين جو نانگ. نريندر مودي ايران لاءِ اهڙو ئي آستين جو نانگ ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن ماضي کي ورجائجي ته اها هڪ ڊگهي داستان آهي ته ڀارت ڪيئن ايران سان منافقاڻي دوستي رکندي پاڪستان کي ان جي قيمت چڪائڻ تي مجبور ڪيو. پر هن وقت اهم ڳالهه اها آهي ته ايران جي پٺ ۾ خنجر ڀارت ئي هنيو آهي. اهو به ڪو اتفاق ناهي ته هڪ طرف مودي اسرائيل جو دورو ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ اسرائيل ايران تي تباهه ڪن حملا شروع ڪري ٿو. هي اصل ۾ هندوتوا ۽ صهيونيت جو خطرناڪ اتحاد آهي، جنهن جو نتيجو اڄ ايران ڀوڳي رهيو آهي، ۽ سڀاڻي ٻيا ملڪ به ڀوڳي سگهن ٿا، جيڪي اڄ مودي ۽ ڀارت کي پنهنجو دوست سمجهن ٿا.
مودي نه ته ايران تي پهرين حملن جي مذمت ڪئي ۽ نه ئي ٻيهر ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪئي. هن صرف انهن حملن جي مذمت ڪئي جيڪي ايران طرفان ڪيا ويا. هندوتوا جي پاليسي ايتري تيزي سان رنگ بدلائي ٿي جو شايد گرگٽ به ايتري تيزي سان رنگ نه بدلائي. اڄ مودي متحده عرب امارات سان وڏي خيرخواهي ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته ڪالهه ساڳي خيرخواهي ايران سان به ڏيکاري رهيو هو. حقيقت اها آهي ته نه هندوتوا ڪنهن مسلمان ملڪ جو سچو دوست ٿي سگهي ٿو ۽ نه صهيونيت. ٻنهي نظريائن ۾ مسلمان دشمني هڪ گڏيل خاصيت طور موجود آهي. هاڻي جڏهن اهي ٻئي نسل پرست ۽ فتنو پيدا ڪندڙ نظريا گڏ ٿي رهيا آهن ته اسلامي دنيا لاءِ چئلينج وڌيڪ وڌندا. ايران تي حملو انهن چئلينجن جي شروعاتي صورت آهي، جيڪا اڳتي هلي وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.
اسرائيل مسلم دنيا کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ ڪيترائي فالس فليگ آپريشن به ڪري سگهي ٿو. چيو پيو وڃي ته سعودي عرب ۾ جيڪي حملا ٿيا، انهن بابت هاڻي حقيقت سامهون اچي رهي آهي ته اهي ايران نه ڪيا هئا.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهڻ گهرجي. پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان خيرخواهي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪردار جي واکاڻ ٿيڻ گهرجي، نه ته سوشل ميڊيا تي اهو تماشو لڳايو وڃي ته ڦلاڻو بيان ڇو نه ڏنو ويو يا ڦلاڻو بيان ڇو ڏنو ويو. پاڪستان ڀارت نه آهي، جيڪو اهڙي صورتحال ۾ اندروني خبث جو اظهار ڪري. پاڪستان هن وقت خيرخواهي جو مثال آهي. اهو هر مسلمان ملڪ جو ڀلو چاهي ٿو. سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا خاص نوعيت جا آهن؛ دفاعي معاهدو به آهي ۽ ان سرزمين سان مذهبي عقيدت به آهي. ساڳئي وقت ايران به هڪ برادر اسلامي ملڪ ۽ پاڙيسري آهي، جنهن تي ناجائز حملو ٿيو آهي.
پاڪستان ڪا اهڙي عالمي طاقت به ناهي جو سڌو آمريڪا سان ٽڪرائجي. پاڪستان کي جيڪو به قدم کڻڻو آهي، اهو حڪمت ۽ بصيرت سان کڻڻو آهي. سوشل ميڊيا جون وڌڪيون هڪ الڳ دنيا آهن، جڏهن ته پرڏيهي پاليسي بلڪل الڳ ميدان آهي. جيڪڏهن هن وقت ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاملا گهڻي حد تائين سنڀالي ورتا ويا آهن ته اها پاڪستان جي هڪ اهم ڪاميابي آهي. پاڪستان خيرخواهي جي علامت آهي.