آمريڪا جي مسلم حڪمرانن خلاف جنگ جي تاريخ

منظور کوسو

وچ اوڀر جون حالتون گذريل ڪافي عرصي کان سخت ڇڪتاڻ جو شڪار آهن جنهن جو هڪ وڏو سبب  خطي ۾ آمريڪي مفاد ۽ اسرائيل کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي۔ امن عالم جي دعويدار صدر ٽرمپ 20جنوري 2025 تي اقتدار سنڀاليو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ستن ملڪن تي بمباري ڪرڻ جا حڪم ڏئي چڪو آهي۔ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا گڏيل حملا، ايران ۾ اسڪول تي بمباري، سوين ماڻهن سميت ايران جي 86 سالن جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سندس ٻچڙن ۽ ايران جي اعليٰ فوجي ۽ سياسي قيادت کي نشانو بڻائڻ ايترن سارن واقعن کان  پوءِ هاڻي هن ڳالهه ۾ ڪو مونجهارو نه ٿيڻ گهرجي ته ڪير دنيا جي امن لاءِ خطرو بڻيل آهي ۽ ڪير مختلف بهانا گهڙي دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي۔

هڪ ملڪ جو ٻئي پرامن ملڪ تي بنا جواز حملو ان کي دهشتگردي سڏيو وڃي ٿو، هن قسم جي جارحيت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي۔ جيڪڏهن ڪا رياست ڄاڻي واڻي ڪنهن ملڪ تي جنگي ڪاروايون ڪري يا شهري آبادي کي نشانو بڻائي ته عالمي قانون موجب ان جو محاسبو ٿيڻ گهرجي پر دنيا ۾ هن وقت آمريڪا ۽ اتحادي عالمي قانونن کي مست هاٿي جيان پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن ۽ گڏيل قومن جو ادارو انهن اڳيان بلڪل بيوس ۽ لاچار بڻيل آهي ماضي ۾ به غزه مسئلي تي ان جو ڪردار بيوسي وارو رهيو آهي ۽ هاڻي به ساڳي ڳالهه آهي۔ جيستائين او آءِ سي جو تعلق آهي ته مسلمان ملڪ پاڻ ۾ دست و گريبان ۽ اڪثر آمريڪا جي ڇٽي هيٺ پاڻ کي محفوظ ٿا سمجهن ۽ ايران انهن ۾ اڪيلو آهي۔

ايران جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سعودي عرب، قطر، بحرين،ڪوويت، ابوظهبي ۾ آمريڪا جا فوجي اڏا قائم آهن ۽ هن جنگ ۾ ايران انهن اڏن کي به نشانو بڻائي رهيو آهي جنهن ڪري  ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، هونئن به جيڪڏهن گهڻو پوئتي نه وڃون ته به مسلمان ملڪن جا حڪمران ٽن ڏهاڪن کان آمريڪي مفادن لاءِ هڪٻئي خلاف استعمال ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن اهي هڪٻئي خلاف استعمال نه ٿين ها ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ ٻين اڳواڻن جو اهڙيريت اسرائيل- آمريڪا بمباري ۾ مرڻ سولو نه هجي ها۔ 2003 کان دنيا ڏسي ٿي ته جوهري خطرو ۽ عالمي امن جا نعرا هڻندي آمريڪا جڏهن به جتي به چاهي ڪاهي پوي ٿو کيس ڪو به روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪين آهي۔سڄي اسلامي دنيا ۾ اڪيلو ملڪ ايران آهي جو سخت پابندين جي باوجود به هن جي آڻ نه مڃي رهيو هو ان کي جهڪائڻ لاءِ پهرين ته اندروني طور ايران جي ماڻهن کي ڪافي ڀڙڪايو ويو پر جڏهن آمريڪا کي اتان به ڪي گهربل نتيجا نه مليا ته پنهنجي پالتو اسرائيل سان گڏ ايران تي هڪ فيصلا ڪن جنگ مڙهي ڇڏيائين۔ هتي به آمريڪا جو بيانيو اهو ئي آهي جنهن کي هن 2003 ۾ عراق تي حملي جو جواز بڻايو هو يعني وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائيندڙ نيو ڪليئر هٿيار، عراق جي قيادت کي چونڊي چونڊي مارڻ ۽ هڪ خودمختيار رياست کي تباهه ڪرڻ کان  پوءِ واضح ٿيو ته اتي اهڙي ڪنهن به قسم جا ڪي هٿيار ڪونه هئا۔

صدام حسين جي ڦاسي کان  پوءِ عراق ۾ جيڪو خلا پيدا ٿيو اهو اڄ ڏينهن تائين ڀرجي نه سگهيو آهي۔ عراق جي ماڻهن جن ان وقت صدام حسين جي خلاف ۽ آمريڪا جي حق ۾ ريليون ٿي ڪڍيون اڄ هر لحاظ کان سخت پريشان آهن۔ جيڪڏهن هن وقت ايران جا ڪجھه ماڻهو رجيم چينج لاءِ عراقين جهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا ته  پوءِ اڄ انهن کي عراق ۽ ليبيا جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي ته صدرصدام حسين ۽ ڪرنل قذافي کان  پوءِ عراق ۽ ليبيا ڪيتري ترقي ڪئي۔ عراق جو عوام هڪ  ڊگهي عرصي کان بدامني، فرقيواراڻي فسادن ۽ داعش جهڙين تنظيمن کي منهن ڏئي رهيو آهي تيل جي دولت هئڻ باوجود ڪرپشن ۽ انتظامي بدعنواني زورن تي آهي جنهن ڪري بيروزگاري به ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اڄ جي ڀيٽ ۾ صدام حسين جي دور ۾ ماڻهو وڌيڪ سکيا ستابا هيا ۔2011ع ۾ ليبيا ۾ بغاوت ٿي نيٽو گڏيل قومن جي هڪ قرارداد کان  پوءِ باغين جي مدد ڪرڻ لاءِ فضائي بمباري شروع ڪري ڏني۔ڪرنل قذافي ته باغين هٿان ماريو ويو پر ليبيا به تيل جي دولت سان مالامال هئڻ باوجود ماڻهو  گهرو ويڙهه ۽ بدامني جو شڪار رهيا

هن وقت جيتوڻيڪ مسلح گروپن ۾ جنگ بندي ٿي چڪي آهي پر  پوءِ به ماڻهو محفوظ ڪين آهن۔ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي۔ قذافي کان  پوءِ ماڻهن اڄ ڏينهن تائين سک جو ساهه نه کنيو ۽ ملڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو۔ساڳي مشق آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏ ايران ۾ دهرائڻ گهري ٿو جيتوڻيڪ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجڻ بابت ڪا واضح رپورٽ ڪونه ڏني آهي پر هتي به عراق وارو بيانيو استعمال ڪيو پيو وڃي،جيڪڏهن ايراني ماڻهو به عراقين ۽ لبنانين جيان آمريڪا لاءِ استعمال ٿي ويا ته  پوءِ هڪ اڻڄاڻ مدي تائين سندن تباهي مقدر هوندي۔تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا هميشه مفاد حاصل ڪرڻ کان  پوءِ پنهنجن دوستن کي عبرتناڪ انجام جو نشانو بڻايو آهي رضا شاه پهلوي کان عراق جي صدر صدام حسين ۽ تازو افغاني طالبان تائين جا مثال اسان جي سامهون آهن سوويت يونين جي زوال کان  پوءِ ڪالهھ جا مجاهد سڏيا ويندڙ بدترين آمريڪي جنگ جو نشانو بڻيا ۽ مجاهدين مان دهشتگرد سڏجڻ لڳا۔مسلمان ملڪن جا پاڻ ۾ اختلاف ۽ ڪنهن امڪاني دشمن کان بچڻ لاءِ آمريڪا جي مڪروه چادر  ۾ پناهه وٺڻ اها پناهه ئي ڪنهن زوال ۽ تباهي کان گهٽ ڪين آهي هڪٻئي پٺيان عرب ملڪن جي تباهي،غير يقيني صورتحال،اندروني فساد،سياسي عدم استحڪام ۽ هاڻي بين الاقوامي قانونن جي لتاڙ ڪندي ايران ۾ خونريز بمباري ڪرڻ جنهن ۾ سوين معصوم شهري به شهيد پيا ٿين اهو سڀ ڪجھه خطي ۾ اسرائيل کي مضبوط تحفظ ۽ خطي جي دولت تي هٿ صاف ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ ڪين آهي۔عراق تي چڙهائي وقت اتان جي شيعا آبادي مستقبل جي تباهين کي نظرانداز ڪندي تاڙيون پئي وڄايون اڄ وري اها تباهي ايران تي مسلط ڪئي پئي وڃي ۽ مخالف تاڙيون پيا وڄائين!! ايران کان  پوءِ وري ڪنهن ٻئي جو وارو به اچي سگهي ٿو۔ مسلمان ملڪن جي حڪمرانن کي آمريڪا بابت پنهنجن پاليسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر ويچارڻ گهرجي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.