پاڪ افغان جنگ ۽ ڪجهه زميني حقيقتون

شيـراز پراچـه

پاڪستاني فوج ۽ طالبان جي ڪجهه گروهن وچ ۾ هلندڙ چڪريون  اهڙو رخ به اختيار ڪري سگهن ٿيون، جيڪو افغانستان اندر اڳ ئي غير مقبول طالبان لاءِ فائدي جو سبب بڻجي وڃي. ساڳئي وقت اهو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ته ڪو ٻيو پاڪستان مخالف گروهه ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالي سگهي ٿو.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نارمل لاڳاپن ۽ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي ته افغانستان ڊيورنڊ لائين کي بين الاقوامي سرحد طور قبول ڪري ۽ خلوص دل سان پاڪستان کي هڪ الڳ ۽ خودمختيار ملڪ تسليم ڪري. ان سان گڏوگڏ افغانستان کي پنهنجي سرزمين کي پاڪستان مخالف عنصرن ۽ انهن جي سرگرمين کان پاڪ ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف پاڪستان کي به افغانستان کي پنهنجو صوبي جهڙو علائقو سمجهڻ ۽ اتي پنهنجي پسند جون ڪٺ پتلي حڪومتون قائم ڪرڻ واري پاليسي ترڪ ڪرڻي پوندي ۽ اسٽريٽجڪ ڊيپٿ جهڙن منصوبن کي هميشه لاءِ خيرآباد چوڻو پوندو.

طالبان نسلي طور پٺاڻ آهن، پر اهي افغان عوام جي اڪثريت جا نمائندا ناهن. افغانستان جي لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ آباديءَ مان پٺاڻن جو تناسب لڳ ڀڳ 40 کان 45 سيڪڙو آهي، جڏهن ته غير پٺاڻ قومون مجموعي آباديءَ جو 50 کان 55 سيڪڙو آهن. انهن ۾ لڳ ڀڳ 27 کان 30 سيڪڙو تاجڪ، 10 سيڪڙو هزارا، 9 کان 10 سيڪڙو ازبڪ ۽ باقي ترکمان، بلوچ ۽ ٻيون قومون شامل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته تاجڪستان کان وڌيڪ تاجڪ افغانستان ۾ آباد آهن. پاڻ پٺاڻن جي وڏي اڪثريت به طالبان ۽ انهن جي انتهاپسند سوچ جي حامي ناهي. پر هڪ اقليتي ۽ غير نمائندگي ڪندڙ گروهه طور طالبان کي پاڪستان ٻه ڀيرا بندوق جي زور تي افغانستان تي مسلط ڪيو، جنهن جا نتيجا هاڻي پاڻ پاڪستان کي ڀوڳڻا پيا آهن.

افغان عوام پاران طالبان کي ناپسند ڪرڻ جا ٽي بنيادي سبب بيان ڪيا وڃن ٿا:

1) طالبان جو پاڪستان سان لاڳاپو:

افغانستان ۾، ڀلي اهي پٺاڻ هجن يا تاجڪ، ازبڪ، هزارا يا ٻيا، وڏي انگ ۾ ماڻهو پاڪستان کي پنهنجي مسئلن ۽ ملڪ جي تباهي جو ذميوار سمجهن ٿا. افغان پٺاڻن 1893ع جي ڊيورنڊ لائين کي تسليم نه ڪيو ۽ ڪيترن ئي افغانن پاڪستان جي پٺاڻ علائقن کي افغانستان جو حصو سمجهيو. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام وقت افغان حڪومت ان کي تسليم نه ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ به مخالفت ڪئي.قيام پاڪستان کان اڳ صوبي سرحد (هاڻوڪو خيبر پختونخواهه) ۾ پاڪستان يا ڀارت سان الحاق بابت 1947ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو. ان وقت خدائي خدمتگار تحريڪ ۽ آل انڊيا ڪانگريس جي حمايت سان ڊاڪٽر خان صاحب جي حڪومت هئي، جنهن ريفرنڊم جو بائيڪاٽ ڪيو. بهرحال اڪثريت پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ صوبو پاڪستان جو حصو بڻيو.

پاڪستان جي قيام کان پوءِ گورنر جنرل محمد علي جناح صوبي سرحد جي ڪانگريسي حڪومت کي برطرف ڪيو، جنهن سان پٺاڻ قومپرستن ۾ ناراضگي پيدا ٿي. افغان حڪومت ان ناراضگي مان فائدو وٺندي پختونستان جي تحريڪ جي حمايت ڪئي. 1960 ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سردار دائود خان ان تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ڪيترائي پٺاڻ قومپرست اڳواڻ ڪابل ۾ رهيا.

1980ع ۾ سوويت يونين خلاف افغان جهاد دوران پاڪستان آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان مذهبي شدت پسنديءَ کي هٿي ڏني. ان عمل ۾ پٺاڻن کي اوليت ڏني وئي ۽ گلبدين حڪمت يار ۽ ٻين اڳواڻن کي هٿي ڏني وئي. 1994ع ۾ طالبان کي به اهڙي ئي سوچ تحت اڀاريو ويو. افغان عوام جو هڪ وڏو حصو طالبان کي پاڪستاني پيداوار سمجهي ٿو، تنهنڪري انهن تي مڪمل اعتماد نٿو ڪري.

2) غير پٺاڻ افغانن جي ناراضگي:

افغانستان ۾ نسلي بنيادن تي ورهاست نئين ڳالهه ناهي. 1950 کان 1970ع تائين سرڪاري پاليسين ذريعي غير پٺاڻ علائقن ۾ پٺاڻ آباد ڪيا ويا، جنهن سان تاجڪ، ازبڪ ۽ هزارا قومن ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي. بعد ۾ سوويت جنگ ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي سرپرستيءَ هيٺ پٺاڻ جهادي ڌڙن ۽ پوءِ طالبان جي اڀار سان اها خيانت جو احساس وڌيڪ وڌيو.

اڄ صورتحال اها آهي ته ڪيترائي افغان، ڀلي پٺاڻ هجن يا غير پٺاڻ، طالبان جي تنگ نظري، عورتن بابت پاليسين ۽ طاقت جي زور تي قائم حڪومت کان ناراض آهن ۽ ان صورتحال جو ذميوار پاڪستان کي سمجهن ٿا.

3) غير چونڊيل حڪومت:

طالبان جي حڪومت چونڊيل نه آهي، بلڪه طاقت جي بنياد تي قائم ڪئي وئي. ان جي قيام تي پاڪستاني قيادت پاران خوشيءَ جو اظهار به تنقيد جو سبب بڻيو. پر هاڻي پاڪستان ۽ طالبان وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ پاڪستاني فوج انهن ئي گروهن سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جن کي ماضي ۾ مختلف مرحلن تي حمايت حاصل رهي.

طالبان پاڪستان خلاف پٺاڻ ڪارڊ کي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستاني فوج کي پنجابي فوج سڏين ٿا، جڏهن ته سرحدي حملا وڌائي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻاهرين قوتون به پنهنجا مفاد ڏسنديون.نتيجي طور، پاڪستان ۽ طالبان جي وچ ۾ جنگ طالبان خلاف عوامي نفرت گهٽائي به سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان مخالف حلقا انهن جي حمايت ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف، جيڪڏهن طالبان ڪمزور ٿين ٿا ته افغانستان ۾ ڪو ٻيو پاڪستان مخالف، پر شايد گهٽ مذهبي شدت پسند گروهه اقتدار سنڀالي سگهي ٿو. اهڙي ريت طالبان جي فتح هجي يا شڪست، ٻنهي حالتن ۾ پاڪستان لاءِ چئلينج برقرار رهندا.آخرڪار، خطي جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي خودمختياري جو احترام ڪن، سرحدي تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪن ۽ پراڪسي پاليسين کي ختم ڪن. ڇو ته افغانستان ۾ بدامني جو اثر سڌو سنئون پاڪستان تي پوي ٿو، ۽ پاڪستان جي بيچيني افغانستان کي به متاثر ڪري ٿي. پائيدار امن جو رستو صرف باهمي اعتماد، سفارتڪاري ۽ حقيقت پسند پاليسين مان نڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.