وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ ٽيون ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ سنڌ جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي رٿائن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. رپورٽن موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پ پ وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي جماعت آهي. حڪومت ۾ شامل جماعتن جي گڏيل سهڪار سان ئي قومي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو. ان ملاقات ۾ وڏي وزير سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. جنهن تي وزيراعظم چيو ته وفاق، سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو. ان حوالي سان هن واسطيدار وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي صوبائي حڪومت سان رابطو رکن ته جيئن عوامي فلاح جي منصوبن ۾ تيزي اچي سگهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ٿيل ان ملاقات کي ان ڪري به اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو ته ان ملاقات کان اڳ ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي سخت نشانو بڻائيندي ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ حڪومت ۾ پڻ اختلاف شديد ٿي چڪا هيا. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ان مطالبي خلاف ٺهراءُ به پيش ڪيو ويو ۽ منظور به ڪيو ويو ته نه سنڌ ۾ ڪو ٻيو صوبو ٺهندو ۽ نه ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو ويندو. اهي به خبرون هلي رهيون هيون ته سنڌ حڪومت وفاق جي نمائندي گورنر ڪامران ٽيسوري جي شڪايت به وفاقي حڪومت کي ڪندي ته اهو گورنر هائوس کي سنڌ ۾ نئين صوبي بڻائڻ واري سازش جو ڳڙهه بڻائي رهيو آهي. ٻئي پاسي امڪاني 28 هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو گهٽائڻ ۽ 18 هين ترميم کان پوءِ وفاق کان صوبن کي مليل ڪجهه اختيار ۽ وزارتون واپس وفاق کي ملڻ جي حوالي سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ چوٽ چڙهيل اختلافن جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون هيون. هوڏانهن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ ڪراچي جي مسئلن، حقن ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ٿيل تڪرار ۾ پ پ جي اڳواڻن جو اهو موقف هو ته ڪراچي جا ترقياتي منصوبا ان ڪري سست رفتاري جو شڪار آهن جو وفاق طرفان گهربل فنڊ وقت سر نٿا ملن سو ايم ڪيو ايم بجاءِ ان جي ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري اها پاڻ به جيئن ته ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊر آهي ته ۽ وفاقي حڪومت جو حصو آهي ته ان کي پڻ وفاق کان ڪراچي لاءِ فنڊ وٺڻ جي ڪوششن ۾ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جيڪو نٿو ڏنو وڃي.
ان سياسي پس منظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ ٿيل ملاقات ۽ ان ملاقات ۾ وزيراعظم جو سنڌ حڪومت کي اهو يقين ڏيارڻ ته وفاقي حڪومت صوبن ۽ پنهنجي حڪومتي اتحادين کي گڏ کڻي هلندي جو ان ۾ ئي قومي ترقي آهي ۽ ان جو اهو چوڻ ته سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ وفاق هر قسم جو سهڪار ڪندي يقينن هڪ سٺو سنوڻ آهي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته ملڪ جي پارلياماني ۽ اقتداري جماعتن کي جمهوريت جي مفاد ۾ هر لحاظ کان هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته وفاق کي وڏي دل جو مظاهرو ڪري ننڍن صوبن جو خيال ڪندي سندن سڀني حقن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ان حوالي سان ويجهي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي اڳڀرائي پ پ ۽ مسلم ليگ وچ ۾ ٿيل ”ميثاق جمهوريت“ آهي جنهن کان پوءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي جو سخت حريف جماعتون هئڻ بدران جمهوريت جي مضبوطي جي هڪ ”نُڪتي“ تي سهڪاري ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪو ملڪ جي پارلياماني نظام لاءِ تمام وڏو بريڪ ٿرو آهي جنهن ملڪي جمهوريت کي ڪنهن حد تائين محفوظ هٿن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ان عمل جو سهرو محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو جن کي هڪڙن تلخ تجربن کان پوءِ احساس ٿيو ته انهن ٻنهي جماعتن پنهنجين جماعتن لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي نه رڳو پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي هنئي پر ان سان گڏوگڏ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو. تنهن ڪري آخرڪار اهي ٻئي تجربيڪار اڳواڻ ميثاق جمهوريت تي آيا ۽ ان کان پوءِ اهو به معجزو ڏسڻ ۾ آيو ته ٻئي هڪٻئي جون ڪٽر مخالف جماعتون ”گڏجي حڪومت“ ڪرڻ لڳيون آهن.
انهن جماعتن جي اتحاد جو ۽ گڏجي حڪومت ڪرڻ جو اهو به فائدو ٿيو آهي ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وفاق ۽ سنڌ جا لاڳاپا به ڪافي بهتر ٿي چڪا آهن ۽ ٽيون ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ به اهڙي سهڪاري رويي جي جهلڪ نظر آئي. سو اهو طئي آهي ته هن ملڪ ۽ جمهوريت جي مضبوطي ان ۾ آهي ته سڀ پارلياماني جماعتون پارٽي مفادن کان وڌيڪ پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي مضبوطي واري نُڪتي تي متحد ٿين ۽ وفاق توڙي صوبن جا لاڳاپا سهڪاري هجن. ان حوالي سان اسان وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٽيون ڏينهن واري ٿيل ملاقات تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته وفاق ۽ سنڌ جا لاڳاپا اڳتي به عملي طور ايئن ئي سهڪاري نظر ايندا. جنهن سان مجموعي طور تي وفاق ۽ سنڌ کي فائدو رسندو ۽ گڏوگڏ ان سان جمهوريت به مضبوط ٿيندي.
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جمهوريت جو ثمر سڌو سنئون عوام کي ملندو به نظر اچي جئين عوام کي به اهو احساس ٿئي ته جمهوري جماعتن جيڪڏهن هڪٻئي سان سهڪار ڪيو آهي، پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو آهي ۽ گڏجي حڪومت ڪن ٿيون ته ان سان عوام کي سڌو سنئون فائدو به رسي رهيو آهي. مثال طور سياسي بي يقيني ناهي رهي، ملڪ ۾ امن آهي، روزگار به آهي ۽ ترقياتي ڪم به ٿي رهيا آهن ته پرڏيهي سيڙپ ڪاري به ٿي رهي، ترقياتي ڪم تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي وغيره. جيڪڏهن عوام کي جمهوريت مان اهڙو سڌو سنئون فائدو يا ثمر نٿو ملي ته پوءِ سمجهبو ته جمهوريت مان عوام کي ڪو فائدو ناهي سو اهڙو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ به پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي وڏين اقتداري جماعتن طور پنهنجي پنهنجي ذميواري سنجيدگي سان ۽ چئنلنج ڪري ادا ڪرڻ گهرجي.