پپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم: ڪجهه لڪيل حقيقتون

تحرير: مظهر عباس

اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ متحده قومي موومينٽ جي باني الطاف حسين، ٻنهي سياسي طور هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ چاهيو ٿي. ان لاءِ 1987ع جي بلدياتي چونڊن کان اڳ سنجيده ڪوشش به ٿي، پر بدقسمتي سان ڪجهه قوتن ائين ٿيڻ نه ڏنو. ان ۾ رڪاوٽ پاڻ پپلز پارٽي جي ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻ به بڻيا. اها شروعات هئي 90 عزيز آباد ۽ 70 ڪلفٽن وچ ۾ وڌندڙ فاصلي جي. ٻي صورت ۾ محترمه پاڪستان واپسي کان هڪ سال اڳ ئي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ موجود پپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن کي اهو پغام موڪليو هو ته ايم ڪيو ايم جي دوستن جو خيال رکجو، اسان کي گڏ هلڻو آهي. اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن الطاف حسين جيل ۾ هو. اڄ نه اها پپلز پارٽي رهي آهي ۽ نه اها ايم ڪيو ايم؛ هڪ رڳو سنڌ تائين محدود آهي ۽ ٻي فارم 47 تي بيٺل آهي. اصل ڪهاڻي ڇا آهي ۽ اهو مسئلو ڪيئن حل ٿي سگهي ٿو؟

اپريل 1986ع ۾ بي بي وطن موٽي آئي ته سندس تاريخي استقبال ڏسي ضياءَ جي ايوانن ۾ هلچل مچي وئي. محترمه جتي به ويندي هئي، لکين ماڻهو سندس آجيان لاءِ موجود هوندا هئا. جنرل ضياءَ بي بي کي روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت جي گهرو وزير چوڌري شجاعت حسين فورس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته پنجاب جو وزيراعليٰ ميان نواز شريف تيار هو. ٻئي پاسي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل حميد گل اهو بيانيه ٺاهيو ته فوج اندر بيچيني آهي، ڇاڪاڻ ته محترمه جا ارادا انهن جنرلن خلاف آهن جن کي هوءَ ڀٽو جي ڦاسي جو ذميوار سمجهندي هئي، ۽ اقتدار ۾ اچي انتقام وٺي سگهي ٿي. تنهنڪري پنجاب ۾ جاڳ پنجابي جاڳ جهڙو نعرو آندو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور جا لساني فساد ٻيهر اڀارڻ جي ڪوشش ٿي. ان جي شروعات ڪوٽا سسٽم جي مدي ۾ ڏهه سال واڌ سان ڪئي وئي، جنهن جي مدي 1984ع ۾ ختم ٿيڻ واري هئي.

مهاجر قومي موومينٽ جي قيام جي پسِ پرده حمايت ڪئي وئي ۽ محترمه جي واپسي کان ڪجهه مهينن پوءِ آگسٽ 1986ع ۾ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي جلسي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. مذهبي سياسي جماعتن کي ته 1985ع جي غيرجماعتی چونڊن کان پوءِ ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪمزوري جو اندازو ٿي ويو هو، پر ان جلسي واضح پغام ڏنو. اهم ڳالهه اها هئي ته الطاف حسين جي تقرير جو مرڪز سنڌي-مهاجر اتحاد هو ۽ نشانو پنجاب يعني وفاق هو. ڪيترن کي ياد هوندو ته پ آءِ اي جو جهاز جڏهن جلسي مٿان گذريو ته هن ڇا چيو هو. ان جلسي کان پوءِ سائين جي ايم سيد ۽ الطاف حسين ويجهو آيا، جنهن ۾ متحدہ جي اختر رضوي مرحوم اهم ڪردار ادا ڪيو. پوءِ اوچتو اهو اتحاد ڪيئن ٽوڙيو ويو؟ ان بابت ان وقت جو وزيراعليٰ سيد غوث علي شاهه بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن کان سهراب ڳوٺ آپريشن روڪرايو ويو.

تنهن هوندي به ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سياسي مقبوليت جو صحيح اندازو نه هو. جڏهن 1987ع ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿيو ته الطاف حسين بي بي سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس هدف جماعت اسلامي کي شڪست ڏيڻ هو. پر پپلز پارٽي جي ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻن جي نظر ۾ الطاف رڳو هڪ شاگرد اڳواڻ هو ۽ سندس جماعت ڪا وڏي جماعت نه هئي. بدقسمتي سان بلدياتي چونڊن بابت پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اعتماد پدا نه ٿي سگهيو. پ پ پ، جيڪا 1979ع ۽ 1983ع جي بلدياتي چونڊن ۾ عوام دوست نالي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي هئي، ايندڙ ميئر بابت پراعتماد هئي، پر ايم ڪيو ايم سڀني کي حيران ڪندي ڪاميابي ماڻي. بي بي پوءِ فوري طور ڪراچي جي پارٽي اڳواڻن کان سخت پڇاڻو ڪيو.

معاملو اتي ختم نه ٿيو. ان لاءِ 1988ع جي چونڊن ۽ ان کان اڳ وارن واقعن جو جائزو ضروري آهي. پنجاب ۾ پ پ پ ۽ بي بي جي مقبوليت کي روڪڻ لاءِ اسلامي جمهوري اتحاد (آءِ جي آءِ) جنرل حميد گل ٺهرايو، جنهن جي قيادت ميان صاحب کي ڏني وئي ته جيئن پنجاب ۾ مقابلو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ خونريز راند کيڏي وئي ۽ چونڊن کان ٿورو اڳ 30 سيپٽمبر 1988ع تي حيدرآباد ۾ ڏينهن ڏٺي 150 ماڻهو، جن ۾ گهڻا اردو ڳالهائيندڙ هئا، قتل ڪيا ويا. ردعمل طور سنڌي ڳالهائيندڙن کي نشانو بڻايو ويو. ڪيس هليو، جوابدار بري به ٿيا، پر سوال اڃا به موجود آهي ته اصل قاتل ڪير هئا ۽ ٻيهر جاچ ڇو نه ٿي؟

1988ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ واضح طور پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ورهائجي ويو. ان پس منظر باوجود ٻنهي وچ ۾ لکت ۾ معاهدو ٿيو، پر پوءِ وارن واقعن مان ظاهر ٿيو ته نه بي بي کي وزيراعظم طور مڪمل طور قبول ڪيو ويو ۽ نه ئي پ پ پ–ايم ڪيو ايم معاهدي کي. 1989ع ۾ بي بي خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آندي وئي ته انهن ئي قوتن ايم ڪيو ايم جا ووٽ وٺڻ لاءِ نواز شريف ۽ الطاف حسين وچ ۾ معاهدو ڪرايو، جيڪو شايد الطاف حسين جي وڏي سياسي غلطي هئي. تحريڪ ناڪام ٿي، پر بي بي کي سڀ کان وڌيڪ مايوسي ايم ڪيو ايم جي رويي تي ٿي.

1990ع ۾ بي بي جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ ڌانڌلي ٿيل چونڊن کان پوءِ مسلم ليگ جي حڪومت آئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي به حصو مليو، پر اهو هني مون جلد ختم ٿيو ۽ 1992ع ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن شروع ٿيو. هاڻي متحدہ نه پ پ پ سان وڃي سگهي ٿي نه مسلم ليگ سان. اها ايم ڪيو ايم جي زوال جي شروعات هئي، جنهن ۾ 1994ع جو آپريشن، 1998ع جو گورنر راڄ ۽ 2013ع جو آپريشن شامل آهن. جنرل پرويز مشرف ڪجهه سهارو ڏنو، پر هاڻي ايم ڪيو ايم جي واپسي تقريباً ناممڪن لڳي ٿي. هن سموري عرصي ۾ پ پ پ به وفاقي سطح تي محترمه جي شهادت کان پوءِ پنهنجي ساک برقرار نه رکي سگهي. 2008ع ۾ ڪاميابي باوجود 2013ع کان پوءِ پنجاب ۽ ڪي پ ۾ تقريباً ختم ٿي وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ فارم 47 جي بنياد تي حڪومت ڪري رهي آهي.

سنڌ جو مسئلو لساني نه، پر سياسي آهي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا اختلاف اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جا اختلاف ناهن. انهن کي هوا ڏيڻ جو مقصد پنهنجي نااهلي لڪائڻ آهي. سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سنجيده سوال موجود آهن. ڪرپشن عروج تي آهي ۽ خراب گورننس واضح نظر اچي ٿي. حل 18هين ترميم ۾ موجود آهي: مضبوط ۽ مڪمل بااختيار مڪاني حڪومتون، ڪراچي ميٽروپوليٽن ۽ ميئر جو سڌو سنئون چونڊ. ٻيا مطالبا رڳو وڌيڪ خونريزي ڏانهن وٺي ويندا، جنهن جو فائدو شايد انهن ٻنهي کي ٿئي، پر صوبي سنڌ کي نه ٿيندو تنهن ڪري  خدا جي واسطي، هاڻي بس ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.