ادي زبيده گهانگهرو تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي

تحرير: ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

     زبيده گهانگهرو سنڌ جي اها گمنام سورمي هئي جنهن پنهنجي سڄي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ هن 14 سالن جي عمر ۾ محراب پور ۾ ڪاليج جي مطالبي جي ڏوھ ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ حميده گهانگهرو سان گڏ جيل ڪاٽيو ۽ پوءِ عملي طور شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي.

خاندان (ماءُ) جي خوشي خاطر ٻالڪپڻي ۾ طئ ڪيل رشتو نڀائڻ لاءِ زندگيءَ جو ٻليدان ڏنائين. شروع ۾  چند مهينا ته سياست توڙي سماجي سرگرمين کان ناتو ٽوڙي گهر تائين محدود رهي پر سندس ترقي پسند سوچ سندس محدود آمدنيءَ سان گهر جي ٻين روايتي عورتن جي وچ ۾ ڪٺ پتلي بڻجي ويهڻ گوارا نه ڪيو. ۽ گهر جي معاشي حالتن سڌارڻ لاءِ ۽ مڙس جي ڀرجهلو ٿيڻ خاطر هوءَ  اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي. ان دوران پنهنجي خاندان لاءِ وفادارين ۽ قربانين جو مثال رهي.

 پنهنجي جاکوڙي ۽ ظلم خلاف مزاحمتي طبيعت سبب اتي به خاموشي سان ويهڻ بدران ٽيچرس ايسوسيئيشن ۾ تمام گهڻي سرگرم رهي. سکر ۾ آپا زبيده نه رڳو استادن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور جدوجهد ۾ اڳواڻ رهي، بلڪه هن انتهائي محنت سان ڪيترين ئي روايتي ٽيچرس کي ايسوسيئيشن ۾ سرگرم ڪري ايسوسيئيشن کي منظم ۽ سگهاري ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. نه رڳو ايترو پر مختلف احتجاجن دوران پوليس ۽ رينجرس آڏو استادن جي بچاءُ لاءِ ڍال بڻي رهي. استادن جي کنڀجڻ تي وڏين وڏين طاقتن کي للڪاريائين. سندس انهن خدمتن جي گواهي سکر جو هر اهو استاد ڏيندو جنهن کيس وڏن وڏن ڍينگن آڏو شينهن وانگر گجندي ڏٺو، ٻڌو ۽ استادن جو دفاع ڪندي ڏٺو آهي.

ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري پنهنجي ڌيئرن کي لڳي ٿو ته جدوجهد، جاکوڙ، ارڏائي برداشت ۽ ناحق آڏو بيباڪئي سان مقابلي ڪرڻ جون سڀ ستيون دڪي ۾ پياريون هونديون جو ڀيڻ حميده توڙي زبيده رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود زندگيءَ جي هر موڙ تي هر حال ۾ عوام جي حقن لاءِ جاکوڙينديون رهيون. اهو ئي سبب آهي جو ڀيڻ زبيده نوجوان ۾ شاگرد تحريڪ، ملازمت دوران امپلائيز/ ٽيچرس ايسوسيئيشن ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ هيومن رائيٽس پليٽفارم تي انساني حقن جي حاصلات لاءِ پتوڙي رهي آهي عورتون آهن جيڪي هن سماج توڙي هن ڌرتيءَ جو اثاثو آهن. هي حقيقي سورميون آهن جن کي نه ته ڪنهن ايوارڊ جي بک آهي نه وري ڪنهن مڃتا جي آس يا اوسيئڙو… هي ڌرتيءَ  جا آهي بيچين روح آهن جن کي ايستائين سک سان ويهڻ نه ايندو جيستائين هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ، جبر، نا انصافي، اڻبرابري ۽ ظلم آهي.

 ادي زبيده منهنجي ماءُ ڄائي ڀيڻ ضرور آهي پر ان کان وڌيڪ هن سان منهنجو رشتو هن ڌرتيءَ جي وطن پرست، عوام پرست، لوئيء جي لڄ جو مان رکندڙ ڀيڻ وارو آهي. بلاشڪ ادي زبيده گهانگهرو سنڌ جي سورمي آهي.جيڪا سکر اسپتال ۾ غلط آپريشن وگهي اسان کان جسماني طور ضرور وڇڙي وئي آهي پر  سندس شخصي تاريخ کيس هميشه زنده رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.