پاڪ افغان مسئلي جو حل جنگ نه پر ڳالهيون آهن

تحرير: علي محمد ڍلون

پاڪستان هڪ ڀيرو وري خودڪش حملن جي جواب ۾ افغانستان اندر ست هنڌن تي سرجيڪل اسٽرائيڪس ڪيون آهن۔ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال شايد ٿي نه سگهي۔ هن وقت به ٻنهي ملڪن جو عوام حيران آهي ته آخر ٿي ڇا رهيو آهي؟ ڪٿي ڪو ٽين ڌر ته ان مان فائدو نٿو کڻي؟ ڇو ته سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ٻنهي پاسي ڪلمو پڙهندڙ هڪ ٻئي جا لاش کڻي رهيا آهن، ۽ اسان کي اها به خبر ناهي ته اهو سلسلو ڪيتري وقت تائين جاري رهندو؟ آخر ڪيتري وقت تائين مائرن جون جهوليون اُجڙنديون رهنديون، دهشتگرد ٻارن کي يتيم ۽ عورتن کي بيوه ڪندا رهندا؟

وڏي ڳڻتي جي ڳالهه اها به آهي ته حملا نعره تڪبير چئي ڪيا وڃن ٿا۔ اها صورتحال عام، سادن مسلمانن کي الجهائي ڇڏي ٿي۔ ڇا افغانستان کي پاڻ نه سوچڻ گهرجي ته ان جي سرزمين تي پاڪستان دشمن ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڇا پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي گڏ ويهي پنهنجا تڪرار حل نه ڪرڻ گهرجن؟ آخرڪار ٻئي اسلامي ملڪ آهن، صدين کان گڏ رهيا آهن، ۽ هڪ ٻئي کانسواءِ رهي به نٿا سگهن۔ اسان جي طرفان هن معاملي تي ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون ويون آهن۔ چيو وڃي ٿو ته هن فساد ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن، جيڪي افغانستان ۾ ويٺا آهن۔ افغانستان جي عالمن به ان ڳالهه کي ناجائز قرار ڏنو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿئي۔ ان جي باوجود حملا بند نٿا ٿين۔ پاڪستان پنهنجي طور تي اتان جي حڪومت سان بار بار رابطو ڪيو۔ نه رڳو ايترو، پر  ترڪي ۽ چين جهڙن دوست ملڪن کي به ٽياڪڙي طور شامل ڪيو ويو، ته جيئن طالبان قيادت کي باور ڪرايو وڃي ته سندن سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي۔ پر اهي سڀ ڪوششون ناڪام رهيون۔ آخرڪار پاڪستان کي مجبور ٿي پاڻ ئي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻو پيو  پر پوءِ به مان اهو ئي چوندس ته مسئلا طاقت سان نه، پر ڳالهين سان حل ٿيندا آهن۔ ها، عارضي طور مسئلا روڪي سگهجن ٿا، پر اهو مستقل حل ناهي۔ جيڪڏهن يقين نه اچي ته تاريخ ڏسو: سڄو يورپ پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ وڙهي، آخرڪار ميز تي ويهي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا۔

پاڪستان جيڪڏهن طاقت جو مڪمل استعمال ڪرڻ چاهي ته اهو به شايد ممڪن نه هجي۔ اهڙيون ننڍيون ننڍيون اسٽرائيڪس ڪرڻ سان مسئلو ڪينسر وانگر وڌندو رهندو۔ بهرحال افغانستان سان اسان جا مسئلا نوان ناهن۔ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان وقت به افغانستان اسان کي تسليم نه ڪيو هو، ۽ جنهن سبب تسليم نه ڪيو ويو، ان تي به ڪڏهن سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ٿي۔ ان کان علاوه افغانستان اڄ تائين Durand Line کي باضابطه طور تسليم ناهي ڪيو۔ هن مسئلي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته سرحدي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ بيچيني جو وڏو سبب اهو ئي آهي۔ اهي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن۔

 اسان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي کانسواءِ گهڻو وقت نٿو رهي سگهي۔ جيڪڏهن 1947ع وانگر ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو ته اهو به ڪو بهتر حل ناهي۔ نتيجي تي پهچڻ جو واحد رستو ڳالهه ٻولهه آهي۔ موجوده طالبان حڪومت جي موجودگي ۾ مڪالمو شايد مشڪل هجي، پر ان مشڪل کي حل ڪرڻ ئي پاڪستاني قيادت جي صلاحيت جو امتحان هوندو۔جيڪڏهن دٻاءُ وڌايو به وڃي ته به ڪنهن ٽئين ڌر کي گڏ رکڻ گهرجي، جيڪو ڳالهين کي ترجيح ڏئي۔ ان حوالي سان قطر کان به مدد ورتي وڃي سگهي ٿي، يا ڪنهن اهڙي ملڪ کان، جنهن سان طالبان پاڻ کي آرامده محسوس ڪن۔ افغانستان جا عبوري حڪمران شايد ان ڳالهه جو ادراڪ نٿا رکن ته سندن پاليسيون رڳو سندن اقتدار لاءِ نه، پر اڳ ئي تباهه حال افغان عوام لاءِ به اذيت جو سبب بڻجن ٿيون۔ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان واپس ويندڙ افغان مهاجر هاڻي ذهني طور بدلجي چڪا آهن۔ هو پنهنجي ڌيئرن کي تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا، امن چاهين ٿا، ڪاروبار چاهين ٿا۔

ٻئي طرف ڪجهه افغان اڳواڻ پاڪستان دشمني ۾ ايترا انڌا ٿي ويا آهن جو مستقبل ڏسي نٿا سگهن۔ اهو سچ آهي ته ڪو مسلمان ٻئي مسلمان جي موت تي خوشي نٿو ڪري سگهي۔ پر اهو به سچ آهي ته جنهن مسلمان جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو مسلمان محفوظ نه هجي، اسلام ان جي روڪٿام جو حڪم ڏئي ٿو۔ خدانخواسته جيڪڏهن هي جنگ وڌي وئي ته اسان ڇا ڪنداسين؟ روز اسان پنهنجا شهيد ڏسون ٿا، روز پنهنجا ٻار ڏسون ٿا۔ اهو سلسلو ڪيتري وقت تائين هلندو؟ جڏهن کان آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو، يعني لڳ ڀڳ پنجويهه ورهين کان، اسان هر روز شورش ۽ بدامني ڏسي رهيا آهيون۔ هاڻي تحريڪ طالبان پاڪستان جهڙن گروهن جي هٿان مارجي ويل ماڻهن جا لاش کڻي کڻي اسان جا ڪلها ٿڪجي چڪا آهن۔نفرت جي باهه ٻنهي پاسي ايتري وڌي چڪي آهي، جو ان جو اظهار ڪرڪيٽ ميچن دوران به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي ٻنهي ملڪن جا تماشائي هڪ ٻئي خلاف سخت جذبات رکن ٿا۔ سوشل ميڊيا تي به اهو رويو صاف نظر اچي ٿو۔ تنهن ڪري هن مسئلي کي جيترو جلد ٿي سگهي حل ڪيو وڃي۔ جيڪو به هن مسئلي کي حل ڪندو، اهو ئي اصل هيرو هوندو۔ خدارا هن مسئلي جي نزاڪت کي سمجهو ۽ هوش کان ڪم وٺو، نه ته ٻنهي ملڪن جا عوام ۽ ايندڙ نسلون هڪ ٻئي سان وڙهنديون ئي رهنديون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.