ٽرمپ جي ساراهه تي ڀروسو نه ڪيو وڃي

تحرير: سيد مجاھد علي

واشنگٽن ۾ غزه لاءِ قائم ڪيل ’بورڊ آف پيس‘ جي پهرئين اجلاس ۾ صدر ٽرمپ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي جي تعريف ۽ ساراهه ۾ وڏي دل سان لفظ استعمال ڪيا آهن. تنهن هوندي به پاڪستان جي حڪومت کي خبردار رهڻ گهرجي ته ٽرمپ جهڙي اڳواڻ جا ساراهه ڀريا لفظ ڪنهن به وقت پنهنجو رخ تبديل ڪري سگهن ٿا. انهن کي ڪنهن مضبوط آمريڪي پاليسي جو اشارو سمجهڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي۔

امن بورڊ جي اجلاس ۾ 47 ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به شامل هئا، جڏهن ته فلسطيني اٿارٽي يا حماس کي هن اجلاس ۾ نمائندگي حاصل نه هئي. تنهن ڪري في الحال هن امن بورڊ يا ان جي ڪارڪردگي بابت ڪا راءِ ڏيڻ ممڪن ناهي. پاڪستان پنهنجي عرب دوست ملڪن سان مشاورت کان پوءِ هن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي ته جيئن اتي غزه جي مستقبل بابت فلسطيني ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪري سگهجي. البته عملي طور هن بورڊ جي ڪارڪردگي جو دارومدار حماس سان ٿيل معاهدي تي هوندو، ته جيئن هو رضاڪارانه طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ۽ نئين عالمي فورس کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي. پر جيڪڏهن هن واعدي تي عمل نه ٿيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طاقت جي زور تي حماس کي غير مسلح ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا۔

پاڪستاني ميڊيا ۾ هن بورڊ بابت رپورٽنگ ۾ صدر ٽرمپ پاران شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ساراهه ۽ پاڪ-ڀارت جنگ ۾ ڀارتي جهازن جي تباهي جو ذڪر نمايان رهيو. ٽرمپ هاڻي هي انگ وڌائي 11 ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ هن شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو جنگبندي نه ڪرائي ها ته اڍائي ڪروڙ ماڻهو مارجي وڃن ها. واضح رهي ته ڀارت صدر ٽرمپ جي هن ڪردار کي تسليم نٿو ڪري، پر آمريڪي صدر پنهنجي دعويٰ تي قائم آهي ته هن جنگبندي ڪرائي. شهباز شريف پنهنجي تقرير ۾ ٽرمپ جي انهن دعوائن جي تائيد ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن جنگ وڌي ها ته ڪروڙين ماڻهو مارجي سگهن ها. ان کان سواءِ هن ٽرمپ جي ساراهه ۾ مبالغو ڪندي کيس امن جو فرشتو قرار ڏنو، جنهن جو اجر الله ئي ڏيندو۔

ٽرمپ خودستائي جي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ شهباز شريف کي خوشامد ۾ مهارت حاصل آهي. پر ڪنهن اجلاس ۾ ڪيل تقريرن کان هٽي ڪري پاڪستان جي حڪومت کي فلسطين ۽ علائقي ۾ پنهنجن اسٽرٽيجيڪ ۽ سفارتي مقصدن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ نه ئي ٽرمپ جي مبالغن کي حقيقت سمجهي آمريڪا کي سرپرست ۽ سچو دوست سمجهڻ جي غلطي ڪرڻ گهرجي. آمريڪا وانگر ٽرمپ به تعريف يا تنقيد خاص مقصدن لاءِ ڪندا آهن. تنهن ڪري اهو بي معنيٰ آهي ته ٽرمپ ڪنهن اڳواڻ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.