حيدرآباد ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نالي سان روڊ ۽ واٽر فلٽر پلانٽ منسوب

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي طرفان عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نالي سان حيدرآباد، قاسم آباد ۾ ھڪ روڊ ۽ واٽر فلٽر پلانٽ لڳايو ويو آھي. ڪالهه يوسي چيئرمين اقبال سومرو، آصف پل، نذير قريشي، رضا خان سواتي ، ارض منگي، ڪامريڊ سارنگ ڄام سميت ڪامريڊ جي ساٿين افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته حيدرآباد جي هڪ روڊ کي عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ نسيم نگر ۾ ڪامريڊ جي نالي سان پهريون واٽر فلٽر پلانٽ پڻ لڳايو ويو آهي. ھنن حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي جي هن شاندار قدم کي ساراهيندي چيو ته هي وقت ان جمهوريت جو آهي، جيڪا ڪيترن ئي لکين پورهيتن، جمهوريت پسندن ۽ ڪامريڊ اڳواڻن جي قربانين سان بيٺل آهي. ھنن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن اڳواڻن جو نالو زنده رکڻ اصل ۾ ان جدوجهد کي زنده رکڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.