حيدرآباد ۾ اسڪول جو آفيس ڪلارڪ رشوت وٺندي گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر)اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد ڊويزن جي ڊائريڪٽر عمران حسن ڏاوچ جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن پوليس رشوت خلاف ڪامياب ٽريپ ڪارروائي ڪندي سرڪاري نيشنلائيزڊ مدرسته  البنات هاءِ اسڪول حيدرآباد جي آفيس ڪلارڪ محمد عارف کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو، هي ڪارروائي اينٽي ڪرپشن جي انسپيڪٽر آغا حسين، سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ 12 حيدرآباد جي نگراني ۾ ٿي، شڪايت مسمات غزاله شاهين ميمڻ داخل ڪرائي هئي، جنھن موجب جوابدار رٽائرمينٽ جي ڪاغذن ۾ فنگر پرنٽس جو مسئلو ڄاڻائي، کانئن ڪميٽيشن ۽ ٻين رهتن مان 60 سيڪڙو حصو طلب ڪيو ۽ ادائيگي نه ٿيڻ تي پينشن روڪڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، شڪايت موجب جوابدار 16 لک رپيا اڳ ئي وصول ڪري چڪو هو ۽ وڌيڪ 5 لک رپين لاءِ بليڪ ميلنگ ڪري رهيو هو، اينٽي ڪرپشن ٽيم مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ 30 هزار رپيا روڪ ۽ 4 لک 50 هزار رپين جي چيڪ تي ٻڌل نشان لڳايل رقم ٽريپ لاءِ تيار ڪئي، مقرر وقت تي شڪايت ڪندڙ جوابدار جي طلب موجب رقم ادا ڪئي، جنهن بعد ڇاپو ھڻندڙ ٽيم فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ رشوت جي رقم سندس قبضي مان هٿ ڪري ورتي، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.