رمضان المبارڪ جي مهيني کي رحمت، برڪت ۽ همدردي مهينو سڏيو ويندو آهي، تنهن ئي مهيني جي جي آمد جي موقعي تي ملڪ ۾ مهانگائي جو هٿرادو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي، جيڪو نه رڳو ماڻهن جي کيسي تي بار وڌي ٿو، پر سندن دلين ۾ به بيچيني، بي اعتمادي ۽ محروميءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو۔ هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿيڻ گهرجن ۽ واپارين جي چهري تي منافعي بدران خدمت جو جذبو نمايان هئڻ گهرجي، پر افسوس جو هر سال وانگر هن سال به رمضان جي چنڊ نظر اچڻ کان اڳ ئي کنڊ، اٽو، چانور، دالون، سبزيون، ميوا ۽ گوشت سميت روزمره استعمال جون شيون اهڙيءَ ريت مهانگيون ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته هي مهينو عبادت جو نه پر ناجائز منافعي ڪمائڻ جو مهينو هجي۔ سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۾ پيداوار گهٽجي وئي آهي؟ ڇا گودامن ۾ اناج ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا مارڪيٽن تائين سامان پهچڻ بند ٿي ويو آهي؟ يا وري اها هڪ منظم هٿرادو رٿابندي آهي، جنهن تحت رمضان کي واپارين ۽ منڊي مافيا لاءِ سنهري موقعو بڻايو وڃي ٿو؟ هتي هر سال ايئن ئي ٿيندي ڏٺو وڃـي ٿو ته چنڊ جي اعلان کان ڪجهه ڏينهن اڳ هول سيل مارڪيٽن ۾ سامان غائب ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو، اگهه آهستي آهستي وڌايا وڃن ٿا ۽ جڏهن حڪومت قيمتون مقرر ڪرڻ جا اعلان ڪري ٿي ته پرچون وارا سرڪاري اگهن تي سامان ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا۔
رمضان جي مهيني جو فلسفو ئي اهو آهي ته انسان پنهنجي خواهشن تي ضابطو سکي، بک ۽ اڃ جو احساس ڪري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقي سان همدردي پيدا ڪري۔ پر جڏهن ساڳيو معاشرو غريبن مان به ناجائز منافعو ڪمائڻ لڳي ته پوءِ اها رڳو اقتصادي بي حسي نه پر اخلاقي زوال جي علامت بڻجي وڃي ٿي۔ هٿرادو مهانگائي اصل ۾ رڳو قيمتن جو وڌڻ نه آهي، اها هڪ سماجي بي رحمي آهي، جنهن ۾ ذخيره اندوزي، منافع خوري ۽ قانون جي ڪمزور عملداري گڏجي عوام جي زندگي کي عذاب بڻائين ٿا۔ اسان وٽ هر سال سرڪاري سطح تي رمضان بازارن، سبسڊي اسڪيمون، پرائس ڪنٽرول مجسٽريٽ ۽ چيڪنگ مهمن جا اعلان ٿين ٿا، ڇاپا لڳن ٿا، ڪجهه دڪانن تي ڏنڊ لڳن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ ماحول ۾ سنجيدگي نظر اچي ٿي۔ پر جيئن ئي نگراني جو زور گهٽجي ٿو، بازارون ٻيهر پنهنجي پراڻي روش تي هلي وڃن ٿيون۔ ان جو سبب رڳو انتظامي نااهلي ناهي، پر اها به حقيقت آهي ته منڊي جي طاقتور حلقن سان حڪومت جي ٽڪر کائڻ جي همت گهٽ نظر اچي ٿي۔ اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رمضان کان اڳ ئي سپلائي چين ۾ هڪ مصنوعي بحران پيدا ڪيو وڃي ٿو۔ وڏا واپاري ۽ گودام مالڪ سامان روڪي ويهن ٿا، مارڪيٽ ۾ کوٽ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو ۽ پوءِ وڌايل اگهن تي مال وڪرو ڪيو وڃي ٿو۔ هي هڪ پراڻو طريقو آهي، جيڪو هر سال نئين شدت سان ورجائجي ٿو۔ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت وٽ ان سموري عمل جي ڄاڻ آهي ته پوءِ مؤثر قدم ڇو نٿا کنيا وڃن؟ ڇا رڳو بيان جاري ڪرڻ ۽ نوٽيس وٺڻ سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا؟
هڪ ٻيو الميو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اگهن جي ڪا واضح ۽ هڪجهڙي فهرست موجود ناهي۔ هڪ ئي پاڙي ۾ مختلف دڪانن تي هڪ ئي شيءِ جا مختلف اگهه آهن۔ گراهڪ جڏهن پڇا ڳاڇا ڪري ٿو ته کيس جواب ملي ٿو ته مارڪيٽ مان ئي مهانگو پيو اچي۔ پر مارڪيٽ ڪير آهي؟ اهو اڻ ڏٺل ۽ اڻ سڃاتل هٿ ڪير آهي جيڪو هر سال رمضان کان اڳ قيمتن کي پر لڳائي ٿو؟ جيڪڏهن مارڪيٽ جي نالي تي عوام کي لٽڻ جو سلسلو جاري رهندو ته پوءِ حڪومت جي رٽ ۽ قانون جي عملداري تي سوال اٿندا رهندا۔ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته مهانگائي صرف واپارين جي حرص جو نتيجو ناهي، پر پاليسي جي ڪمزورين جو به عڪس آهي۔ جيڪڏهن زرعي پيداوار جي صحيح منصوبابندي نه ٿيندي، اسٽوريج جو شفاف نظام نه هوندو، ۽ منڊي تائين سڌي رسائي جا طريقا مضبوط نه ڪيا ويندا ته وچولي دلال جو ڪردار وڌندو رهندو۔ هاري کان سستو مال وٺي شهر ۾ مهانگو وڪڻڻ واري هيءَ زنجير تڏهن ٽٽندي جڏهن هاري ۽ گراهڪ جي وچ ۾ سڌي لاڳاپي کي هٿي ڏني ويندي۔ بدقسمتي سان اهڙيون پاليسيون يا ته اڌوريون رهجي وڃن ٿيون يا وري طاقتور مفادن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور پئجي وڃن ٿيون۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت عارضي قدمن بدران مستقل ۽ سخت پاليسيون اختيار ڪري۔ ذخيره اندوزي خلاف بنا امتياز ڪارروائي، اگهن جي شفاف نگراني، سپلائي چين جي ڊجيٽل ٽريڪنگ، ۽ صارف عدالتن کي فعال بڻائڻ جهڙا قدم کنيا وڃن۔ ساڳئي وقت واپارين جي تنظيمن سان ويهي هڪ سماجي معاهدو ڪيو وڃي، جنهن ۾ رمضان دوران اگهن کي مستحڪم رکڻ جو پابند بڻايو وڃي۔ جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ اهڙا ماڊل ڪامياب ٿي سگهن ٿا ته اسان وٽ ڇو نه
جيڪڏهن هن سال به اگهه وڌندا رهيا ۽ عوام بي وسيءَ سان قطارن ۾ بيٺو رهيو ته پوءِ اسان کي پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇڻو پوندو ته ڇا هر سال رمضان اسان لاءِ آزمائش بڻجي ايندو رهندو؟ يا ڪو اهڙو لمحو به ايندو جڏهن هي مهينو رحمت ۽ آسانيءَ جو پيغام کڻي ايندو؟ وقت جي تقاضا آهي ته اسان رڳو شڪايت نه ڪريون، پر سنجيده، منظم ۽ مستقل قدم کڻون۔ ڇو ته جيڪڏهن دسترخوان تان سڪون ختم ٿي ويو ته پوءِ عبادت جو لطف به اڌورو رهجي ويندو۔ رمضان جي برڪتن کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته مهانگائي جي هن هٿرادو باهه کي گڏجي وسايون