سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ هاري تحريڪ جي تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي سڄي حياتي مظلوم طبقي جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪامريڊ اظھر جتوئي به انهن ئي ناياب شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سال نه پر ساهه به هارين، پورهيتن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ ارپيو.
ڪامريڊ اظھر جتوئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر طور، پنهنجي اڳواڻ حيدر بخش جتوئي جي ڏسيل واٽ تي ثابت قدم رهيو. حيدر بخش جتوئي جنهن تحريڪ جي شمع روشن ڪئي، اها رڳو هڪ تنظيم نه پر مظلوم طبقي جي آواز بڻجي وئي. ان تحريڪ ۾ هاري، شاگرد، وڪيل، دانشور، صحافي ۽ پورهيت گڏ ٿي بيٺا ۽ ڪامريڊ اظھر جتوئي انهن سڀني کي گڏ رکڻ وارو مضبوط ڪڙو ثابت ٿيو.سندس جدوجهد رڳو نعريبازي تائين محدود نه هئي، هو عملي ميدان جو ماڻهو هو. زمين، روزگار، پاڻي، اجرت ۽ عزتِ نفس جهڙن بنيادي حقن لاءِ هن بي لوث جدوجهد ڪئي. هن جي سچائي ڏسي ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ تحريڪ جو هر قدم سندس ايمان جو حصو هجي.
سنڌ جي ترقي پسند سياست ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏجي هن جدوجهد جو ڏيئو روشن رکيو، جن ۾ ڄام ساقي، صالح بلو، سخي محمد رمضان خاصخيلي کان وٺي ڪيترائي امر ڪردار به سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ گڏ رهيا. اهي سڀ اڳواڻ هڪ فڪر، هڪ مقصد ۽ هڪ جدوجهد سان جڙيل هئا ڪامريڊ اظھر جتوئي جي شخصيت ۾ عاجزي، بهادري ۽ اصول پسندي گڏيل نظر ايندي هئي. هو اقتدار يا شهرت لاءِ نه پر نظريي لاءِ جيئندو هو. زندگي جي آخري گهڙي تائين پنهنجي مقصد تي ثابت قدم رهڻ سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ هئي. اهڙي ثابت قدمي ئي کيس امر بڻائي ٿي.
تاريخ هميشه انهن ڪردارن کي ياد رکندي آهي جيڪي ذاتي مفادن بدران اجتماعي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا. ڪامريڊ اظھر جتوئي به اهڙن ئي امر انسانن مان هڪ آهي، جنهن جو نالو سنڌ جي هاري تحريڪ جي تاريخ ۾ سون جي اکرن سان لکيل رهندو. ڪامريڊ اظھر جتوئي رڳو هڪ اڳواڻ نه پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ مثال هو. سندس زندگي ثابت ڪري ٿي ته سچائي، حوصلي ۽ نظريي سان جڙيل انسان وقت جي حدن کان مٿانهون ٿي امر بڻجي ويندو آهي.