پاڪستان فشرفوڪ فورم هاري تنظيم حيدرآباد جي اهم گڏجاڻي فشرفوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ سيده ياسمين شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي صدر عبدلمجيد ملاح جنرل سيڪريٽري خضر ملاح، نواز ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔هي گڏجاڻي آزاد نگر ۾ ٿي جتي هاري اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔گڏجاڻي ۾ هڪ وڏو اتساهه نظر آيو جنهن ۾ سنڌ جي مهاڻن جي مسئلن ۽ حڪومت پاران کين نظر انداز ڪرڻ واري عمل تي ڳالهايو ويو۔
سنڌ ۾ مهاڻا ميربحر ملاح ۽ ميراڻي هڪ قبيلي جا فرد آهن جن جو ماضي ڍنڍن ڍورن ۽ سمنڊ مان مڇي مارڻ جي ڪرت سان رهيو آهي۔ سنڌ جو مهاڻو هن وقت به ڍنڍن ڍورن ۽ سامونڊي علائقن ۾ ملندو جيڪو مڇي مارڻ جي حوالي سان ڪاروبار ۾ لڳل آهي اهو سنڌ جي هڪ مايوس طبقي سان واسطو رکي ٿو جيڪو ڏينهن رات ڍنڍن ڍورن ۾ تتي ٿڌي پاڻي ۾ لهي ٿو مڇي ماري ٿو پر کين پورو اجورو نٿو ملي نه وري کين معاشري ۾ معقول عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو۔ڍنڍن ڍورن تي رهندڙ ۽ مڇي ماريندڙ عورتون حسن شڪل شبيهه ۾ وڌيڪ ۽ وفادار آهن اهوئي سبب آهي جو اوائلي دور ۾ بادشاهن سردارن جاگيردارن وڏيرن جون شاديون مهاڻن عورتن سان ٿيل هونديون هيون پر هن وقت به آهن۔ ڍنڍن ڍورن تي رهندڙ مهاڻن جي اڪثريت ٻيڙين ۾ بي يارو مددگار رهي ٿي جن کي تعليم صحت سميت ڪا به سهوليت ناهي سندن ٻيڙيون ۽ هوڙا مدي خارج ٿي چڪا آهن جيڪي نه مڇي جي شڪار نه وري رهڻ لائق آهن۔ منڇر ڪينجهر بقار ۽ ۽ ٻين وڏين ڍنڍن جا مهاڻا مسئلن جو شڪار آهن
عورتون ۽ مرد مڇي ماريندڙ مهاڻا ملاح ميراڻي جڏهن هڪ هنڌ گڏجن ٿا ضرور ته کين ڳنڀير مسئلا سامهون آهن تڏهن ته گڏ ٿين ٿا۔ حڪومت ته پري جي ڳالهه آهي سنڌ ۾ فشريز کاتو به وجود ۾ آهي جنهن جو سڌو واسطو سنڌ جي هنن پوئتي پيل مهاڻن سان آهي اها خبر ناهي ته ڪهڙي سبب لاچار آهي جو هنن جي ڳنڀير مسئلن تي اڳيان ڇو نٿو اچي پوئواري ڇو نٿو ڪري۔ سامونڊي ڪنارن منڇر ڪينجهر بقار سميت سمورين وڏين ڍنڍن جي سروي ڪري انهن سمورن مهاڻن جي مالي معاونت ڪئي وڃي کين ڍنڍن ويجهو پڪي تي رهائشي ڪالونيون ٺاهي ڏنيون وڃن جيستائين اهي ٺهن تيستائين سندن ناڪاره ٻيڙين جي مرمت ڪري يا وري نيون ٻيڙيون مفت فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي بنا ڊپ ڊاءُ جي مڇي ماري ۽ رهي سگهن ۽ سندن ٻچا محفوظ رهن اهي به اطلاع آهن ته ڍنڍن تي اڃا به ٺيڪيدار ڪم ڪن ٿا يا وري لائسنس جاري ٿين ٿا جيڪي مهاڻن جي چڱن مڙسن يا تر جي سردارن وڏيرن کي ملن ٿا جن وسيلي مڇي مري ٿي جنهن سان عام بيوس مهاڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ بک بيروزگاري جو شڪار رهي ٿو۔ڍنڍن تي مڇي مارڻ جو حق ڍنڍن تي رهندڙ مهاڻن جو هجڻ گهرجي۔ مهاڻن جي ٻارڙن جي تعليم صحت ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا رکڻ گهرجي ته جيئن سندن معيار زندگي بهتر ٿي سگهي۔ ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڍنڍن سان گڏ مڇي جي تلائن جو هڪ وڏو ڄار ڦهلجي چڪو آهي مڇي جي پئداوار ڏهوڻ تي وڌي چڪي آهي۔قدرتي ڍنڍن ۽ تلائن واري مڇي جي ذائقي توڙي وزن ۾ وڏو فرق آهي پر مارڪيٽ ۾ اهي هوڪا هوندا آهن ته درياهه جي مڇي سانگهڙ جي مڇي منڇر جي مڇي جڏهن ته گهڻو ڪري تلائن جي مڇي وڪرو ٿيندي آهي ۽ اگهه في ڪلو ست اٺ سئو رپيا وڪرو ٿيندي آهي جيڪا عام غريب ماڻهو جي قوت خريد کان ٻاهر هوندي آهي جڏهن ته مهاڻن کي ٿڏي تي اها مڇي وڪرو ڪندي ٻه ٽي سئو مس پوندي آهي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مڇي جي نوعيت ۽ معيار کي سامهون رکندي ان جا اگهه مقرر ڪيا وڃن ۽ نمايان هنيا وڃن جيئن خريدار واپارين جي من ماني ۽ دوکي جو شڪار نه ٿين۔روڊ رستن بدران مڇي مارڪيٽون قائم ڪيون وڃن هر هنڌ مڇي وڪرو نه ٿي سگهي۔ مڇي وڪرو ڪرڻ وارا لائسنس بيروزگار مهاڻن ۽ سندن اولاد کي ملڻ گهرجن۔سنڌ جي مهاڻن ۾ هن وقت شعور پئدا ٿي چڪو آهي جن جا ٻار اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ وڃن ٿا جنهن لاءِ ضرورتمند مهاڻن جي ٻارڙن کي تعليمي معاوضا ڏئي ملڪي ۽ پرڏيهي ادارن ڏانهن پڙهائي لاءِ موڪليو وڃي۔ويجهڙائي طرف وڃبو ته ميربحر ملاح ميراڻي سڏائيندڙ مهاڻا سنڌ جا وڏا وزير اسيمبلي ميمبر اعلي آفيسر ٿي گذريا آهن هن وقت به آهن ۽ معاشري ۾ سندن وڏو مان مرتبو آهي۔
عورتون مرد هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آهن جنهن سان سندن مسئلن جي ڀرپور نشاندهي ٿيندي حڪومت تي پريشر پوندو ۽ ملاحن مان غربت ختم ٿي سگهندي۔اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ جي سمورين ڍنڍن ۽ اتي گذران ڪندڙ مهاڻن جي سروي ٿئي ۽ حڪومت فشرمين ترقياتي پروگرام جوڙي۔