خبردار متان ائين ليپ ٽاپ استعمال ڪيو ٿوَ، صحيح طريقا ڄاڻيو

ڪيئي ماڻهو ليپ ٽاپ کي هنج ۾ رکي يا نرم سطح تي رکي استعمال ڪندا آهن، جيڪو کين سولو ۽ آرامده محسوس ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ ليپ ٽاپ کي ڪٿي به کڻي وڃي استعمال ڪرڻ آسان آهي، پر ان کي نرم سطح تي رکي استعمال ڪرڻ سان ڊيوائس کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
رپورٽن موجب، اهڙي استعمال سان ليپ ٽاپ وڌيڪ گرم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو فين (پکي) ڊيوائس کي ٿڌو رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي.
وقت سان گڏ اهو دٻاءُ ليپ ٽاپ جي مختلف حصن، خاص طور تي بيٽري کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، جنهن سان ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي.
ان جي هڪ واضح نشاني اها آهي ته ليپ ٽاپ جو فين تيز آواز ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ڊيوائس جلد گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان بستري، فرش يا هنج ۾ ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڊيوائس وڌيڪ گرم نه ٿئي، ان لاءِ ”ڪولنگ پيڊ“ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو ليپ ٽاپ کي مناسب هوا فراهم ڪري ٿو.
جيڪڏهن ڪولنگ پيڊ موجود نه هجي ته ليپ ٽاپ کي اهڙي سطح تي رکيو وڃي جتي ان جي هيٺان هوا جي اچ وڃ جاري رهي. جيڪڏهن ليپ ٽاپ گهڻو گرم ٿي وڃي ته ان جو استعمال فوراً بند ڪيو وڃي ته جيئن ڊيوائس کي نقصان کان بچائي سگهجي.

 

You might also like