ڄامشورو( رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) سنڌيونيورسٽي جي قومپرست شاگرد تنظيمن جساف آريسر، جساف جسقم ب، جساف، جساف شهيد بشير خان، سياف سنڌ شاگرد سڀا ۽ پي آر ايس ايف جي گڏيل پليٽ فارم شاگرد جدوجهد اتحاد طرفان پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، ان موقعيشاگرد اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ھڪ ادارو نه پر سائين جي ايم سيد ۽ علامه آئي آئي قاضي جي طرفان مليل تحفو آھي ۽ سنڌي قوم جو اثاثو آھي جتان ھزارن جي انگ ۾ سنڌ جا شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، سنڌ جي تمام وڏي تعليمي اداري سنڌ يونيورسٽي کي ڪيترن ئي سالن کان تباھي جي ور چاڙهيو ويو آهي، شاگردن سان ناانصافين ۽ انتظامي نااھلي جي جيڪڏھن تحقيق ڪجي ته سمورا سنڌ جا تعليمي ادارا بدحالي ۽ انارڪي جو شڪار نظر ايندا پر سنڌ يونيورسٽي ان ۾ سڀ کان گھڻو متاثر ٿيل ادارو نظر ايندو، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي سالن کان شاگرد تنظيمون شاگردن جي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان عمل ۾ آھن، ھر ڏينهن ھر ھفتي ھر مهيني، ھر ڏينهن مسئلا کٽڻ بدران وڌندا ٿا وڃن پر انتظاميا کي ڪا به پرواهه ناهي، سنڌ يونيورسٽي اندر يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر تباھ ٿيل آھي، روڊ رستا مڪمل کنڊرات جو ڏيک ڏين ٿا، شاگردن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ھٿياربند پراويٽ سڪيورٽي ھٽائي وڃي، ڏنل وقت تائين اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ۽ ڪم شروع نه ڪيو ويو ته اسان پنھنجي جدوجھد جو اعلان ڪنداسين.