گجرات(عوامي آواز نيوز)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي ٻارن جي هٿن ۾ هٿيار آهن ۽ سندن ذهنن ۾ گاريون ڀريل آهن. هن چيو ته 13 سال ٿي ويا آهن خيبرپختونخوا ۾ حڪومت ڪندي، پر ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته ترقي ڪنهن جهرڪي جو نالو آهي. چون ٿا ته اسان ماڻهن کي شعور ڏئي رهيا آهيون، پر ڪهڙوشعور؟گجرات يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اٽڪ کان هُن پار خيبرپختونخوا آهي، جتي ٻارن جي هٿن ۾ هٿيار آهن ۽ ذهنن ۾ گاريون. جڏهن ته پنجاب جا ٻار لکين جي تعداد ۾ ٽيڪنيڪل ٽريننگ حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا جا رستا بند ڪرڻ سان پنجاب جي ڪاروبار تي ڪو خاص فرق نٿو پوي.پاڪستاني هجڻ جي ناتي مون کي ڏاڍو افسوس آهي ته خيبرپختونخوا جا ٻار پٿر جي دور ۾ رهن ٿا. انهن کي خبر ئي ناهي ته هن جديد دور ۾ تعليم ڪيتري ضروري آهي.هن خيبرپختونخوا جي ڀائرن کي چيو ته خدا جو واسطو، پنجاب جي ٻارن ڏانهن ڏسو، ترقي ڏانهن ڏسو،هن چيو ته پنجاب اڳتي وڌي رهيو آهي، پنجاب جي “جين زي” دنيا کي فتح ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. مريم نواز چيو ته اقتدار اچڻو وڃڻو آهي. ڪالهه اسان جيل ۾ هئاسين، اسان وٽ اقتدار نه هو، اڄ الله تعاليٰ مون کي اقتدار ڏنو آهي، سڀاڻي ڪنهن ٻئي وٽ هوندو. هن ٻڌايو ته جڏهن منهنجو والد جيل ۾ هو ته سندس بيماري جو مذاق اڏايو ويو. هن ٻڌايو ته نيب وٽ عورتن جي جيل نه هئي، هڪ ڪمرو خالي ڪرائي مون کي رکيو ويو، پر مون ڪڏهن به اهو نه چيو ته ڪنهن کي سٺو کاڌو نه ڏيو.