ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جي سربراهه مسعود نوراني وڪيل چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍيا ويا ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم ٺاهيو ويو ته سنڌ بنجر ۽ ويران ٿي ويندي، ان سان ملڪ جي سالميت به نه رهندي، ڪئنالن ۽ ڊيمن جا مخالف حقيقت ۾ پاڪستان کي بچائي رهيا آهن، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو فورم طرفان پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي ،ليکڪ ممتاز مهر، ڊاڪٽر علي محمد انصاري، ادريس راجپوت جي ياد ۾ منعقد ڪيل تقريب جي صدارت ڪندي ڪئي، هن چيو ته ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي ،ممتاز مهر، شمشاد اختر سميت سنڌ جون فوت ٿيل سموريون شخصيتون سنڌ جا موتي داڻا آهن، جن پنهنجي جسماني جدائي باوجود به سنڌ مٿان پنهنجو اثرائتو اثر رکيو آهي ۽ سنڌ ۾ اڄ به هاري جي صورتحال تبديل نه ٿي آهي، ان ڪري رسول بخش پليجو موجب انقلاب جو مرڪز هاري ۽ ٻهراڙيون رهنديون، دانشور ۽ ليکڪ اعجاز قريشي چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر مرحوم شمشاد اختر سنڌياڻي ۽ نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ ڏيٿو هئي، جنهن پنهنجي محنت سان رياست جي بينڪ جو اعلي عهدو ماڻيو هو، جتي وڏن مالياتي پاليسين ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته ادريس راجپوت 20 ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي پاڻي ڪيس ۾ اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ اي اين جي عباسي فوجي صدر پرويز مشرف سان ملاقات باوجود ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ان خلاف تفصيلي رپورٽ تيار ڪري سنڌ جو ڪيس مضبوط بڻايو، آبپاشي جي اڳوڻي سيڪريٽري اشفاق ميمڻ چيو ته 1992 جي پاڻي معاهدو ۾ سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته ڊاڪٽر عالماڻي جسماني مرضن جو علاج ڪرڻ سان گڏ سماجي خدمتگار به هو، هن چيو ته لاڙ جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ به هن پنهنجي خاندان ۽ ٻين عورتن جي تعليم لاءِ ڪم ڪيو، ان موقعي تي رفيع الدين جوڻيجو، عارفه سيد، غلام اڪبر ملڪ، سيد مخدوم علي، شعيب بڪڪ به پنهنجا خيال پيش ڪيا.