نصيرآباد ۾ شهيد هدايت لوهار جي ٻي ورسي، قاتل گرفتار نه ٿيا، ريلي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۾ جساف، جسقم ۽ جسقم آريسر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران قومپرست اڳواڻ شھيد هدايت الله لوهار جي ٻي ورسي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سسئي لوهار، ڪامريڊ منصور ٿيٻو،  فرحان سوڍر، ساگر چانڊيو ضياب الدين مغيري، ماجده چنا ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي تعلقي پريس ڪلب نصيرآباد پهتي، جتي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ شھيد هدايت الله لوهار جي قربانين کي ڀرپور لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد هدايت الله لوهار سنڌ جي قومي حقن، وسيلن ۽ سڃاڻپ لاءِ جدوجهد ڪندي عظيم قرباني ڏني، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو، ٻه سال گذرڻ باوجود به شهيد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن ، احتجاج کان پوءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ وڃي شھيد هدايت الله لوهار کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، مطالبو ڪيو ته شهيد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڪري ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته شھيدن جي ڏسيل واٽ تي هلندي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي سندن مشن کي اڳتي وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.