عمران جي صحت تي سياست ته مريم نواز پئي ڪري؟

لاهور(عوامي آواز نيوز)امير عباس  ٽوئيٽ ڪيو آهي ته عمران خان جي قيد تي ٽوڪ اهو ئي آصف علي زرداري ڪري رهيو آهي، جنهن  پاڻ بيماري کي جواز ۽ بهانو بڻائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فاروق ايڇ نائيڪ جي ذريعي درخواست ڏني هئي، آصف علي زرداري کي گهٽ ۾ گهٽ 8 بيماريون ٻڌايون ويون عهدن جو لحاظ نه سهي، پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ماضي جو ته لحاظ ڪري وٺو.اينڪر عاصمه شيرازي لکيو ته مريم نواز جي سڌي خطاب دوران، اڄ عمران خان جون تقريرون قومي نشرياتي نيٽ ورڪ تي لائيو نشر ڪيون ويون.جيئن ته عمران خان جون تصويرون ڏيکارڻ تي پابندي آهي، پر اڄ وزيراعليٰ پنجاب عمران خان جون تصويرون ۽ وڊيوز نشر ڪيون.چئو پئي ويو ته صحت تي سياست نه ٿيندي، پر هاڻي صحت تي سياست ٿي رهي آهي.صحافي اياز خان لکيو ته  پي ٽي وي تي عمران خان جون وڊيوز صرف مريم نواز ئي هلائي سگهي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.