جيڪب آباد (ڊ ر) مبارڪپور ڀرسان چورن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي نوجوان رياض کوسو قتل ٿي ويو،پوليس نوجوان جو لاش کڻائي تحويل ۾ ورتو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ڳوٺ عبدالستار کوسو ۾ چورن چوري جي ارادي سان ڳوٺاڻي پورهيت ذوالفقار کوسو جي گهر تي ڪاھ ڪئي ۽ گهر ۾ داخل ٿيا جنهن دوران ڀاڳين مٿان چورن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي 22 ورهين جو نوجوان رياض احمد ولد امام بخش کوسو قتل ٿي ويو، واقعي بابت اطلاع ملڻ تي مبارڪپور پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ڳوٺاڻي ذوالفقار کوسي جو چوڻ هو ته چور گهر ۾ داخل ٿيا ته سجاڳ ٿياسين جنهن تي چورن سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهنجو ڀائيٽو رياض کوسو قتل ٿيو آهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ايس ايڇ او مبارڪپور محمد پناهه بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس مقتول نوجوان جي ڳوٺ عبدالستار کوسو پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي، ڀاڳيا اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس وٽ نه آيا آهن، جنهن سبب ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.