گهرو معاملن بابت ڪميٽي ۾ اپوزيشن ڌرڻي ۾ پوليس جي بدتميزي تي احتجاج

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پوليس ۽ اپوزيشن جي ڌرڻي تي ڪميٽي ميمبرن سان ڳالهايو. قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خرم نواز جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبر نبيل گبول چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ ايس ايڇ او خراب رويو اختيار ڪيو آهي، پارليامينٽرين کان ڪهڙي قسم جو ڊپ هو؟ ان تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته هڪ ايم اين اي پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪيو، اڻڄاتل هٿياربند ماڻهو هتي آيا هئا ۽ اهي اندر وڃڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڌرڻي وارن کي پاراٺا موڪليا. نبيل گبول چيو ته سڀني ايم اين ايز کي پارليامينٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئي. 68 ڪيمرا لڳايا ويا جيڪي تمام پراڻا آهن. چيئرمين سي ڊي اي اسان جي ڪميٽي ۾ نه ٿو اچي. طلال چوڌري چيو ته ڪٿي ڪيمرا لڳائڻا آهن ۽ ڪٿي نه لڳائڻا آهن اهو فيصلو ڊپٽي چيئرمين کي ڪرڻو آهي. چيئرمين سي ڊي اي ايندڙ ڪميٽي ۾ موجود هوندو. ڪميٽي جي چيئرمين خرم نواز چيو ته اسلام آباد ۾ پيش آيل واقعي کان سڀ واقف آهن. خواجه اظهار الحسن چيو ته رات جو 12:30 وڳي 2 ماڻهو منهنجي دروازي تي آيا. هن معاملي تي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.