صدر زرداري جو مردن وانگر جيل ڪاٽيو وارو بيان عورت مخالف؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار محمل سرفراز چيو آهي ته صدر علي زرداري عمران خان تي ٽوڪ ڪندي چيو آهي ته ، “مرد وانگر جيل ڪاٽيو ۽ عورتن وانگر نه روئو، اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ ۽ غير مناسب هئي،هن چيو ته هي هڪ جنس پرست  ۽ عورتن جي حقن جي خلاف ڳالهه آهي. اسان جي ملڪ ۾ عورتن جيڪي جيلون ڪاٽيون آهن، انهن مردن کان به وڌيڪ بهادري ڏيکاريون آهن. ان ۾ شامل آهن،صدر زرداري صاحب جي پنهنجي سس نصرت ڀٽو، سندس گهرواري شهيد محترمه بينظير ڀٽو،سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، مريم نواز، ۽ ٻين ڪيترين عورتن جو مثال آهي. اڃان تائين ڊاڪٽر ياسمين راشد جهڙيون عورتون به جيل ۾ آهن.هن چيو ته اهو چوڻ ته مردن کي عورتن وانگر “روئڻ نه گهرجي”، يا “عورتن وانگر ڪمزوري نه ڏيکارڻ گهرجي”، مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ هڪ جنس جي بنياد تي فرق رکڻ آهي، جيڪو خاص طور تي پيپلز پارٽي جي ڪنهن ليڊر لاءِ انتهائي غير مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي هڪ پروگريسو، لبرل، ۽ عورتن جي حقن جي حامي پارٽي آهي،هن چيو ته صدر زداري جون پنهنجون ڌيئرون پڻ وڏيون بااختيار ۽ مضبوط آهن، تنهنڪري اهي ڪيئن اهڙي ڳالهه ڪري سگهن ٿا؟ مون کي هن ڳالهه تي گهڻو افسوس ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.