ڪرپشن ئي ملڪ جي تباهي جي جڙ آهي

تحرير: سڪندر چنو

ڪرپشن سڀني ادارن جي تباهي ايستائين جو ملڪ جي تباهي به جي جڙ آهي. اهڙا ملڪ به اسان جي سامهون گذريا آهن جيڪي 20 سال اڳ خوشحال هئا جيئن جيئن ادارن ۾ ڪرپشن پنهنجا چنبا مضبوط ڪرڻ شروع ڪيا آهسته آهسته اهي خوشحال ادارا تباهه ٿيندا ويا. جيئن پاڪستان 50 سال اڳ خوشحال هو ان کان پوءِ جيئن پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪرڻ جا گر سکڻ لاءِ اسڪول قائم ٿيا تيئن تيئن پاڪستان جا ادارا به آهسته آهسته معاشي طور دٻجي ويا ۽ ملڪ آهسته آهسته معاشي طور تباهه ٿيندو ويو. ۽ ڪرپشن ڪرڻ جو ٽرينڊ شروع ٿي ويو. ماڻهو جڏهن پنهنجي طاقت ۽ اختيارن کي غلط استعمال ڪندو آهي اهو به ڪرپشن جي ذمري ۾ اچي ٿو. ڪرپشن جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي جيتري انسان جو وجود دنيا ۾ جيترا به پيغمبر، صوفي دانشور ۽ مزاحمت پسند گذريا آهن انهن جي جدوجهد جو بنيادي نقطو ڪرپشن خلاف جدوجهد ڪرڻ هو. ڪرپشن خلاف بخاري شريف ۾ ڏاڍو خطرناڪ نموني ذڪر ڪيل آهي. ڪرپشن جو ڏوڪڙ صرف اکين جو ڀراءُ آهي. ماڻهو انيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ان لاءِ عام راءِ هوندي آهي ته دنيا جي امامت يا اڳواڻي هميشه مومن وٽ رهندي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي زير سرپرستي انهن جي حڪومتن ۾ وڌيڪ معاشي ۽ انتظامي خوشحالي ۽ سڌارا هوندا آهن. جنهن سان عوام يعني خدا جي پيدا ڪيل مخلوق کي معاشي سڪون ميسر هجي ۽ امن به هجي ٿو. جنهن معاشري قوم ۾ خوشحالي هوندي آهي اتي پرسڪون ماحول ۽ ڏينهن رات بهترين امن هوندو آهي. امن سان ئي ترقي ڳنڍيل آهي. پر جيڪڏهن مومن رستي تان ڀٽڪي وڃي ته پوءِ اهو خود به خوار ۽ رسوا ٿيندو آهي ۽ پوءِ ان کان اقتدار کسيو ويندو آهي. برطانيا جي سلطنت بابت چيو ويندو هو ته برطانيا جي سلطنت جو سج هميشه رهندو پر دنيا ڏٺو اها برطانيا جي بادشاهت ڪيڏانهن ويئي؟ هاڻي اها سلطنت اڪيلي رهجي ويئي آهي ۽ سندس سج به لهي ويو آهي. سو ڪنهن به شيءِ تي تڪبر نه ڪجي. ٻيو مثال چين جو اسان جي اڳيان آهن. چيني قوم افيوم جي نشي ۾ غرق هئي ۽ هر طرف ڪرپشن ئي ڪرپشن هئي. چين پوءِ ڇا ڪري ڏيکاريو؟ چين اڄ دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهي نه صرف فوجي حوالي سان پر معاشي حوالي سان به. جنهن وقت چين روس کان قرض وٺندو هو.

 ان وقت پاڪستان تمام خوشحال هو ۽ پاڪستان جپان جهڙي ملڪ کي به قرض ڏنو. جنرل ضياء جي آمريت واري دور کان پوءِ پاڪستان ۾ تجربي طور ڪرپشن جو ٻوٽو پوکي ڏٺو. ان ٻوٽي اڻ مندائتا ميوا ڏيڻ شروع ڪيا ته ڪرپٽ ذهنن وڏا وڏا جشن ملهايا. هاڻي ته پاڪستان جي رڳ رڳ ۾ ڪرپشن جا وڏا وڏا باغ اسان کي نظر اچن ٿا. بهرحال چين ڏينهون ڏينهن جديت واري علم ۾ ترقي ڪري رهيو آ ۽ سائنس جي ميدان ۾ آمريڪا کان اڳڀرو آهي. چين ۾ ڪرپشن جي ٻوٽي کي پاڙ کان پٺيو ويو آهي. چيني صدر ڪرپشن جي الزام هيٺ، فوجي جنرلن، سياستدانن، بيورو ڪريٽن، بزنيس مينن ۽ مختلف شعبن جي ماهرن کي ڪرپشن جي الزام ۾ سزائون ڏيئي چڪو آهي. جنهن جو سلسلو اڃان به جاري آهي. تازو چيني صدر شي جن پنگ فوجي اعليٰ ۽ طاقتور جنرل کي ڪرپشن جي الزام تحت عمر قيد جي سزا ڏني آهي. ظاهر آ، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. هن وقت ملڪ جا جملي سڀئي ادارا خساري ۾ هلندي 8000 هزار ارب روپين جو خسارو ڪري چڪا آهن. چين ۾ ڪرپشن جي قانون تي سختي آهي ۽ ان جي سزا موت آهي. آخرڪار ڪرپشن آهي ڇا؟ ۽ اهيا معاشري کي ڪهڙي طرح تباهه ڪري ٿي؟ ڇا صرف مالي ڪرپشن ٿيندي آ؟ ان جو سڌو ۽ کرو جواب اهو آهي ته صرف مالي ڪرپشن نه ٿيندي آهي. مالي ڪرپشن احساس محرومي ۽ غربت مان پيدا ٿيندي آهي. مطلب هڪ ننڍو ملازم جڏهن ٻئي ملازم کي هر طرح جي حساب سان خوشحال ڏسندو آهي ته هو احساس محرومي جو شڪار ٿيندي ان جهڙو ٿيڻ لاءِ هٿ پير يعني ڪرپشن ڪرڻ شروع ڪندو آهي. سمجهڻ گهرجي ته ڪرپشن هڪ شيطاني سوچ ۽ چڪر آهي. جنهن جو بنياد ناانصافي تي ٻڌل آهي. جنهن ملڪ ۾ يا معاشري ۾ ناانصافي وڌيڪ هوندي آ اتي ڪرپشن عام هوندي آ. سو پاڪستان ۾ ساڳئي صورتحال آهي. انسان پيدا ٿيندي ئي جيئن جيئن شعور سنڀاليندو آهي ان جو اهيو احساس پختو ٿيندو ويندو آهي ته ان کي زندگي جا مزا ماڻڻ اڳتي وڌڻ دولت ۽ اختيارن جي ضرورت هوندي آهي جيڪا سندس کي محنت ۽ ايمانداري سان حاصل نه ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪرپٽ سسٽم اهڙن انسانن کي قبول نه ڪندو آهي جيڪو ڪرپشن جي اصولن تي ڪار بند نه هوندو آهي. ان چڪر ۾ نيڪ نيت، تمام بهترين ماڻهو به ان رنگ ۾ رنگجي ويندو آهي. جيڪو رنگ ڪرپشن جو هوندو آهي. پر ان ماڻهوءَ جي پيري ڏاڍي تڪليف واري گذرندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.