اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اکين جي معائني بابت ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي.
ميڊيڪل رپورٽ موجب، عمران خان جي صحت جو جائزو وٺڻ لاءِ 2 رڪني ميڊيڪل بورڊ اڊيالا جيل جو دورو ڪيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو معائنو 15 فيبروري 2026 تي ڪيو ويو، پروفيسرن تي ٻڌل اکين جي ماهرن جي ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو، ميڊيڪل بورڊ ۾ الشفا ٽرسٽ آءِ اسپتال جو پروفيسر ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ پمز اسلام آباد جو پروفيسر ڊاڪٽر محمد عارف خان شامل هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي ساڄي اک جي نظر عينڪ کان سواءِ 6/24 پارشل رڪارڊ ٿي جڏهن ته کاٻي اک جي نظر 6/9 رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، عينڪ سان ساڄي اک جي نظر بهتر ٿي 6/9 پارشل ٿي وئي جڏهن ته کاٻي اک جي نظر مڪمل طور 6/6 ٿي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ساڄي اک جي معائني دوران ريٽينا تي سوڄ آثار ڏٺا ويا آهن، ساڄي اک جي سوڄ ۾ گهٽتائي آئي آهي، ساڄي اک جي ٿولهه 550 کان گهٽجي 350 ٿي وئي آهي جيڪا بهتري جي نشاني آهي.
رپورٽ موج، ميڊيڪل بورڊ ٻنهي اکين لاءِ نيواناڪ ۽ سسٽين الٽرا ڊراپس تجويز ڪيا جڏهن ته رڳو ساڄي اک لاءِ ڪوسوپٽ آءِ ڊراپس تجويز ڪيا ويا.
ميڊيڪل رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي نظر 6/36 مان بهتر ٿي 6/9 پارشل ٿي وئي آهي جيڪا ان مرحلي تي ڪافي سٺي نظر آهي.
ماهرن اينٽي وي اي جي ايف علاج مڪمل ٿيڻ کانپوءِ او سي ٽي اينجيوگرافي ۽ ايف ايف اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل بورڊ جي معائني کانپوءِ اپوزيشن جا 2 اڳواڻ علامه ناصر عباس ۽ بئريسٽر گوهر خان رات 9 وڳي پمز اسپتال پهتا، جتي ڊاڪٽر عاصم ۽ خرم مرزا ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت بريفنگ ڏني.
رپورٽ موجب، عمران خان جي ذاتي معالجن ۽ اڳواڻن طبي سهولتن ۽ علاج تي اطمينان جو اظهار ڪيو.