ڇا هيڊفون موبائيل جي بيٽري جلدي خالي ڪري ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته هيڊفون سان به بيٽري جلدي ختم ٿي ويندي آهي؟

بيٽري سمارٽ فونز جي دل آهي، جيڪڏهن بيٽري مري وڃي ته ان جو مطلب آهي فون مري ويو.

تنهن ڪري، جيڪڏهن توهان پنهنجي فون جي بيٽري جو خيال رکون ٿا، توهان پنهنجي فون کي مرڻ کان بچائي سگهو ٿا.

ڪي ماڻهو فون کي هر وقت چارجنگ تي رکي ڇڏيندا آهن ته جيئن فون بند نه ٿئي. انهي ڪري ته بيٽري جلدي ختم نه ٿئي، ڪيترائي اپاءَ ورتا ويندا آهن.

پر هڪ عجيب ڳالهه بابت موبائيل واهپيدار نٿا ڄاڻين، ته ڇا هيڊ فون به بيٽري پيئندي آهي؟

اهو سوال به آهي ته ڪهڙي هيڊ فون بيٽري وڌيڪ پيئندي آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهو بليوٽوٿ واري هيڊ فون گهڻي هلائين ٿا.

رپورٽ موجب ائرفون بيٽري کي وڌيڪ خارج ڪندا آهن، خاص ڪري جيڪڏهن توهان بلوٽوٿ ائرفون استعمال ڪندا آهيو.

اهو ئي سبب آهي جو ائرفون مسلسل بلوٽوت جي ڳولا ڪري رهيا هوندا آهن، اهو عمل تمام گهڻي بيٽري استعمال ڪري سگهي ٿو.

جيڪڏهن توهان پنهنجا ائرفون استعمال نه رهيا هوندا آهيو تڏهن به اها سرچنگ جاري رهندي آهي، ان لاءِ ان کي بند ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.