ڪامريڊ سيد عزيز سلام بخاري 1911ع ۾ عالم چند ڳوٺ، ضلع گوانڊا، الهه آباد، اتر پرديش (يو پي) ۾ سيد عبدالسلام بخاري جي گهر جنم ورتو. جڏهن ته ڪامريڊ سيد عزيز سلام بخاري جو لاڏاڻو 7 فيبروري 1986ع تي حيدرآباد جي مشهور وسندي ٽنڊو قيصر ۾ دل جي دوري سبب ٿيو ۽ کيس ٽنڊو قيصر جي قبرستان ۾ ئي سپردِ خاڪ ڪيو ويو.
سيد عزيز سلام بخاري الهه آباد ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ نه ڪري سگهيا. پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد طيب (ايم ٽي) بخاري عليڳ، ڀاڄائي ۽ ٻن ٻارن سميت الهه آباد ڇڏي بمبئي منتقل ٿي ويا. بمبئي ۾ کين هڪ ٽيڪسٽائل مل ۾ مينيجر جي نوڪري ملي. ان سان گڏوگڏ عزيز سلام بخاري مزدورن ۾ به ڪم شروع ڪيو. انهيءَ دوران سندن ملاقات ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري سان ٿي، جيڪو بمبئي ۾ مزدور تحريڪ جي محاذ تي سرگرم هو. عزيز سلام بخاري بمبئي ۾ اسٽريٽ ٿييٽر ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا، جيڪو ان دور ۾ عوام کي متوجهه ڪرڻ، سندن مسئلا اجاگر ڪرڻ ۽ حل بابت شعور ڏيڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو هو. انهيءَ عرصي دوران هنن ڪٿڪ ناچ جي تربيت پڻ حاصل ڪئي.
بمبئي ۾ قيام دوران ڪامريڊ عزيز سلام بخاري “انڊين پيپلز ٿييٽرز ايسوسيئيشن” (IPTA) سان به وابسته رهيا. ڪراچي منتقل ٿيڻ کان پوءِ به هو IPTA سان جڙيل رهيا ۽ ٿييٽر جي ريهرسلن ۾ حصو وٺڻ لڳا. ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي يونٽ جو انچارج ۽ مشهور اداڪار اي ڪي هنگل، IPTA ڪراچي جو به انچارج هو. آزاديءَ کان ترت پوءِ، سيپٽمبر 1947ع ۾، عزيز سلام بخاري پنهنجي زال، ٻنهي ٻارن ۽ ننڍي ڀاءُ محمد طيب (ايم ٽي) بخاري عليڳ سان گڏ ڪراچي اچي ويا. کين سينٽرل جيل ڀرسان جمشيد روڊ تي هڪ گهر مليو، جيڪو ڪراچي جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر پيسومل جو هو، جيڪو هندستان لڏي ويو هو. اهو وڏو گهر هو، جنهن جي دالان ۾ وقت بوقت سادو عبادت لاءِ ايندا هئا.
ڪراچي پهچڻ شرط عزيز سلام بخاري بندر روڊ تي واقع سنڌ ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس پهتا ۽ پارٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري سان ملاقات ڪئي. ان کان پوءِ هو مزدورن ۾ سرگرم ٿي ويا، خاص طور ڪي پي ٽي يونين ۾. ٽريڊ يونين ۽ مزدور محاذ تي ڪم ڪندي، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري 1949ع ۾ گرفتار ٿيا ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ڪيا ويا، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اڳ ئي قيد هو. ٻئي لڳ ڀڳ ٻه سال گڏ قيد رهيا. ڪامريڊ عزيز سلام بخاري 1950ع ۾ ۽ ڪامريڊ سوڀو 1955ع ۾ جيل مان آزاد ٿيا. جيل دوران ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، ڪامريڊ سوڀي کان سنڌي ٻولي سکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ڪامريڊ سوڀو کين سنڌي الف ب لکي پڙهائيندو هو. اهڙيءَ طرح عزيز سلام بخاري نه رڳو سنڌي لکڻ پڙهڻ سکي، پر جيل ۾ رهندي سنڌيءَ ۾ بحث، مباحثا ۽ تقريرون به ڪرڻ لڳا.
ممڪن آهي ته اهو سال 1952ع هجي، جڏهن ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري، ڪامريڊ سيد عزيز سلام بخاري کي لاڙڪاڻي گهرايو. هو پنهنجي زال نثارالنساءِ بيگم، پٽ سيد جاويد بخاري ۽ ڌيءَ سيده سلطانه بخاري سان گڏ لاڙڪاڻي اچي ويا. ڪجهه وقت ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي گهر ۾ رهيا. بعد ۾ جمال الدين بخاري پنهنجي گهر کان ٿورو پري هڪ الڳ گهر جو بندوبست ڪيو. اهو گهر هجرت تحريڪ جي مشهور اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جونيجو جي گهر سان لڳو لڳ ۽ قاضي هائوس جي سامهون واقع هو. ان گهر ۾ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊان اخبار جي نمائندي سيد مهدي شيرازي به ڪافي عرصو رهيو.
ڪليڪٽر لاڙڪاڻي سان دوستي سبب ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري جي نالي ڪجهه ايڪڙ زرعي زمين به الاٽ ڪرائي، پر عزيز سلام بخاري اها زمين هارين حوالي ڪري ڇڏي.
جاويد بخاري تازو ليڊر ٽي وي لاءِ ڊاڪٽر ايوب شيخ کي ڏنل هڪ ڊگهي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کيس ڪليڪٽر آفيس لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري به ڏيارائي هئي. جاويد بخاري ٻڌايو ته هڪ ڀيري ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي بخار هو، پر هو جناح باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ويو. واپسيءَ تي چيائين ته جوشيلي تقرير سبب پگهر آيو ۽ بخار لهي ويو. جاويد بخاري موجب، ڪامريڊ جمال الدين بخاري نيڪ، سادا ۽ لاڙڪاڻي ۾ تمام مقبول ماڻهو هئا.
لاڙڪاڻي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ يا ٻه سال رهڻ کان پوءِ ٻئي ٻار پنهنجي امڙ سان ڪراچي موٽي ويا، جڏهن ته ڪامريڊ عزيز سلام بخاري لاڙڪاڻي ۾ ئي رهجي ويا ۽ لاڙڪاڻي سميت ويجهن علائقن ۾ ماڻهن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لڳا. هنن سنڌ جي مختلف ضلعن، شهرن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪري ڪميونسٽ تحريڪ، هاري مزدور ۽ نوجوانن بابت هڪ تفصيلي رپورٽ پڻ تيار ڪئي. 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لڳڻ کان پوءِ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري زيرِزمين هليا ويا ۽ پنهنجي زندگيءَ جو اڌ حصو روپوشيءَ ۾ گذاريو. ان عرصي دوران هنن ڪميونسٽ تحريڪ کي وڌايو ۽ ڪيترائي مڪمل وقتي ڪارڪن ۽ همدرد تيار ڪيا.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪميونسٽ پارٽي جي محنتي، بي لوث ۽ وفادار ڪارڪنن مان هئا. روپوشيءَ دوران هنن حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ هارين، مزدورن، استادن ۽ شاگردن ۾ وسيع ڪم ڪيو ۽ کاٻي ڌر جي نظرياتي ڪارڪنن کي منظم ڪيو. روپوشيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٽنڊو الهيار ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري جو تعارف ”گل محمد شيخ“ جي نالي سان ڪرايو، کين سماجي سڌار ۽ هاري مزدور تحريڪ جو ڪارڪن ٻڌايو.
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري پنهنجي زندگي سنڌ، سنڌي ٻولي، ثقافت، هارين، مزدورن، استادن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو نيشلزم، جمهوريت ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهندا هئا. ٽنڊو قيصر جا رهواسي هجن يا ٻيا علائقا، جتي به هو رهيا، ماڻهو کين ”چاچا پوڙهو“، ”مولانا“ يا ”ڪامريڊ“ سڏيندا هئا. ٽنڊو قيصر کي هن پنهنجو ڳوٺ ۽ گهر سمجهيو ۽ ڳوٺ وارا کين پنهنجو وڏو مڃيندا هئا. هو محبت، خلوص ۽ سچائيءَ جو مجسمو هئا.
7 فيبروري 1986ع جي صبح ساڍي نَوَ وڳي، ٿرپارڪر جي شاگردن سان سندن تربيتي نشست مقرر هئي. وقت جي پابنديءَ سبب هو تيزيءَ سان اچي پهتا، پر انهيءَ ئي لمحي دل جو دورو پيو ۽ هو لاڏاڻو ڪري ويا. کين ٽنڊو قيصر ۾ ئي دفنايو ويو. سنڌ جا ماڻهو ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري کي ”وڏو بخاري“ ۽ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري کي ”ننڍو بخاري“ سڏيندا آهن. اهي لقب سنڌ جي ڪميونسٽ حلقن ۾ وڏي عزت سان ورتا وڃن ٿا.