يورپي چيمپيئن اسپينش ٽيم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريئل ميڊرڊ جي رانديگرن کان سواءِ ورلڊڪپ کيڏندي!

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ)يورپي چيمپيئن اسپين ايندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ 26 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ريئل ميڊرڊ جو ڪوبه رانديگر شامل نه ڪيو ويو آهي.
هي اسپين جي فٽبال تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو قومي ٽيم ڪنهن ورلڊ ڪپ ۾ ريئل ميڊرڊ جي رانديگرن کان سواءِ ميدان ۾ لهندي.
هيڊ ڪوچ لوئس ڊي لا فوينتي پنهنجي ٽيم جو بنياد گهڻي ڀاڱي بارسلونا جي رانديگرن تي رکيو آهي.
اسڪواڊ ۾ بارسلونا جا اٺ رانديگر شامل آهن جن ۾ لامين يامال، پيڊري، گاوي، ڊيني اولمو ۽ فيران ٽوريس نمايان آهن.
ٻئي پاسي ڊيان هويسٽن ۽ داني ڪارواخال جهڙا ريئل ميڊرڊ جا اهم نالا اسڪواڊ ۾ جاءِ ناهن ٺاهي سگهيا.
هن فيصلي تي وضاحت ڪندي لوئس ڊي لا فوينتي چيو ته هن لاءِ رانديگرن جو تعلق ڪنهن ڪلب سان نه پر قومي ٽيم سان آهي ۽ هو اهڙن رانديگرن کي ترجيح ڏئي ٿو جيڪي اسپين جي نمائندگي ڪرڻ تي فخر محسوس ڪن.
اسڪواڊ ۾ پريميئر ليگ سان تعلق رکندڙ ست رانديگر به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪوچ لامين يامال ۽ نيڪو وليمز جي فٽنيس تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هڙئي رانديگر ٽورنامينٽ جي شروعات تائين مڪمل طور تي تيار هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.