ڪوڪين ڪوئين پنڪي جي طبعيت بگڙي وئي، آءِ جي جيل جو بيان به اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوڪين ڪوئن انمول عرف پنڪي جي طبيعت خراب ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.
آءِ جي جيل فدا حسين مستوئي موجب، جوابدار پنڪي گردن ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي جيل جي ڊاڪٽرن معائني کانپوءِ حالت کي تسلي بخش قرار ڏنو هو.
فدا حسين مستوئي جو چوڻ آهي ته انمول عرف پنڪي کي ايس آءِ يو ٽي ناهي موڪليو، ايس آءِ يو ٽي ۾ معائني لاءِ وڃڻو هو، جنهن لاءِ سيڪيورٽي بابت خط پڻ لکيو ويو هو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته اسپتال کڻي وڃبو. پهرين دفعي طبي معائني دوران پنڪي جي گردن جي تڪليف سامهون آئي هئي، پنڪي اکين ۽ معدي جي مرضن ۾ به مبتلا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.