ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ فلم ”ڊان 3“ جو تڪرار هاڻ هڪ وڏي صنعتي بحران جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جتي فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سني ايمپلائيز (ايف ڊبليو آءِ سِي اَي ) اداڪار رنوير سنگهه تي فلمي صنعت ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
فيڊريشن طرفان هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي اعلان ڪيو ويو ته جيستائين رنوير سنگهه هدايتڪار فرحان اختر سان مبينا 45 ڪروڙ رپين جي نقصان جو معاملو حل نٿو ڪري، تيستائين ڪو به پروڊڪشن هائوس ساڻس ڪم نه ڪندو.
هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن فرحان اختر جي ڪمپني ”ايڪسل انٽرٽينمينٽ“ الزام لڳايو ته رنوير سنگهه ٽن فلمن جو معاهدو ڪرڻ باوجود آخري وقت تي ”ڊان 3“ کان ڌار ٿي ويو.
فلمسازن مطالبو ڪيو آهي ته رنوير سنگهه سڀني پري-پروڊڪشن خرچن جي ذميواري قبول ڪري، جڏهن ته فيڊريشن جون ٺاهه جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته رنوير سنگهه جو موقف آهي ته هي معاملو ڪنهن مناسب قانوني فورم تي حل ڪيو وڃڻ گهرجي.
فيڊريشن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته فلمي صنعت هڪ گڏيل خاندان وانگر آهي جتي اوچتو لاڳاپا ختم ڪرڻ پوري نظام کي متاثر ڪري ٿو، ان ڪري اهڙن روين کي برداشت نه ڪيو ويندو.
چيف ايڊوائزراشوڪ پنڊت پڻ واضح ڪيو ته اڳتي اهڙين معاملن تي سخت قدم کنيا ويندا.
پابنديءَ جي اعلان کانپوءِ رنوير سنگهه طرفان به ردعمل سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن فلمي انڊسٽري ۽ ڊان فرنچائز سان واڳيل سمورن ماڻهن جو احترام ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
اداڪار جي ترجمان موجب، رنوير سنگهه ”ڊان 3“ بابت تڪرار دوران ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي ڇو ته هو سمجهي ٿو ته پيشيواراڻن معاملن کي وقار ۽ گڏيل احترام سان حل ڪيو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته مختلف افواهن جي باوجود اداڪار ڪڏهن به عوامي سطح تي جواب ڏيڻ کي مناسب نه سمجهيو ۽ سندس ڌيان مڪمل طور تي پنهنجن ايندڙ پروجيڪٽس تي آهي.
ٻئي پاسي فيڊريشن واضح ڪيو آهي ته ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود رنوير سنگهه طرفان سهڪار نه ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نان-ڪوآپريشن ڊائريڪٽو جاري ڪيو ويو.
تنظيم جو چوڻ آهي ته هي فيصلو سندس رويي ۽ پيشيواراڻن طور طريقي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڊان فرنچائز ۾ ان کان اڳ شاهه رخ خان مُک ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته 2023 ۾ رنوير سنگهه کي ”ڊان 3“ لاءِ سائن ڪيو ويو هو.
You might also like