نگاهن سان دلين جا ترانا ڇيڙيندڙ مئناڪشي جو ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ٻيهر شوبز ۾ واپسي جو اعلان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) اسي ۽ نوي واري ڏهاڪي جي مشهور فلم اسٽار مئناڪشي شيشادري ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ڀارت واپس موٽي آئي آهي ۽ شوبز انڊسٽريءَ ۾ ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مئناڪشي شيشادري ويجهڙ ڀارت منتقل ٿي آهي ۽ هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر فلمي دنيا ۾ نوان موقعا ڳولي رهي آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ذريعي پنهنجي واپسيءَ جو باضابطا اعلان ڪندي مداحن جا ٿورا مڃيا.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ”30 سالن کانپوءِ مان ٻيهر ممبئي، ڀارت ۾ موجود آهيان ۽ اميد ۽ جذبي سان انڊسٽريءَ ۾ واپسي ڪري رهي آهيان.“
هن چيو ته هوءَ اهڙا ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي مرڪزي يا مددگار، پوءِ کڻي اُهي مختصر ڪردار ئي ڇو نه هجن، پر اسڪرين تي پراثر هئڻ گهرجن.
مئناڪشي شيشادري وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ فلمن سان گڏوگڏ او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر هوءَ رڳو اهڙن پروجيڪٽس جي چونڊ ڪندي جيڪي کيس فنڪار طور چئلينج ڪن.
اداڪارا موجب، کيس ڪيتريون ئي آڇون مليون، پر اِهي متاثر ڪندڙ نه هيون.
اداڪارا اها به وضاحت ڪئي ته هوءَ ڪنهن ايجنسي جي بيساکين کانسواءِ پنهنجي نئين سفر کي پاڻ سنڀالي رهي آهي ۽ في الحال بنيادي طور تي ڀارت ۾ رهائش پذير آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪٽنب سان وقت گذارڻ لاءِ آمريڪا به ويندي آهي.
مئناڪشي شيشادري چيو ته هوءَ ڪجهه ثابت ڪرڻ نه آئي آهي، رڳو اهو ئي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو کيس خوشي ڏئي ٿو. ڱ
هن مداحن کان درخواست ڪئي ته هو ساٿ ڏين، ڇاڪاڻ ته سندن محبت ئي کيس اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏئي ٿي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.