رمضان جو چنڊ ڪڏهن نظر ايندو؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته رمضان 1447 هـه جي نئين چنڊ جي پيدائش 17 فيبروري جي شام پنج لڳي هڪ منٽ تي ٿيندي.
موسميات کاتي موجب، 18 فيبروري تي رمضان جي ڀلاري مهيني جو چنڊ نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن ۽ سنڌ ۾ چنڊ ڏسڻ جو آخري وقت شام ست لڳي 24 منٽ آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ چنڊ شام 7 لڳي 8 منٽن تي نظر ايندو ۽ بلوچستان ۾ چنڊ ڏسڻ جو آخري وقت 7 لڳي 47 منٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخوا ۾ چنڊ ڏسڻ جو وقت شام 7 لڳي 18 منٽ تائين رهندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 18 فيبروري جي شام ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ آسمان صاف يا جزوي گهڻو جهڙالو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.