اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اجلاس دوران ڪورم جي نشاندهي کي نظرانداز ڪري قانون سازي جاري رکي.
ڪورم جي نشاندهي تي اسپيڪر چيو ته ”ڪٿي لکيل آهي ته بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪئي ويندي.“ ان کانپوءِ اياز صادق قانون سازي جاري رکندي ڪيترائي بل منظور ڪرايا.
قومي اسيمبلي هيٺيان بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا
پاڪستاني شهريت (ترميمي) بل 2025 کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته ڀنگ جي انتظام ۽ ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2026 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
ان کانسواءِ پاڪستان جي نالن ۽ نشانيون جي غلط استعمال جي روڪٿام وارو (ترميمي) بل 2026 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي طرفان نيشنل آرڪائيوز (ترميمي) بل 2026 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته نيو پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026 به منظور ڪيو ويو.
ايوان اسلام آباد جي بزرگ شهرين (ترميمي) بل 2025 پڻ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو، جڏهن ته بل ۾ عاليه ڪامران جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪئي وئي.
ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.