حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين ۽ ليکڪن پيڪا قانون کي جمھوريت ۽ اظھار راءِ جي آزادي تي سنگين وار قرار ڏيندي چيو آھي ته ان قسم جي ڪارن قانونن آڻڻ سان نه رڳو جمھوريت ڪمزور ٿيندي پر اھڙا قانون حڪومت نه رھڻ جي شڪل صورت ۾ ساڳين ئي سياستدانن خلاف استعمال ٿي سگھن ٿا. ڪالھ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پاران حيدرآباد جي ريجنل آفيس ۾ ،،10 سالن جو پيڪا قانون ۽ ڏھن سالن جي خاموشي،، جي عنوان ھيٺ فڪري ويھڪ ٿي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ايڇ آر سي پي جي سنڌ ڪائونسل ميمبر خوشحالداس ڪالاڻي چيو ته ھتي قاتل آزاد آھن ۽ صحافي جان محمد مھر ۽ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف نه ٿيو. حڪومت رڳو پيڪا جھڙا قانون آڻي ڊجيٽل ميڊيا تي نظر رکيو ويٺي آھي. ھتي جمھوريت نه آھي ڄڻ بادشاھت جو نظام رائج ھجي. ھن چيو ته ملڪ آئين ۽ انصاف کانسواءِ نٿو ھلي سگھي. غفرانه آرائين چيو ته اسان جو ڪو اھڙو مطالبو ناھي جنھن ته عمل نه ٿي سگھي. اسين جمھوريت ۽ آئين جي بالادستي چاھيون ٿا پشپا ڪماري چيو ته پيڪا قانون جي ذريعي انساني حقن جي ڪارڪنن، وڪيلن، صحافين ۽ شھرين کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو وڃي پيو. ڪامريڊ امداد چانڊيو چيو ته پيڪا جھڙا قانون جمھوريت ۽ جمھوري عمل کي نقصان پهچائين ٿا. اختلاف راءِ کي جڳھ ڏيڻ گھرجي اقبال ملاح چيو ته پيڪا قانون جي ذريعي سزا جا سمورا اختيار حڪومت پاڻ وٽ رکيا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ لکڻ، ڳالھائڻ ۽ سوچڻ تي بندشون ھنيون ويون آھن. ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته پيڪا واري قانون کانپوءِ خود وڪيل برادري پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھي آھي. فھيم نوناري چيو ته جنھن سماج ۾ سوچڻ ۽ سمجھڻ، لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي پھرا ھجن، تنھن سماج ۾ سوچ ۽ تخليق جو عمل رڪجي وڃي ٿو. فڪري ويھڪ کي ويف جي اڳواڻ نسيم جلباڻي، نامياري صحافي رمضان شورو، تنوير آرائين، افشان سامٽيو، جاويد مسيح، شمون مسيح، اشوڪ ڪمار، ممتاز علي، صبا عباسي، ھوش محمد سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت کي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪرڻ گھرجي.