فيض گنج(ظهير خاصخيلي)ڪوٽ لالو ڀرسان پوليس هٿان ماريل ٽن نوجوانن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مقتولن جي وارثن، سول سوسائٽي، وڪيلن، سياسي سماجي ڌرين پاران لڳل ڌرڻي کي ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن، قافلن جي آمد جو جاري آهي، جڏهن ته مهراڻ هاءِ وي بند هجڻ جي نتيجي ۾ هزارين گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون آهن، ڌرڻي ۾ اڳواڻن جو خطاب جاري آهي، ان موقعي تي اڳواڻن ۽ وارثن ڊي آئي جي سکر پاران ايس ايڇ او ڪوٽ لالو کي سسپينڊ ڪري ڪلوز ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ وارن نوٽيفڪيشنز کي رد ڪندي چيو آهي ته قاتل ايس ايڇ او جي صرف معطلي ناڪافي آهي، جي آءِ ٽي وارثن کي اعتماد وٺڻ بنا جوڙي وئي آهي، هنن دانهيو ته پهرين ڏينهن واري ڌرڻي ۾ خاطري ڪرائي وئي هئي ته ملوث ايس ايڇ او ۽ سندن خانگي ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو ۽ جوڊيشل جاچ ڪرائي ويندي، هنن جو چوڻ آهي ته واعدي موجب ڪيل خاطرين تي عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندوٻي طرف اڄ ان سلسلي ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر شھري اتحاد جي صدر اظھر حسين چانگ جي سڏ تي پڪاچانگ، اڪري، ڪرونڊي ۽ ٻين شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪرڻ سان گڏ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويوڪوٽ لالو ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن لاءِ علائقي جي معززن پاران گذريل رات هنڌ بسترن سان گڏ صبح جي نيرن، مانجهاندي جا بندوبست ڪيا وياڪوٽ لالو ڌرڻي ۾ ڳوٺ کنڊو مري واسڻ پيرسن عورت صوبي زال سبزل مري پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻي ۾ پهتي جتي هن دانهيو ته ڪجهه عرصو اڳ کنڀي گم ڪيل سندس پٽ جاويد جي آزادي لاءِ ايس ايڇ او ڪوٽ لالو نوردين کونهارو ڳري رقم طلبي نه ڏيڻ تي سندس پٽ کي ماري ڇڏيو ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم به ٿيڻ نه ڏنو ويوڌرڻي ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۾ وڪيل سيد جعفر شاھ، وڪيل شاڪر نواز، اسرار چانگ، مظفر شر، امتياز اعواڻ، شاھد شر، امجد مهيسر، شاذ خادم، جي ڊبليو سي اڳواڻ شوڪت نوناري ۽ ٻيا شامل آهن
خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي ڪوٽ لالو ۾ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل شر برادري جي ٽن ڄڻن وارو معاملو الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او ڪوٽ لالو نور الدين کونھارو کي ڊي آءِ جي سکر معطل ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب هڪ آرڊر جاري ڪندي ڪوٽ لالو واقعي ۾ الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او کي معطل ڪري رينج آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڊي آء جي سکر موجب واقعي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ايس ايڇ او معطل رهندو،
-
ڪوٽ لالو ۽ نادر جمالي واقعن جي جاچ هلي پئي:آءِ جي سنڌ
ڪراچي (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي , ڀتا خوري, اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ چيلنج هيو پر هن وقت شهر ۾ ڏوهن تي ضابطو آهي۔ پوليس جي جوانن شهر ۾ امن بحال ڪرڻ لاء شهادتون به ماڻيون۔ آء جي ٿيڻ بعد ٻيو وڏو چيلنج ڪچي ۾ آپريشن ۽ ڏوهارين جو خاتمو آڻڻ هيو هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف عزم ڪيو ته يا هنن کي ختم ڪيو ويندو يا کين مجبور ڪيو ويندو ته پوليس آڏو پيش ٿين ھن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن جاري رهندو جيستائين ڏوهارين جو خاتمو نه آڻيو ويندو ۽ ڪچي کي هٿيارن کان پاڪ نه ڪيو ويندو. قبيلائي جهيڙا ختم ڪرايا ويندا جيڪي سرڪار جي رٽ کي چيلنج ڪندا انهن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته دادو واقعي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد کي جاچ لاءِ چيو وارثن هن کي بيان نه ڏنو جنهن کانپوءِ وارثن جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي هن وقت اها هلي ٿي. ڪوٽ لالو واقعي ۾ ٽنهي نوجوانن مٿان ڪيترائي ڪيس هيا مقابلو ڪيئن ٿيو ان جي جاچ ڪريون پيا ڪير احتجاج ڪري پوليس وارن کي هٽايون ائين مناسب ناهي انڪوائري ۾ پوليس آفيسر يا اهلڪار ملوث نڪرندو ان خلاف ڪاروائي ٿيندي.
-
ڪوٽ لالو واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرايو: خيرپور بار جو صدر
خيرپور(ڊ ر) ڪوٽ لالو ۾ خيرپور پوليس پاران ٽن ڄڻن کي بيگناھ قتل ڪرڻ واري واقعي جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جيصدر اعجاز علي چانڊيو اعلي سطحي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ صدر خيرپور بار اعجاز علي چانڊيو چيو آهي ته ڪوٽ لالو واقعي جي خيرپور بار ايسوسيئيشن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي سنڌ ۾ جيڪي عدالتن کان مٿانھان قتل ٿي رهيا آهن اهي بند ٿيڻ گهرجن ۽ ڪوٽ لالو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ قانوني مدد ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاء آواز اٿاريندا رهنداسين .
-
سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي ڪير بحالي ڪندو؟
ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي ڪير بحالي ڪندو،سنڌ ۾ پوليس ئي لاقانونيت ڪري ڪوڙا مقابلا ڪري پئي،هن چيو ته پوليس دادو ۾ نادر جمالي ۽ ڪوٽ لالو ۾ ٽي نوجوان ڪوڙا مقابلا ڪري ماريا ويا آهن،سنڌ ۾ انصاف، قانون ۽ تحفظ ناھي، سنڌ جا ماڻهو انصاف لاءِ روڊن تي ڌرڻا هنيون ويٺا آهن،سنڌ سرڪار جو ڪٿي به وجود نظر نٿو اچي،
-
هاف فراءِ ۽ فل فراءِ آئين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي
نئون ڪوٽ (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، اشرف رند، رحمان نھڙي، مارو قاسماڻي، امرجليل، اياز ڪلوئي، رمضان ڪلوئي ۽ حسن ڪپري نئون ڪوٽ، سنتورو فارم، بچل ڪلوئي، پريم ننگر، ڪوٽ مير جان محمد سميت مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري ڪارنر پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ڳالھائيندي لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم جو قاتل ۽ دھشتگرد ٽولو مسلم ليگ(ن) جي وفاقي ۽ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت جي آشيرواد سان گورنر سنڌ جي اڳواڻي ۾ پنجن سالن جي تھذيب يافته ۽ پاڪستان جي خالق صوبي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ملڪ دشمن مھم ھلائي رھيو آھي. اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواھ جون حالتون انتھائي تشويشناڪ ٿي ويون آھن. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ گذريل ارڙھن سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران ڪرپشن وسيلي صوبائي ادارن کي تباھ ڪيو ويو آھي. پوليس جو ادارو عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ بدران چونڊيل نمائندن، وزيرن، مشيرن جي پرائيويٽ فورس طور ڪم ڪري رھيو آھي. پوليس جو ادارو اھڙو ته بي لغام گھوڙو بڻجي ويو آھي جو وڏيرن جي چُرچ تي بيگناھ ماڻھن کي فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ ڪرڻ ۾ ساواڪ پوليس کان به گوءِ کڻي وئي آھي.