عمران خان خلاف توشا خان ڪيس بابت فوجداري درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس بابت فوجداري درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس بابت فوجداري درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس شاهد بلال حسن ٻه رڪني بينچ جو حصو هوندو.
واضح رهي ته ٽرائل ڪورٽ عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سزا معطل ڪري ڇڏي هئي.
پي ٽي آءِ باني کي اليڪشن ايڪٽ جي قلمن 167 ۽ 173 تحت سزا ٻڌائي وئي هئي.
عمران خان خلاف توشا خانا فوجداري ڪيس تي 9 فيبروري تي ٻڌڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.