ڪتاب "نظرين جي ڪهڪشان” تي هڪ نظر

تحرير: شاھد رضا

نظرين جي ڪهڪشان ڪتاب ڊاڪٽر تيمور رحمان جي وڊيو ليڪچرن جي ٽرانسڪرپٽ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پرديپ گُلاب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف سياسي نظرين جهڙوڪ: لبرلزم، سيڪيولرزم، نيشنلزم، مارڪسزم، سوشلزم، ڪميونزم، فاشزم ۽ پوسٽ ماڊنزم جي اصطلاحن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارنهن مضمون آهن. پيش لفظ ڊاڪٽر تيمور رحمان، "ٻه اکر” مير حسين آريسر، مهاڳ بشارت عباسي ۽ هڪ مضمون سنڌي ترجمي نگار جو پنهنجي پاران لکيل آهي. ضميمي ۾ "قومي سوال” ۽ آخر ۾ فرھنگ (Glossary) ۾ اڻويهه ٽرملوجيز (اصطلاح) شامل آهن. 110 صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ وارن ڇپايو آهي.

ترجمي نگار پنهنجي پاران لکيل مضمون ۾ لکي ٿو ته: "ڊاڪٽر هن ڪتاب ۾ واضح نموني سان بيان ڪري ٿو ته سماج اندر پيدا ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جا حل ڪيئن ڪڍي سگهجن ٿا. پاڪستان جهڙي گهڻ-قومي رياست يا معاشري جي اندر رهندڙ ماڻهن جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ پاڪستان جي رياست ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف معاشي حيثيت رکندڙ قومن سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ انهن قومن جي ڪهڙي حيثيت آهي.”

مهاڳ ۾ بشارت عباسي، ڊاڪٽر تيمور جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو ته: ڊاڪٽر تيمور لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) ۾ سياست ۽ معاشيات جو پروفيسر آهي ۽ "مزدور ڪسان” پارٽيءَ نالي هڪ کاٻي ڌر جي سياسي تنظيم جو سيڪريٽري جنرل به آهي. هن پي ايڇ ڊي SOAS يونيورسٽي آف لنڊن مان ڪئي ۽ سندس پي ايڇ ڊي جو عنوان "پاڪستان جي طبقاتي ڍانچي جو اڀياس” آهي.

هي ڪتاب مختلف نظرين، يا اسين چئي سگهون ٿا ته سياسي اصطلاحن کي سادي ٻوليءَ ۾ سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. صفحي نمبر 3 تي لکيل آهي ته لبرل لفظ "لبرٽي” (Liberty) مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آزاد هجڻ يا آزادي حاصل ڪرڻ وغيره آهي. "وڌ کان وڌ آزادي هجڻ گهرجي پر اها آزادي ڪنهن کي هجڻ کپي؟ ڇا مجموعي سماج کي آزادي هجڻ کپي؟ نه، لبرلز اهو نٿا چون پر اهي چون ٿا ته اهڙو سماج ٺاهيو وڃي جنهن اندر فرد کي وڌ کان وڌ اختيار حاص هجن، وڌ ۾ وڌ فيصلا انفرادي طور خود ڪري سگھن، نه ڪي رياست يا ان جي نالي ڪو گروپ. ان ڪري اسان چوندا آهيون ته لبرل ماڻهو شخصي آزاديءَ، انساني ۽ انفرادي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن معاشري ۾ فرد کي وڌيڪ فيصلا ڪرڻ جو حق ھئڻ گھرجي، اھيا چونڊ ڪرڻ تہ حڪومت ڪير ڪندو وغيره.”  "هو چوي ٿو ته وڌ کان وڌ سوالن جا جواب فرد جي اختيار ۾ هجڻ کپن، ان ۾ معاشرو ۽ رياست مداخلت نه ڪري.” (صفحو نمبر 3(

صفحي نمبر 24 تي قومپرستي (Nationalism) واري نظريي تي ٽي مضمون لکيل آهن. قومپرستي جو موضوع تمام حساس آهي. قومپرستي جي تاريخ بابت لکيل آهي ته نيشنلزم جو تصور ارڙهين صديءَ ۾ سامهون آيو ۽ ان جا بنيادي عنصر به ارڙهين صديءَ ۾ ئي طئه ٿيا هئا. ٽئي مضمون قومپرستي جي حوالي سان آهن ته نيشنلزم جا برصغير ۾ ڪهڙا اثر پيا؟ خاص طور تي ڀارت ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي حوالي سان جائزو ورتو ويو آهي. صفحي نمبر 43 تي آمريڪا جي صدر ووڊرو ولسن بابت ٻڌائيندي چيو ويو آهي ته:

"آمريڪا جي صدر ووڊرو ولسن  تجويز ڪيو ۽ مهم هلائي ته نون ملڪن جون حدون ان بنياد تي قائم ڪيون وينديون ته هڪ ٻوليءَ جا ماڻهو هڪ رياست ۾ رهندا. اسان قوميت جي بنياد تي رياستون قائم ڪنداسين ته آئنده قومپرستي يعني نيشنلزم اهڙي طرح ڪونه اڀرندو ۽ عالمي جنگ جهڙا واقعا پيش ڪونه ايندا. هي تصور ‘ليگ آف نيشنز’ جي بنيادي سوچ بڻجي ويو. 1918ع کان وٺي 1920ع تائين ۽ ان کان پوءِ به ليگ آف نيشنز اها ئي ڪوشش ڪئي ته آسٽرو-هنگرين، عثمانيه ۽ جرمنيءَ جون سلطنتون جيڪي ٽٽيون آهن، انهن جي نتيجي ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون قومون آزاد ٿيون آهن، انهن جون الڳ الڳ رياستون ٺاهيون وڃن ته جيئن آئنده ڪڏهن اهڙي جنگ جي نوبت نه اچي.” (صفحو نمبر 43(

صفحي نمبر 52 تي لکن ٿا ته: "جدلياتي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اسان کي پيداواري رشتن ۽ پيداواري قوتن جي وچ ۾ تضاد کي سمجهڻو پوندو. مثال طور پيداواري رشتا، پيداواري قوتن جي بنياد تي قائم ٿيا. پيداواري رشتن آهستي آهستي پيداواري قوتن يعني ٽيڪنالاجيءَ کي اڳتي وڌايو. ان کي سوليءَ ٻوليءَ ۾ آئون هيئن چوندس ته معاشي نظام جي نتيجي ۾ آهستي آهستي ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي.”

فاشزم بابت وڌيڪ صفحي نمبر 73 تي لکن ٿا ته:  "فاشزم هڪ ساڄي ڌر جي تحريڪ آهي، جيڪا نيشنلزم جي نالي تي هڪ آمريت قائم ڪرڻ چاهي ٿي. ان جو سڀ کان وڏو مخالف بنيادي طور تي سوشلزم هو. لبرلز انهن ڏانهن همدرداڻو ڪردار ادا ڪيو پر فاشسٽ لبرلز جي به خلاف ٿي پيا. لبرلز ۽ سوشلسٽ بنيادي طور تي فاشزم جي خلاف هئا.” هنن سڀني ليڪچرن ۾ ڊاڪٽر تيمور رحمان سوشلزم کي وڌيڪ پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته پاڻ انهيءَ نظريي سان لاڳاپيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.