بلوچستان هڪ ڀيرو ٻيهر توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي گذريل ٻن ڏينهن دوران دهشتگردي جي لهر سڄي صوبي کي لوڏي ڇڏيو. ڪوئيٽا، نوشڪي، دالبندين، پسني، گوادر، پنجگور، خاران ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگرد حملا ڪيا ويا، سرڪاري انگن اکرن موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائين ذريعي 12 هنڌن تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن کي ناڪام بڻايو، جن دوران ٻن ڏينهن ۾ 140 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا. انهن ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز جا 10 بهادر اهلڪار به شهيد ٿيا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت بيگناهه شهري به دهشتگردي جو نشانو بڻيا. دهشتگردن طرفان چونڊيل حدفن مان صاف ظاهر آهي ته انهن جو مقصد رڳو سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائڻ نه هو، پر عام زندگي کي مفلوج ڪرڻ، خوف ۽ هراس پکيڙڻ ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ هو. ريڊ زون، جيل، ڊپٽي ڪمشنر جي رهائش، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جون آفيسون، ريلوي لائينون ۽ شهري علائقا اهي سڀ دهشتگردن جي حڪمت عملي جو حصو هئا.
پابندي پيل تنظيم بي ايل اي طرفان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ ان کي آپريشن هيروف جو ٻيو مرحلو قرار ڏيڻ اهو واضح ڪري ٿو ته هي هڪ منظم، سياسي ۽ بين الاقوامي ڳانڍاپن سان ڳنڍيل دهشتگردي آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي انهن دهشتگردن جي کلي حمايت ڪئي وئي، جيڪا دشمن قوتن جي مداخلت کي بي نقاب ڪري ٿي.
بلوچستان جون اهي ڪمزوريون ڪهڙيون آهن؟ حقيقت اها آهي ته بلوچستان پاڪستان جو سڀ کان وڏو، پر سڀ کان وڌيڪ محروم صوبو رهيو آهي. قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود، هتي جي عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن. تعليم، صحت، روزگار، صاف پاڻي، ۽ انفراسٽرڪچر اهي سڀ شعبا اڃا تائين نظرانداز ٿيل آهن. اهڙي صورتحال ۾، جڏهن محروميون وڌنديون آهن ته شڪايتون جنم وٺنديون آهن، ۽ جڏهن شڪايتن جو تدارڪ نه ٿيندو آهي ته انهن مان انتهاپسندي، نفرت ۽ تشدد جنم وٺندو آهي. اهو چوڻ ڪنهن به طرح دهشتگردي جو جواز پيدا ڪرڻ ناهي، پر مسئلي جي جڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ضرور آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو دهشتگرد ۽ ناراض بلوچ عوام جي وچ ۾ فرق رکي.
سيڪيورٽي آپريشن دهشتگردن خلاف اڻٽر آهن، پر ساڳئي وقت بلوچستان لاءِ هڪ جامع سياسي حل به ضروري آهي. اهو حل صرف بيانن، ڪميٽين يا عارضي پيڪيجز تائين محدود نه هجڻ گهرجي. بلوچستان جي ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ ضروري آهي ته هي ملڪ سندن آهي، وسيلن تي سندن حق آهي ۽ فيصلا سازي ۾ سندن مرضي شامل آهي. بلوچستان جي مسئلي جو حل ڳالهين، اعتماد سازي ۽ آئيني حقن جي بحالي کان سواءِ ممڪن ناهي. گمشدگين جو مسئلو، وسيلن جي ورڇ، نوڪرين ۾ حصو، مڪاني خودمختياري ۽ سياسي عمل ۾ رنڊڪون اهي سڀ اهڙا مسئلا آهن جن تي حڪمرانن کي بلوچستان جي ماڻهن سان ڳالهائڻو پوندو. ڇو ته جهڙي طرح باهه سان باهه کي اجهائي نٿو سگهجي، اهڙي طرح تشدد کي تشدد سان ختم ڪري نٿو سگهجي.
بلوچستان جي موجوده صورتحال ملڪ جي وحدت لاءِ به هڪ سنجيده امتحان آهي. جڏهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ سياسي بيانن ۾ صوبن جي الڳ سڃاڻپ، خودمختياري يا ڌار ٿيڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون، تڏهن اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته حڪومت کي هاڻي ردعمل بدران اڳڀرو ٿي سوچڻو پوندو. ملڪي وحدت نعريبازي سان نه، پر انصاف سان مضبوط ٿيندي آهي. هي روڊ ميپ رڳو سيڪيورٽي تي ٻڌل نه، پر سياسي، معاشي ۽ سماجي سڌارن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ، وسيلن مان مقامي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ ۽ مقامي قيادت کي بااختيار بڻائڻ سان ئي دهشتگردي کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي صرف هڪ صوبائي مسئلو ناهي، بلڪه قومي مسئلو آهي. جيڪڏهن اڄ به اسين صرف آپريشنن تي ڀروسو ڪري، سياسي حل کي نظرانداز ڪيو ته سڀاڻي حالتون وڌيڪ پيچيده ٿي سگهن ٿيون. حڪومت کي هاڻي طاقت سان گڏ حڪمت ۽ سيڪيورٽي سان گڏ انصاف کي به پاليسي جو حصو بڻائڻو پوندو. بلوچستان جي ماڻهن جون محروميون ختم ڪرڻ، سندن جائز شڪايتن جو تدارڪ ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ اعتماد سان شامل ڪرڻ ئي ان دهشتگردي خلاف حتمي فتح جو رستو آهي. جيڪڏهن بلوچستان مطمئن هوندو، ته پاڪستان مضبوط هوندو ۽ اها ئي ملڪي وحدت جي اصل ضمانت آهي.