صرف هڪ واعدي معاف گواهه جي بيان جي بنياد تي ڀٽو کي ڦاهي قانون جي خلاف هئي\جسٽس محمد علي مظهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس محمد علي مظهر، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ صدارتي ريفرنس تي پنهنجو 24 صفحن جو تفصيلي نوٽ جاري ڪندي چيو آهي ته تڪڙ، ڪاوڙ يا تعصب ۾ ڪيل فيصلا نه رڳو ملڪ جي قانون جي خلاف آهن پر اسلامي اصولن جي به خلاف آهن. جسٽس محمد علي مظهر جي مطابق، پوليس پاران بند ڪيل ڪيس کي مارشل لا جي دور ۾ بغير ڪنهن قانوني جواز جي ٻيهر کوليو ويو، جڏهن ته ٽرائل دوران استعمال ٿيندڙ سخت جملن ۽ طنزيه تبصرن عدالت جي وقار ۽ غير جانبداري کي متاثر ڪيو. تفصيلي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ٽرائل ۾ شفافيت ۽ قانوني عمل جي گهرجن کي پورو نه ڪيو ويو. رڪارڊ ڏيکاري ٿو ته ٻڌڻي دوران ججن جي ذاتي تعصب ۽ اڳ ۾ ئي تصورڪيل تاثر هڪ منصفاڻي فيصلي جي بنياد کي سختي سان متاثر ڪيو. جسٽس محمد علي مظهر نشاندهي ڪئي ته ڪيس کي سيشن ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو فيصلو جوابدار کي نوٽيس ڏيڻ ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ تڪڙ ۾ ڪيو ويو، جيڪو انصاف جي اصولن جي خلاف هو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو به ٽرائل دوران بينچ جي سربراهه تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو، پر هن اعتراض کي قبول نه ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي خلاف هو. راءِ ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي صلاحڪاري اختيار کي رياست جي سڀني ادارن لاءِ هڪ وزندار ۽ اهم قانوني حيثيت حاصل آهي، جڏهن ته، هن ڪيس ۾، ججن جي تعصب انهن کي آزاد ۽ منصفانه فيصلو ڪرڻ جي قابل نه بڻايو. جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي ضمني راءِ ۾ ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ 6 مارچ 2024 تي ڀٽو ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏني هئي، ۽ ان حوالي سان هڪ اهم سوال اهو آهي ته هن عدالت توبه جي اصول سان لاڳاپيل سوال ڇو تيار ڪيو. هن اهو سوال اٿاريو ته غير منصفانه ۽ جانبدار ٽرائل جي صورت ۾ توبه جو مخاطب ڪير هجڻ گهرجي ها، اهي جج جيڪي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌندا هئا، اهي جن اپيل ۽ نظرثاني جي ٻڌڻي ڪئي هئي، يا بينچ جنهن سوال کي قابل قبول قرار ڏنو هو. هن چيو ته جيتوڻيڪ ڏنل راءِ واضح لفظن ۾ افسوس جو اظهار نه ڪيو آهي، پر اهو يقيني طور تي افسوس جي ڪجهه نشانين کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي منصفانه ٽرائل ۽ مناسب عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪامي ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جسٽس محمد علي مظهر جي مطابق، صدارتي ريفرنس جي سوال نمبر چوٿين تي اڃا تائين ڪو به آخري فيصلو نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي تفصيلي راءِ کي مرزا غالب جي هڪ نظم سان ختم ڪيو.

سپريم ڪورٽ جيالن کي انصاف ڏئي ڇڏيو: شازيا مري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيا مري، جسٽس محمد علي مظهر جي راءِ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي تاريخ جي رخ کي درستڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي ٽرائل کي منصفاڻي ٽرائل جي معيارن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران شفافيت ۽ قانون مطابق عمل ڪرڻ جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون۔هن وڌيڪ چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ ڏنل راءِ مطابق ججن جي ذاتي تعصب منصفاڻي ۽ آزاد فيصلي تائين پهچڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪيو۔ جسٽس محمد علي مظهر جي راءِ آهي ته مارشل لا جي دور ۾ بغير ڪنهن قانوني جواز جي ڪيس ٻيهر کوليو ويو،هن چيو ته پيپلز پارٽي پهرين ڏينهن کان اهو ئي چوندي آئي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي قتل هو۔ هڪ آمر پنهنجي ذاتي عناد ۽ اقتدار جي حوس ۾ عوام جي محبوب اڳواڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي۔هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڀٽو خاندان ۽ انهن سان عقيدت رکندڙ جيالن کي انصاف مليو آهي،هن چيو ته  آمر ۽ ڀٽو شهيد جي قاتل پاڪستان کي اهڙو ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو، جنهن جو نتيجو قوم اڄ به ڀوڳي رهي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.