مسنگ پرسنز ٽوٽل فراڊ آهي، دهشت گردن کي سندن ٻولي ۾ جواب ڏبو\خواجا آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مسنگ پرسنز مڪمل فراڊ آهي ۽ ملڪ مان دهشت گردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، خواجا آصف موجب گهڻا گم ٿيل ماڻهو ڪالعدم بي ايل اي جا ميمبر آهن، جڏهن دهشت گرد ماريا وڃن ٿا ته ثابت ٿئي ٿو ته انهن جا نالا گم ٿيل ماڻهن ۾ شامل آهن، ۽ انهن جا وارث الائونس پڻ وٺن ٿا. اهي تنظيمون عورتن ۽ ٻارن کي به استعمال ڪن ٿيون، دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ حملن دوران ٻن جاين تي عورتن کي استعمال ڪيو ويو ۽ گرفتار ٿيل ماڻهن جا انڪشاف ظاهر ڪن ٿا ته دهشت گردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي،  بي ايل اي هڪ فارن فنڊ وٺندڙ دهشت گرد تنظيم آهي، جيڪا ٻين ملڪن ۾ پڻ سرگرم آهي، خواجا آصف چيو ته ڀارت ۽ افغانستان بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جهڙيون فرنچائزز استعمال نه ڪن، اسان ڊگهي عرصي کان انهن جي خلاف جنگ ڪري رهيا آهيون ۽ دهشت گردن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين،ڪالهه ڪوئيٽه، دالبندين ۽ نوشڪي ۾ گڏ 12 حملا ٿيا، دهشت گرد ڪيترين لاشن سان گڏ فرار ٿيا ۽ فوج اڃا به آپريشن ۾ مصروف آهي، هن چيو ته دهشت گردن انسانيت جو نقاب اوڙهي ورتو آهي، مسنگ پرسنز هڪ بيانيه آهي، گهڻا ماڻهو دبئي ۽ مسقط ۾ آهن، هاڻي عورتون ۽ ٻار به استعمال ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ گرفتار خودڪش بمبار ڇوڪري اعتراف ڪيو ته ان جي ذهن سازي ڪئي وئي، سياسي عنصرن جي خاموشي ۽ مذمت نه ڪرڻ سبب اهي سهولتڪار بڻجن ٿا پر سڀني صوبن ۾ ٻار ۽ ٻارڙن جون جانيون قربان ٿي رهيون آهن ۽ سياسي پارٽين کي پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي مٽي سان محبت کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.