ڪوئيٽا(عوامي آواز رپورٽ)بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل ٽوئيٽ ڪيو آهي ته شايد جيڪڏهن حڪومت مون سميت انهن سڀني ماڻهن خلاف، جيڪي واقعي بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پروپيگنڊا هلائڻ لاءِ خانگي ميڊيا چينلن کي فنڊ ڏيڻ بند ڪري، ته پوءِ ڪنهن حد تائين تحفظ جو احساس پيدا ٿئي. ان جي ابتڙ، حڪومت مسلسل اهو انڪار ڪندي رهي ٿي ته ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه، ۽ وفاقي اختياريون بنا سوچ ويچار جي هن ئي بيانيي جي پيروي ڪري رهيون آهن،هن چيو ته اڄ هڪ قبائلي اڳواڻ جي حيثيت سان مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته ڪو به قبائلي اڳواڻ پنهنجي ئي علائقي ۾ بغير شدت پسندن جي حملي جي خوف کان داخل نٿو ٿي سگهي. هي ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جنهن تي ناراضگي ظاهر ڪئي وڃي، بلڪه اها اهڙي حقيقت آهي جيڪا سڀني لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي،هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. جيترو به اسان کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، حقيقت کي صاف ۽ کليل لفظن ۾ بيان ڪرڻ ضروري آهي. اسان مان ڪنهن کي به پنهنجي صوبي کي باهه ۾ سڙندي ڏسي خوشي نٿي ملي، پر هي صورتحال اختيارين ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي لاءِ هڪ سنجيده جاڳرتا جو سڏ آهي،هن چيو ته هي بحران سڌي طرح ان نفرت، زور زبردستي ۽ ظلم جو نتيجو آهي، جيڪي گذريل ٽن سالن دوران استعمال ڪيا ويا آهن. اسان بار بار ان بابت خبردار ڪيو هو. اسان سڀني ڏٺو ته هي ٿيڻ وارو آهي، پر ڪنهن به ٻڌڻ جي زحمت نه ڪئي۔