ڪپتان جي ”جيل ياترا“ کي لڳ ڀڳ ٻه سال ٿيڻ وارا آهن. جيڪڏهن عمران خان 5 آگسٽ 2026ع تائين آزاد نه ٿيو ته هو جيل ۾ پنهنجي قيد جا ٻه سال مڪمل ڪري وٺندو. هاڻ ته پي ٽي آءِ اندر به دٻيل دٻيل آواز ۾ مستقبل جي سياسي قيادت بابت سوال اٿڻ لڳا آهن. هر اڱاري ۽ خميس تي اڊيالا جيل ٻاهران هڪ قسم جو ”سياسي ميلو“ لڳي ٿو. ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪارڪن حڪومت مخالف نعرا هڻي دل جو بار هلڪو ڪري واپس پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا آهن.
پي ٽي آءِ جي هر ننڍي وڏي اڳواڻ وٽ پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم موجود آهي، جيڪا اڊيالا جيل جي آس پاس ٿيندڙ سرگرمين ۽ نعريبازي جون وڊيوز وائرل ڪرڻ جي ذميواري نڀائي ٿي. بظاهر ته سڄي پي ٽي آءِ عمران خان جي قيادت هيٺ متحد نظر اچي ٿي، پر عملي طور صورتحال ڪجهه ٻي آهي. 2 ڊسمبر 2025ع کان عمران خان جو ٻاهرين دنيا سان رابطو تقريبن مڪمل طور ڪٽيل آهي. نه ڪو ٽوئيٽ اچي رهيو آهي، نه ئي سندس گهرواريءَ سان ملاقات بابت ڪا ڄاڻ ملي ٿي. البت سندس ڀينرون عليمه خان، عظميٰ خان ۽ ڊاڪٽر نورين هر هفتي اڱاري واري ڏينهن پابندي سان اڊيالا جيل ٻاهران موجود رهن ٿيون، پر کين ملاقات جي اجازت نٿي ملي. ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ جيل جي چوڌاري گوڙ ٿئي ٿو، پوءِ سڄو هفتو وري خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.
عمران خان جي غير موجودگي ۾ بيرسٽر گوهر علي خان پارٽي جو چيئرمين ۽ سلمان اڪرم راجا سيڪريٽري جنرل آهي. جيتوڻيڪ عمران خان سلمان اڪرم راجا کي پنهنجن بيانن جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن عليميٰ خان انهن بيانن کي رد به ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ ڀيري ته سلمان اڪرم راجا عليميٰ خان جي مداخلت تي ايترو ناراض ٿيو جو هن سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پر پوءِ عمران خان جي هدايت تي استعيفا واپس ورتي. هن وقت سلمان اڪرم راجا کي عليميٰ خان جي حمايت حاصل آهي. سندس پاليسي بيان گهڻو ڪري جارحاڻا هوندا آهن، هڪ بيان ۾ حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ٿو ته ٻئي بيان ۾ پاڻ ئي ان جي ترديد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته جيڪو اسان جي اصولن مطابق ڳالهائڻ چاهي، سو پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي اڳواڻن سان ڳالهائي.
يعني پي ٽي آءِ هڪ جماعت طور ڳالهين بابت ڪا واضح ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. جڏهن عمران خان عمر ايوب کي نااهل قرار ڏيڻ بعد محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ راجا ناصر عباس کي شبلي فراز جي نااهلي بعد سينيٽ ۾ قائدِ اختلاف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ته پهريون ڀيرو ڪپتان کي پنهنجي ئي جماعت اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، پر عمران خان جي ويٽو پاور اڳيان ڪنهن جي به نه هلي. سواءِ هڪ اڳواڻ جي، باقي سڀني صحيحيون ڪري ڇڏيون پوءِ اسپيڪر آفيس قانوني رنڊڪون وڌيون، ايتري حد تائين جو عمر ايوب کي پنهنجي درخواست به واپس وٺڻي پئي. معاملو هتي به ختم نه ٿيو، آخرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي به مداخلت ڪرڻي پئي ۽ سندس سفارش تي محمود خان اچڪزئي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، ساڳئي وقت راجا ناصر عباس به سينيٽ ۾ قائدِ اختلاف بڻايو ويو.
حڪومت جي اوچتي رويي ۾ تبديلي ان ڳالهه جو اشارو هئي ته حڪومت پارليامينٽ هلائڻ ۾ سنجيده نظر اچي ٿي. محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کلي لفظن ۾ چيو آهي ته سياسي بحران جو حل عمران خان جي آزادي مان نڪري ٿو. جيتوڻيڪ ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ مسلسل آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪري رهي آهي ۽ انهن ۾ عمران خان سميت سڀني سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، پر عملي طور عمران خان جي آزادي جو ڪو واضح رستو نظر نٿو اچي. محمود خان اچڪزئي جا نواز شريف ۽ آصف علي زرداري سان دوستاڻا لاڳاپا آهن، پر سندس چوڻ آهي ته ٻنهي سان رڳو چانهه کان سواءِ ٻيو ڪو تعلق ناهي. هن جو چوڻ آهي ته جڏهن به اهي ٻئي وٽس ايندا، اهو ”اڌار“ لاهي ڇڏيندو. حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ قائدينِ اختلاف ته ويهاري ڇڏيا آهن، ۽ انهن زور دار تقريرون به ڪيون آهن، هاڻ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي. عمران خان سان گذريل لڳ ڀڳ ٻه مهينا ملاقاتن تي پابندي آهي. جيڪڏهن قائدينِ اختلاف کي عمران خان سان ملڻ جي اجازت ملي وڃي ته ”برف“ ڳرڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ انهن ملاقاتن وسيلي پيغام پهچائڻ جو سلسلو به شروع ٿي سگهي ٿي.
محمود خان اچڪزئي هڪ پتو کيڏي ڇڏيو آهي، ”حڪومت لکي ڏئي ته هو ڇا چاهي ٿي، مان عمران خان کان صحي ڪرائي وٺندس.“ في الحال نه محمود خان اچڪزئي ۽ نه راجا ناصر عباس کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت ملي آهي ۽ نه ئي سهيل آفريدي پنهنجي سڀني ڪوششن باوجود عمران خان سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جيتوڻيڪ سهيل آفريدي مراد سعيد جي ڳولا آهي، پر هن وڏي هوشياري سان بشريٰ بي بي ۽ عليميٰ خان جي دل ۾ به نرم گوشو پيدا ڪري ورتو آهي. علي امين گنڊاپور عمران خان کي عليميٰ خان خلاف شڪايتون ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ وڏ وزارت کان محروم ٿي چڪو آهي. سهيل آفريدي اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ نٿو چاهي، جنهن جو علي امين گنڊاپور کي منهن ڏيڻو پيو.
خبر آهي ته جيل ۾ عمران خان کي بشريٰ بي بي سان ملاقات ۽ پنهنجن پٽن سان جيل مينوئل مطابق فون تي ڳالهائڻ جي سهولت ملي رهي آهي، پر ٻنهي پٽن جي پاڪستان موٽڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جماعت اسلامي کان سواءِ ٻين جماعتن وانگر هڪ شخصي جماعت آهي. عمران خان جي جيل وڃڻ باوجود متبادل قيادت تيار نه ٿي سگهي آهي. عمران خان جي حياتيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به اڳواڻ پاڻ کي سندس سياسي جانشين چوڻ جي جرئت به نٿو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ عمران خان 8 فيبروري 2026ع جي ”ڦيٿا روڪ هڙتال“ جي تحريڪ کي تحفظ آئين پاڪستان کان توثيق ڪرائي ورتي آهي، پر عملي طور تحريڪ هلائڻ جي ذميواري سهيل آفريدي تي آهي، جيڪو پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪجهه شهرن جا دورا به ڪري چڪو آهي. سهيل آفريدي عوامي ردِعمل کان مطمئن نظر اچي ٿو، پر سياسي حلقن ۾ سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت عمران خان جي آزادي لاءِ کلي راند کيڏڻ ڏيندي يا پي ٽي آءِ جي تحريڪ جي ٽين يا چوٿين ڪوشش به ”ٽائي ٽائي فِش“ ثابت ٿيندي؟ جيڪڏهن اها ڪوشش به ناڪام ٿي وئي ته پوءِ عمران خان جي آزادي جو معاملو وري مهينن لاءِ اڳتي هليو ويندو.
قاسم نيازي ۽ سلمان نيازي، جيڪي ست سمنڊ پار پرڏيهه ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، کين پاڪستان واپس اچي پنهنجي والد جي سياسي وراثت جي حفاظت ڪرڻي پوندي. پي ٽي آءِ جي ٻئي درجي جي قيادت عمران خان جا گيت ته ڳائي ٿي، پر سندس سياسي جانشيني سنڀالڻ سندن وس کان ٻاهر ڳالهه آهي. قاسم ۽ سلمان نيازي کي نه صرف ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر سياست جي تپندڙ واريءَ تي پاڻ کي پنهنجي والد جو حقيقي سياسي جانشين به ثابت ڪرڻو پوندو.
پي ٽي آءِ جي هر ننڍي وڏي اڳواڻ وٽ پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم موجود آهي، جيڪا اڊيالا جيل جي آس پاس ٿيندڙ سرگرمين ۽ نعريبازي جون وڊيوز وائرل ڪرڻ جي ذميواري نڀائي ٿي. بظاهر ته سڄي پي ٽي آءِ عمران خان جي قيادت هيٺ متحد نظر اچي ٿي، پر عملي طور صورتحال ڪجهه ٻي آهي. 2 ڊسمبر 2025ع کان عمران خان جو ٻاهرين دنيا سان رابطو تقريبن مڪمل طور ڪٽيل آهي. نه ڪو ٽوئيٽ اچي رهيو آهي، نه ئي سندس گهرواريءَ سان ملاقات بابت ڪا ڄاڻ ملي ٿي. البت سندس ڀينرون عليمه خان، عظميٰ خان ۽ ڊاڪٽر نورين هر هفتي اڱاري واري ڏينهن پابندي سان اڊيالا جيل ٻاهران موجود رهن ٿيون، پر کين ملاقات جي اجازت نٿي ملي. ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ جيل جي چوڌاري گوڙ ٿئي ٿو، پوءِ سڄو هفتو وري خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.