پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جيڪڏهن گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ڪنهن هڪ اصطلاح سڀ کان وڌيڪ بحث، اختلاف ۽ تلخي پيدا ڪئي آهي ته اهو هائبرڊ نظام آهي. اهڙو نظام جنهن کي ڪو جمهوريت جو بگڙيل چهرو سڏي ٿو، ڪو قومي سلامتي جي مجبوري قرار ڏئي ٿو، ڪو طاقت جي توازن جو نالو ڏئي ٿو ۽ ڪو جمهوريت جي نالي تي غير جمهوري بندوبست سمجهي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ هائبرڊ نظام نه اوچتو وجود ۾ آيو آهي ۽ نه ئي اهو ڪنهن هڪ اداري يا هڪ حڪومت جي ايجاد آهي. هي ان رياستي ارتقا جو نتيجو آهي جنهن ۾ ڪمزور سياسي ادارا، طاقتور غير چونڊيل ڍانچا، اندرين سلامتي جا چئلينج، معاشي عدم استحڪام، علائقائي تڪرار ۽ عالمي دٻاءُ پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ فوري طور جمهوريت جا ادارا مضبوط نه ٿي سگهيا. آئين ٺاهڻ ۾ دير، سياسي قيادت جي کوٽ، نوآبادي دور جي رياستي ڍانچي جو تسلسل ۽ بيوروڪريسي ۽ فوجي ادارن جي فيصلا سازي ۾ بالادستي اهڙو خال پيدا ڪيو، جنهن کي پوءِ بار بار سڌي يا اڻسڌي نموني غير چونڊيل طاقتن ڀريو. ايوب خان کان وٺي ضياءُ الحق ۽ مشرف تائين فوجي آمريت جمهوريت کي معطل ڪيو، پر هر آمريت پنهنجي پڄاڻيءَ تي اهو اعتراف به ڪيو ته بغير ڪنهن سياسي چالاڪي جي رياست کي هلائڻ ممڪن ناهي. اهو ئي اهو نُڪتو هو جتي خالص آمريت ۽ خالص جمهوريت جي وچ ۾ هڪ وچٿرو رستو ڳوليو ويو، جنهن کي پوءِ هائبرڊ نظام چيو ويو.
هن نظام جي بنيادي خاصيت اها آهي ته ظاهري طور جمهوريت موجود هوندي آهي. پارليامينٽ هوندي آهي، چونڊون ٿينديون آهن، ڪابينا ٺهندي آهي، پر طاقت جا اصل مرڪز مڪمل طور چونڊيل نمائندن وٽ ناهن هوندا. پرڏيهي پاليسي، سلامتي، ڪڏهن ڪڏهن معيشت ۽ احتساب جهڙن شعبن ۾ غير چونڊيل ادارن جو اثر نمايان رهندو آهي. 2008ع کان پوءِ پاڪستان ۾ جمهوريت جي واپسي ٿي، پر اها جمهوريت لڳاتار دٻاءُ، بي اعتمادي ۽ طاقت جي غير متوازن ڍانچي جو شڪار رهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ٻنهي واري واري سان حڪومت ڪئي، پر ٻنهي دورن ۾ اهو تاثر قائم رهيو ته فيصلا سازي مڪمل طور سول حڪومت جي هٿ ۾ ناهي.
2018ع کان پوءِ هي بحث وڌيڪ تيز ٿي ويو، جڏهن هڪ نئين سياسي جماعت اقتدار ۾ آئي ۽ اپوزيشن کلي عام هائبرڊ نظام جو الزام لڳايو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪا جماعت ڪالهه تائين هن نظام مان فائدو وٺندڙ سمجهي ويندي هئي، سا ئي ان کي جمهوريت لاءِ زهر قرار ٿي ڏنو ۽ جيڪي جماعتون ماضي ۾ شڪايتون ڪنديون هيون، اهي اقتدار جي ويجهو اچي خاموش نظر اچڻ لڳيون، جتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا مسئلو واقعي هائبرڊ نظام آهي يا اصل مسئلو اقتدار کان ٻاهر هجڻ آهي.
جيڪڏهن هائبرڊ نظام کي رڳو سازش يا ڪنهن هڪ اداري جي ضد قرار ڏنو وڃي ته اهو تجزيو اڌورو رهندو، ڇو ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي سياستدان پاڻ ۾ بي اعتمادي جو شڪار هجن، ادارا ڪمزور هجن، معيشت پرڏيهي قرضن تي بيٺل هجي، دهشتگردي ۽ علائقائي خطرا موجود هجن ۽ عوامي ڀلائي جو نظام ناڪاره هجي ته اتي طاقت جو خال هميشه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڀريو ويندو آهي. سوال اهو ناهي ته هائبرڊ نظام سٺو آهي يا خراب، سوال اهو آهي ته اهو ڇو وجود ۾ آيو ۽ ڇو هر هر واپس اچي ٿو.
جمهوريت رڳو چونڊن جو نالو ناهي، پر ادارن جي توازن، قانون جي بالادستي، شفاف احتساب، آزاد عدليه، آزاد ميڊيا ۽ بااختيار مڪاني حڪومتن جو مجموعو آهي. پاڪستان ۾ اهي سڀ ٿنڀ يا ته ڪمزور رهيا آهن يا سياسي مفادن جي ور چڙهي ويا آهن. جڏهن سياستدان پارليامينٽ کي ڪمزور ڪن، هڪ ٻئي کي غدار ۽ چور ثابت ڪرڻ ۾ لڳا رهن، رياستي ادارن کي ذاتي جهيڙن ۾ گهلي اچن ۽ اقتدار لاءِ غير جمهوري سهارن تي ڀاڙين ته پوءِ جمهوريت پاڻ پنهنجي لاءِ کوهه کوٽي ٿي. اهڙي ماحول ۾ غير چونڊيل قوتون پاڻ کي رياست جو محافظ سمجهڻ لڳن ٿيون ۽ عوام جو هڪ حصو به استحڪام جي نالي تي ان ڪردار کي قبول ڪري وٺي ٿو.
هائبرڊ نظام جا حامي اهو دليل ڏين ٿا ته پاڪستان جهڙي سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ خالص جمهوريت هڪ عياشي آهي. ڀارت سان ڇڪتاڻ، افغانستان جي صورتحال، ايران، چين ۽ آمريڪا سان پيچيده لاڳاپا، اندروني شدت پسندي ۽ معاشي نازڪ حالت ۾ جيڪڏهن سڀ فيصلا سست ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ سياسي قيادت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏجن ته رياست ڪمزور ٿي سگهي ٿي. انهن جي نظر ۾ هائبرڊ نظام هڪ عارضي بندوبست آهي، جيڪو جمهوريت کي مڪمل تباهي کان بچائي ٿو. ان جي ابتڙ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اها ئي سوچ پاڪستان کي ڪڏهن به نارمل رياست بڻجڻ نٿي ڏئي، ڇو ته جيستائين چونڊيل حڪومت کي مڪمل اختيار نه ملندو، تيستائين نه اها پنهنجي ڪارڪردگي جي مڪمل ذميواري کڻندي ۽ نه ناڪامي جي. هر ناڪامي جو الزام اسٽيبلشمينٽ تي ۽ هر ڪاميابي جو ڪريڊٽ حڪومت کي ملندو رهندو. نتيجي طور احتساب جو تصور ڌنڌلو ٿي وڃي ٿو ۽ عوام سمجهي نٿو سگهي ته اصل فيصلا ساز ڪير آهي.
هائبرڊ نظام جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهو سياسي ارتقا کي روڪي ڇڏي ٿو. سياسي جماعتون پاليسي ٺاهڻ بدران طاقت جي مرڪزن سان لاڳاپا ٺاهڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳائين ٿيون. چونڊون کٽڻ کان پوءِ به حڪومتون عدم تحفظ جو شڪار رهن ٿيون ۽ اپوزيشن روڊن يا ٻاهرين سهارن ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿي. نتيجي ۾ لڳاتار عدم استحڪام، وقت کان اڳ چونڊون، لانگ مارچ، ڌرڻا ۽ نظام خلاف نفرت جنم وٺي ٿي. پاڪستان ۾ هر ڪجهه سالن کان پوءِ اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا هائبرڊ نظام ختم ٿي ويو آهي يا اڃا به موجود آهي. پر حقيقت اها آهي ته هي نظام ڪنهن اعلان سان نه ايندو آهي نه ويندو آهي، پر طاقت جي توازن سان جڙيل هوندو آهي. جڏهن سول ادارا مضبوط ٿيندا، سياستدان بالغ نظري جو مظاهرو ڪندا، معيشت مضبوط ٿيندي ۽ عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويندو، ته هائبرڊ نظام پاڻمرادو غير لاڳاپيل ٿي ويندو. پر جيڪڏهن سياستدان هڪ ٻئي کي ڪمتر ڏيکارڻ لاءِ هر در کڙڪائيندا رهندا، ادارن کي تڪراري بڻائيندا ۽ رياستي مفاد کي ذاتي مفاد تي قربان ڪندا، ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هائبرڊ بندوبست برقرار رهندو.
هن بحث جو هڪ اهم پاسو عوام جو ڪردار به آهي. پاڪستان جو عوام جمهوريت جو حامي آهي، پر استحڪام به چاهي ٿو. جڏهن کين لڳي ٿو ته چونڊيل حڪومتون مهانگائي، بيروزگاري، بدعنواني ۽ بدانتظامي تي ضابطو نٿيون آڻي سگهن، ته هو غير جمهوري مداخلت تي خاموش رضامندي ڏيئي ڇڏي ٿو. اها ئي خاموشي هائبرڊ نظام کي اخلاقي جواز ڏئي ٿي. ميڊيا ۽ عدليه جو ڪردار به هن تناظر ۾ اهم آهي. جيڪڏهن اهي ادارا طاقت جي توازن کي درست رکڻ بدران ڪنهن هڪ ڌر جو ساٿ ڏين، ته هائبرڊ نظام وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿو. پاڪستان لاءِ اصل سوال اهو ناهي ته هائبرڊ نظام آهي يا ناهي، پر اهو آهي ته ڇا اسين اهڙي جمهوريت ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا، جتي فيصلا شفاف هجن، ذميواري واضح هجي ۽ ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهن. جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته پوءِ سياستدانن کي به اهو مڃڻو پوندو ته جمهوريت رڳو اقتدار جو نالو ناهي، پر برداشت، ڳالهه ٻولهه، ادارا سازي ۽ خود احتسابي جو تقاضو به آهي. هائبرڊ نظام شايد پاڪستان جي هڪ وقتي مجبوري رهيو هجي، پر جيڪڏهن ان کي مستقل حل سمجهيو ويو ته اهو جمهوريت کي اندر کان کوکلو ڪري ڇڏيندو.
تاريخ شاهد آهي ته ڪا به قوم غير واضح نظام جي سهاري ترقي نٿي ڪري سگهي. يا ته اختيار مڪمل طور عوام جي نمائندن کي ڏيڻو پوندو يا کلي طرح ڪنهن ٻئي نظام جو اعلان ڪرڻو پوندو. وچ واري هي ليڪ هميشه بي يقيني، الزام تراشي ۽ عدم استحڪام کي جنم ڏيندي رهندي. پاڪستان اڄ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي کيس اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو هائبرڊ نظام کي عارضي مجبوري سمجهي آهستي آهستي خالص جمهوريت ڏانهن وڌندو يا ان کي مستقل بندوبست مڃي سياسي ارتقا کي محدود ڪري ڇڏيندو. هي فيصلو ڪنهن هڪ اداري يا هڪ حڪومت نه، پر پوري سياسي اشرافيه، رياستي ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪرڻو آهي، ڇو ته آخرڪار هائبرڊ نظام نه مڪمل جمهوريت آهي ۽ نه مڪمل آمريت، پر هڪ اهڙي ڌنڌ آهي، جنهن ۾ رستو ڏسڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ۽ قومون جيڪڏهن ڌنڌ ۾ گهڻو وقت سفر ڪن ته منزل وڃائي ويهن ٿيون.