ڪراچي، ڍيٻڪي تي نچندڙ هڪ لاوارث شهر

تحرير: غلام شهـباز بٽ

ڪراچي عربي سمنڊ ڏانهن پهريون قدم ضرور آهي، پر 1980ع واري ڏهاڪي کان اهو عدم توازن ۾ هلندو پيو اچي ٿو. هاڻي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي نه، پر سمنڊ جي لهرن جي وچ ۾ بيٺو هجي هر لهر سان گڏ لڏجندڙ. هي اهو شهر آهي، جنهن کي هڪ سنڌي هندو، ڀوجومل، آباد ڪيو، جيڪو ڪڏهن مائي ڪلاچي نالي هڪ مهاڻن جو ڳوٺ هو،  جتي کاري در ۽ مٺي در جا ٻه دروازا هئا ۽ اڄ به فضا ۾ لوڻياٺي ۽ مٺي نميءَ جا ٻه الڳ لهجا ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا۔

هي ئي اهو شهر آهي، جنهن جي جوڙيا بازار ۾ اڄ به اهو معجزو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پاڪستان جي لڳ ڀڳ هر ٻوليءَ پنهنجو ڪو نه ڪو دڪان ڳولي وٺي ٿي، هتي ٻوليون هڪ ٻئي ۾ ڳرنديون ناهن، پر گڏجي ساهه کڻنديون آهن اِهو ئي ڪراچي هو ۽ اڄ به اُهو ئي ڪراچي آهي۔ پر اڄ، گل پلازا  سانحي جي سڙيل لاشن تي ماتم ڪندڙ ڪراچيءَ جي وچ ۾ وري ساڳيو پراڻو ۽ خطري وارو لساني بحث سر کڻي بيٺو آهي. هي دليل پهرين نظر ۾ انتظامي لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو انتظامي کان وڌيڪ فڪري آهي. خطرو ان ڪري آهي جو ان کي رڳو گورننس جو مسئلو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هي اصل ۾ رياست اندر سڃاڻپ جي نئين نقشابنديءَ جي ڪوشش آهي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن رياستون ڪنهن شهر کي انتظامي ناڪامي بدران سڃاڻپ جو مسئلو بڻائين ٿيون، ته شهر ترقي ناهن ڪندا ۽ هو وڌيڪ ورهائجي ويندا آهن۔

ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو خيال ڪو نئون ناهي. هي رياستي تاريخ ۾ آزمايل تجربو آهي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ سياسي ردعمل، سڃاڻپ جي ڇڪتاڻ ۽ انتظامي پيچيدگيون پيدا ٿيون پر شهر جي گورننس اڃا به گڏيل نه ٿي سگهي۔ دنيا جي وڏن شهرن ڏانهن ڏسو: لنڊن، نيويارڪ، شنگھائي ڪٿي به اهڙو ماڊل نٿو ملي، جتي ڪنهن ميگا سٽي کي صوبي يا رياست کان ڪٽي هلائجي. انهن شهرن کي طاقت ان ڪري نه ملي جو اهي وفاق جي سڌي ماتحت آهن، پر ان ڪري ملي جو رياست انهن تي اعتماد ڪيو. کين هلائڻ جو حق ڏنو، غلطي ڪرڻ جي گنجائش ڏني ۽ سکڻ لاءِ وقت ڏنو۔

ڪراچي جي معاملي ۾ پهريون ڪمزور دليل اها تاريخي دعويٰ آهي ته هي ڪڏهن به سنڌ جو حصو نه رهيو. جڏهن ته ڪراچي ڪو ٻاهران آندل ٻيٽ ناهي، پر سنڌ جي سامونڊي تهذيب جو ايندڙ قدم آهي. ان جي شروعات سنڌو ڊيلٽا جي معيشت، بندرگاهي رستن ۽ ساحلي تمدن سان ڳنڍيل آهي. کاري در ۽ مٺي در رڳو پاڙا ناهن، پر شهر جي ڊي اين اي ۾ شامل اهي اصول آهن، جن موجب شهر جا در کليل رهندا آهن ۽ ٻوليون پنڃرن ۾ بند ناهن ٿينديون۔ ڪراچي جي جديديت به ڪنهن هڪ قوميت جو ڪارنامو ناهي. شهري سياست، بلدياتي نظام، عمارتون، ادارا هر سطح تي مختلف برادرين جون محبتون موجود آهن. جمشيد نسروانجي مهتا جهڙا ڪردار به انهيءَ تاريخ جو حصو آهن. مندر، چرچ، يهودين جون عبادت گاهون ڪراچي تاريخي طور هڪ گهڻ رخو (plural) شهر رهيو آهي۔ اهي حقيقتون نوسٽيلجيا لاءِ ناهن، پر ان لاءِ آهن ته ڪراچي جو روح گهڻ سڃاڻپ آهي۔

هاڻي معيشت ڏانهن اچون ٿا، جيڪڏهن ڪراچي رڳو هڪ لساني علائقو هجي ها ته ان تي ايترو هنگامو ڇو ٿئي ها؟ ڪراچي پاڪستان جي معيشت ۾ رڳو شريڪ ناهي پر مرڪز آهي. هي شهر ملڪ جي جي ڊي پي، مينوفيڪچرنگ، ٽيڪس آمدني ۽ پرڏيهي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. ان ڪري ڪراچي جو مسئلو رڳو بلدياتي ناهي، هي رياست جو آمدني جو انجڻ ۽ اسٽريٽجڪ دروازو آهي، پر هن انجڻ لاءِ بجيٽ؟

25 کان 30 ملين آباديءَ واري شهر کي ساليانو ڏهه ارب رپيا. في شهري خرچ ڪجهه هزار رپيا. دنيا جي مقابلي لائق شهرن ۾ في شهري خرچ سوَن ڊالرن ۾ هوندو آهي. اسان ڪراچي کان نيويارڪ جهڙي ڪارڪردگي چاهيون ٿا، پر بجيٽ ڪنهن ضلعي ڪائونسل جيتري ڏيون ٿا۔  اهڙي پس منظر ۾ ”ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪريو“ واري تجويز اچي ٿي هڪ شارٽ ڪٽ طور. پر تاريخ جو سبق صاف آهي، جڏهن رياست ڪنهن شهر کي قابلِ اعتماد شهر بدران قابلِ انتظام مسئلو سمجهڻ لڳي ٿي اهو ته شهر ترقي نٿو ڪري هو مزاحمت سکڻ لڳي ٿو۔

اصل مسئلو هي آهي ته ڪراچي سالن کان انتظامي طور ورهايل آهي. چونڊيل ميئر وٽ اختيار ناهي، پر ذميواري پوري آهي. بندرگاهون الڳ، ڪنٽونمينٽ الڳ، ڊفينس الڳ هتي شهر نٿو ٺهي، پر ڪمانڊ ڪنفلڪٽ زون ٺهي ٿو. هي ورهايل طاقت آهي ۽ ورهايل طاقت ڪڏهن به نظم وضبط پيدا نٿي ڪري۔ ڪراچي اڳ به وفاقي علائقو رهيو آهي. جيڪڏهن وفاقي ڪنٽرول ڪو معجزاتي حل هجي ها، ته اڄ هي شهر ادارياتي ٽڪرن ۾ ورهايل نه هجي ها۔

دراصل اسين ڪراچي جي بيماريءَ کي غلط نالو ڏئي رهيا آهيون. هي سنڌ بمقابله ڪراچي ناهي؛ هي اختيار بمقابله ورهاست آهي. هي لساني مسئلو ناهي، هي گورننس آرڪيٽيڪچر جي ناڪامي آهي۔ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ هڪ ٻيو شارٽ ڪٽ آهي علامتن کي بدلائڻ جي ڪوشش، بيماري کي نه. ان سان سنڌ ۾ محرومي وڌندي، ڪراچي ۾ بيگانگي ۽ وفاق کي اهڙو شهر ملندو، جيڪو انتظامي طور سندس هوندو، پر نفسياتي طور پري۔ رياستون بندوق يا فائيل سان ناهن مضبوط ٿينديون، پر قبوليت سان ٿينديون آهن ۽ شهر خاص طور تي ميگا سٽيز قبوليت کان سواءِ نٿا هلي سگهن۔ اصل سوال اهو ناهي ته ڪراچي ڪنهن جي ماتحت هجي. اصل سوال اهو آهي ته ڪراچي کي اعتماد ڪڏهن ملندو؟ حل هي ناهي ته شهر کي صوبي کان ڪٽي ڇڏيو. حل هي آهي ته شهر کي هڪ بااختيار، ذمواري ۽  هڪ جهڙو ميٽروپوليٽن نظام ڏنو وڃي، هڪ شهر، هڪ رٿابندي؛ هڪ شهري ٽرانسپورٽ اٿارٽي، واضح مالي اختيار ۽ چونڊيل ميئر جي حقيقي ڪمانڊ۔

ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ بظاهر انتظامي سڌارو لڳي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ اها هڪ تاريخي، شهري ۽ معاشي غلطي هوندي. مسئلو صوبو ناهي مسئلو اهو آهي ته رياست اڃا تايئن هن شهر کي مڪمل شهر مڃيو ئي ناهي ۽ جيستائين ڪراچي کي چونڊيل، بااختيار ۽ هڪ جهڙو شهري نظام نٿو ملي، تيستائين هي ڍٻڪي تي نچندو رهندو چاهي پوءِ مٿس سنڌ لکيل هجي يا وفاق.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.