ڪاروباري رنڊڪون، اصل مسئلو ڪٿي آهي؟

الياس مجيد شيخ

پاڪستان جي سياست ۾ نوجوان هميشه هڪ دلڪش نعرو رهيا آهن، پر گهٽ ئي اهڙو موقعو آيو آهي جو انهن کي ڪنهن منظم، مستقل ۽ نتيجا خيز قومي پاليسي جو حصو بڻايو ويو هجي. هر حڪومت نوجوانن کي مستقبل جا معمار قرار ڏئي ٿي، پر اهي معمار اڄ به اوزار، نقشو ۽ رستو گهرن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو تازو بيان، جنهن ۾ هن نوجوانن جي هُنرمندي، تعليمي قابليت ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو، نيڪ نيتي جو مظاهرو ضرور آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان ملاقات، يوٿ پروگرام ۽ ليپ ٽاپ اسڪيم بابت بريفنگ، ۽ انهن قدمن تي اطمينان جو اظهار، اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته حڪومت مسئلي کان باخبر آهي. پر اصل سوال اهو ناهي ته حڪومت ڄاڻي ٿي يا نه، اصل سوال اهو آهي ته ڄاڻڻ باوجود عمل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟

هڪ ٻي وڏي رڪاوٽ مربوط حڪمتِ عملي جو فقدان آهي. يوٿ پروگرام الڳ، تعليم جي پاليسي الڳ، صنعت جون ضرورتون الڳ ۽ روزگار جي منصوبابندي الڳ جيستائين انهن سڀني کي هڪ قومي فريم ورڪ ۾ نه ڳنڍيو ويندو، نتيجا سامهون نه ايندا. ليپ ٽاپ ڏيڻ بذاتِ خود خراب ڳالهه ناهي، پر سوال اهو آهي ته ليپ ٽاپ کان پوءِ نوجوان ڇا ڪندو؟ ڇا وٽس مهارت آهي؟ ڇا مارڪيٽ ۾ سندس لاءِ جاءِ آهي؟ ڇا کيس رهنمائي ۽ موقعا ميسر آهن؟ راندين ۽ ثقافت جهڙا شعبا ته ڄڻ پاليسي سازن جي ترجيحن ۾ شامل ئي ناهن. پاڪستان ۾ في ڪس راندين جا ميدان لڳاتار گهٽجي رهيا آهن. لائبريريون بند ٿي رهيون آهن، ٿيٽر ۽ ثقافتي مرڪز ناپيد ٿيندا پيا وڃن. نتيجي ۾ نوجوان جي توانائي يا ته سوشل ميڊيا جي انتهاپسندي ۾ ضايع ٿي وڃي ٿي يا منفي سرگرمين ڏانهن مڙي وڃي ٿي. هي رڳو سماجي مسئلو ناهي، پر قومي سلامتي جو سوال به آهي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نوجوانن جي معاملي ۾ جذباتي تقريرن کان اڳتي وڌيو وڃي. وزيراعظم کي گهرجي ته نوجوانن لاءِ هڪ واضح، قابلِ ماپ ۽ وقت سان ڳنڍيل قومي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڏئي. اهڙي پاليسي جنهن ۾ هدف مقرر هجن، ذميواريون واضح هجن ۽ هر ڇهن مهينن ۾ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي. بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بدران سهولتڪار بڻايو وڃي. نجي شعبي، يونيورسٽين ۽ نوجوانن کي پاڻ به هن عمل ۾ شامل ڪيو وڃي. پاڪستان جو نوجوان ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، هو خيرات نه، پر ڪاروبار جا موقعا گهري ٿو. جيڪڏهن رياست وقت سر اهي موقعا فراهم نه ڪيا ته هي نوجوان يا ته ملڪ ڇڏي ڏيندو يا نظام سان ٽڪرائجي ويندو. چونڊ اڃا به اسان جي هٿ ۾ آهي: نوجوان کي رڳو نعرو بڻائي رکون يا واقعي ئي کيس مستقبل جو معمار بڻايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.