ايمان مزاري ۽ سندس ور هادي کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها

وردا شهزاديءَ

طاقتور ڌريون ڪنهن کي به هيرو ٺاهڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن ها ته به ساڳي نموني انساني حقن جا علمبردار هجن ها ۽ اهي وڪالت ڪري رهيا هجن ها، پنهنجن ماڻهن جا ڪيس وڙهن ها، ڪڏهن هارائين ها، ڪڏهن کٽي وڃن ها. کين دهشتگرد نه قرار ڏنو وڃي ها. انساني حقن تي ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽين ۾ ليڪچر به ڏين ها، شام جو گڏ ويهي سڄي ڏينهن جا حال احوال ونڊين ها. کاڌو کائين ها ۽ سڪون سان ننڊ ڪن ها، وڪيل جو ڪم ئي ته پنهنجن ماڻهن لاءِ ڳالهائڻ آهي. پر نه، هتي سڀ ڪجهه ايترو آسان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

اسان جا معيار ايترا ڪري پيا آهن جو هاڻي فخر سان چوڻو پوي ٿو ته ”فلاڻو سچ ڳالهائي ٿو“. جڏهن ته سچ ته سڀني کي ڳالهائڻ گهرجي نه! هي ڪا اهڙي ڳالهه ته ناهي، جيڪا نوادرات ۾ ڳڻجي. اسان هميشه بغاوت کي ڪنهن رومانوي جذبي وانگر پڙهيو، سوچي ۽ محسوس ڪيو. پر هاڻي خبر پئي آهي ته بغاوت تيستائين سٺي لڳي ٿي، جيستائين اها پنهنجي سامهون نه هجي. مون کي ٻالڪپڻ کان خواهش رهي آهي ته اخبارن ۾ بار بار استعمال ٿيندڙ اصطلاحون ڪڏهن منهنجي به سمجهه ۾ اچن. مان ڪڏهن ته انهن جا حقيقي مطلب سمجهي سگهان. ”وڏي پيماني تي قومي مفاد“ ڇا هوندو آهي؟ اهو مفاد ڪيترو وسيع هوندو آهي؟ ان جي وسعت ڪير طئي ڪري ٿو؟ بلڪه قومي مفاد پاڻ آهي ڪنهن جو؟ عوام جو؟ رياست جو؟ يا رياست جي ٺيڪيدارن جو ذاتي مفاد؟

”انتها پسند عنصر“ جو لفظ ٻڌي ته مون کي کل اچي وڃي ٿي. ’سماج دشمن عنصر‘ ڪير آهن؟ ’آڱرين تي ڳڻن جيترا شرپسند‘ ڪٿي رهن ٿا؟ دهشتگرد جو اصل ۽ حقيقي مطلب ڇا آهي؟ هيٽ اسپيچ کي ڇا چوندا آهن؟  ايمان ۽ هادي تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جو فيصلو جيڪڏهن اوهين پڙهو ته اهو انهن سڀني مبهم اصطلاحن جو هڪ مجموعو آهي. ايمان ۽ هادي جي وڪالت کي هڪ پاسي رکي ڇڏجي ته بس هنن ذميوار شهري هئڻ جي ناتي پنهنجي حد تائين ڪوشش ڪئي. پر ذميوار شهري جي ڪتابي ۽ عملي تعريف ۾ فرق نڪتو.

جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا ذميوار عهديدار تقريرن ۾ ملڪ جي ڪنهن حصي جي ماڻهن بابت چون ته ”اسان کين مزو چکائي ڇڏينداسين“ ته ڇا اها نفرت ڀري ڳالهه ناهي؟ اهوئي ته مان چوان ٿي ته انهن ڳرن ڳرن اصطلاحن جا صحيح مطلب اسان کي ڪڏهن به نه سيکاريا ويا آهن. ايمان ۽ هادي ٻنهي زال مڙس تي هڪ ٻيو الزام اهو به لڳو ته اهي دهشتگرد گروهن جا همدرد آهن. دهشتگرد گروهه ڪير ٿين ٿا؟ جيڪي دهشت ڦهلائين ٿا؟ پر انهن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ وارو ڪير آهي؟ انهن گروهن جي سرڪاري تعريف ته هر ٻن ڏينهن ۾ بدلجي وڃي ٿي. مارڪيٽ ۾ انهن دهشتگردن جي ايتري گهرج آهي جو هر ڪو اهو تمغو وٺڻ چاهي ٿو. اهو ميڊل بازار مان رعايتي اگهه تي به ملي سگهي ٿو. ايمان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ملڪ کي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندڙ لکيو آهي. ان تي جج صاحب ناراض ٿي پيو. هنن چيو ته ”دهشتگرد ملڪن جي فهرست ٺاهيندي دنيا چار ملڪن تي متفق آهي: ڪيوبا، ڪوريا، ايران ۽ شام. انهن ۾ پاڪستان جو نالو ڪٿي به ناهي.“ غلط ڳالهه آهي نه. ايمان کي خبر ئي ناهي ته پاڪستان دهشتگرد جي پناهه گاهه ناهي، بلڪه الحمدلله پڪي سخت سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي.

رياستي ادارن جي توهين جو مطلب اهو ٿيو ته ريلوي کاتي جي شان ۾ گستاخي ٿي وئي هجي. پوسٽ آفيس خلاف پروپيگنڊا ڪيو ويو هجي. ڪنهن پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪيو هجي يا پوليس وارن کي پڪڙي کين مار ڏني وئي هجي. جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ئي ناهي ته پوءِ ڪهڙي توهين؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ادارو ايترو مقدس ٿي وڃي ته پوءِ ان کي غلاف ۾ ويڙهي طاق تي رکڻ گهرجي. آواز اٿارڻ جو نتيجو ته اوهان سڀني ڏسي ورتو. جيڪڏهن اهي ٻئي هٿيار کڻي معصوم ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏين ها ته پوءِ؟ ڪابل مان اسمگلنگ ڪن ها يا بلاسفيمي بزنس گروپ سان ملي پنهنجو حصو وصول ڪن ها ته اڄ کين اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. بلڪه ڪنهن فارم هائوس ۾ آرام سان راند کيڏي رهيا هجن ها ۽ سندن ڀرسان ڪنهن سرور ڀري مشروب جو گلاس رکيل هجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.