آمريڪي سمنڊي ٻيڙو خليج فارس ڏانهن مڇيون پڪڙڻ لاءِ نه اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ صورتحال اڃا اهڙي ناهي جو جنگ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ئي نه بچيو هجي، پر جنگ ۾ هميشه گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڌريون هونديون آهن، تنهنڪري اهو انهن ڌرين تي دارومدار رکي ٿو ته اهي جنگ چاهين ٿيون يا جنگ کان پاسو ڪرڻ چاهين ٿيون. ايران تي اسرائيلي حملن دوران پاڙيسري عرب ملڪن کي به اها خبر پئجي وئي آهي ته ايران وٽ ڊگهي مار وارا ميزائل ۽ اثرائتا ڊرون موجود آهن، تنهنڪري ايران تي حملي ۽ ملا رجيم چينج جي خواهش باوجود هاڻي اهي ملڪ اڳ وانگر کليل نموني حملي جي حمايت نٿا ڪري سگهن. پاڪستان سميت هر عرب ملڪ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته انهن جون هوائي حدون ايران تي حملي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. (البت جيڪڏهن آمريڪا اهڙو قدم کنيو ته پوءِ کيس ڪير روڪي سگهندو؟)
جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪري ٿو ته پاڙيسري ملڪ ۽ آمريڪا سان خاص لاڳاپن سبب سڀ کان ڏکي صورتحال پاڪستان لاءِ هوندي. ٻنهي ملڪن سان لاڳاپن جي پس منظر ۾ اهڙي حالت ۾ پاڪستان ڇا ڪندو؟ آمريڪا سان بحال ڪيل لاڳاپا نڀائيندو يا ايران سان پاڙيسري هئڻ جي بنياد تي همدردي ۽ مدد ڪندو؟ جيڪڏهن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ هن جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏئي ٿو ته فوري معاشي مسئلن مان عارضي نجات سان گڏ عالمي پذيرائي ۽ فوجي امداد ملي سگهي ٿي. ڏکڻ اولهه سرحد تي هلندڙ عسڪريت پسندي، گوادر ۽ سي پيڪ بابت آمريڪي مداخلت عارضي طور رڪجي سگهي ٿي. پاڪستان تي لڳل ظاهر ۽ ڳجهي پابندين ۽ دٻاءَ ۾ به گهٽتائي جي اميد رکي سگهجي ٿي. پر ان جي بدلي ۾ پاڪستان کي پنهنجي شيعا آبادي جي زخمي جذبات، احتجاج ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو، بلڪه ڪجهه علائقن ۾ هٿياربند نوعيت جي گڙٻڙ به متوقع آهي. ساڳئي وقت بلوچستان ۾ بلوچ عليحدگي پسندن جون ڪارروايون به وڌيڪ تيز ٿي سگهن ٿيون. گوادر ۾ مسئلا وڌي ويندا ۽ بلوچستان وڌيڪ غير مستحڪم ٿي ويندو، جيڪو ايران تي آمريڪي حملي جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد به سمجهيو وڃي ٿو. اسرائيل اچي پاڪستان جي انهي سرحد تي ويهي رهندو، جتي اڳ ئي بغاوت ۽ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي. عمران خان جي دور ۾ به جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي هئي ته هن ايران وڃي کليءَ طرح ايران جي حمايت جو اعلان ڪيو هو، بلڪه ايران ۾ پاڪستاني مداخلت جي ڳالهه به ڪئي هئي.
جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا سان امڪاني جنگ ۾ ڪنهن به صورت ۾ ساٿ نٿو ڏئي ته پاڪستان جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. پابنديون، الزام ۽ مسئلا روزانو وڌندا رهندا، حڪومت تي دٻاءُ وڌندو ۽ عمران خان کي وڌيڪ اهميت ملندي، جنهن سبب ملڪ غير مستحڪم ٿي سگهي ٿو. عليحدگي پسند تحريڪون ۽ تخريبي ڪارروايوڻ زور وٺي سگهن ٿيون. سفارتي دٻاءُ، عالمي اڪيلائي، قرضن جي حاصلات ۾ مشڪلاتون ۽ واپسي ۾ سختي، واپاري ۽ سفري پابنديون ۽ سڀ کان اهم اندروني ڀڃ ڊاهه کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
بلوچستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ۽ اولهه سرحدون گرم ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته اوڀر سرحد، خاص ڪري ڪشمير ۾ ناقابلِ فراموش دٻاءُ وڌائي سگهجي ٿو. سي پيڪ کي سخت مخالفت ۽ متاثر ٿيڻ جو خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ۽ گوادر کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچائي سگهجي ٿو، جنهن سان پاڪ- چين لاڳاپن تي به خراب اثر پئجي سگهن ٿا. وڌيڪ اهو به ممڪن آهي ته جنگ جو دائرو پاڪستان جي اندر تائين وڌايو وڃي. پوري علائقي کي غير مستحڪم ڪري پاڪستان کي هن جنگ جي لپيٽ ۾ آڻڻ بنيادي مقصد لڳي ٿو. ايران وٽ محدود مقدار ۾ ميزائل ۽ ڊرون کان سواءِ ڪو وڏو فضائي جنگي نظام يا آمريڪا کان بهتر هٿيار موجود ناهن. شام مان داعش فائٽرز کي علائقي ۾ منتقل ٿيڻ جون خبرون به بار بار سامهون اچي رهيون آهن.
جيڪڏهن پاڪستان غير جانبدار رهي ٿو ته پوءِ به اندروني ڇڪتاڻ، احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان واقعي غير جانبدار رهي پنهنجي شيعا آبادي جي احتجاج ۽ سرحدن تي پيدا ٿيندڙ حالتن کان لاتعلق رهي سگهي ٿو؟ جڏهن ته آمريڪا جي خواهش هوندي ته افغانستان وانگر هن جنگ ۾ به پاڪستان سندن ساٿي بڻيل رهي. اسان جون انٽيليجنس ايجنسين عام طور اهڙين حالتن ۾ باخبر ۽ تيار هونديون آهن. ڪنهن به عالمي ايونٽ جي صورت ۾ ملڪ اندر اڳواٽ مناسب تبديليون آنديون وينديون آهن. پر هن ڀيري صورتحال ايتري پيچيده ۽ گهڻ رخي آهي جو سڀ بندوبست باوجود به مطمئن ڪندڙ نتيجا نٿا ملي سگهن. فرض ڪيو پاڪستان غير جانبدار رهڻ چاهي ۽ آمريڪي حملي دوران داعش جهڙا گروهه بلوچستان مان ايران ۾ گهڙي وڃن، يا بلوچ عليحدگي پسند ايران جي سرحد مان پاڪستان ۾ داخل ٿي وڃن، جنگ جي شدت سبب ايراني مهاجر ۽ فوجي پاڪستان ۾ پناهه وٺڻ اچن، پاڪستان ۾ موجود ايران حامي پاڪستان مان ايران ۾ وڃي آمريڪا تي حملا ڪن، آمريڪا گوادر تي قبضو ڪري ايران خلاف اڏي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري، يا پاڪستان جي غير جانبداري باوجود آمريڪي همٿ افزائي سان ڀارت اوڀر سرحد تي ڇڪتاڻ وڌائي يا ڪشمير ۾ مداخلت ڪري، افغانستان آمريڪي خواهش تي پاڪستان سان گڏيل سرحدن تي صورتحال خراب ڪري ته ڇا اهڙي حالت ۾ پاڪستان واقعي غير جانبدار رهي سگهي ٿو؟
پاڪستان ۾ مذهبي ۽ فرقيواراڻي بنيادن تي فالٽ لائينون اڳ ئي موجود آهن. جنگ جي صورت ۾ مسجد ۽ منبر تان ڇا ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ان جا مثال اڳ به ڏسي چڪا آهيون. جيتوڻيڪ فيلڊ مارشل جي اچڻ کان پوءِ مذهبي شدت پسندن کي ڪجهه حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، پر اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن جبه ۽ دستار وارا آمريڪا خلاف جهاد جو اعلان ڪن يا من و سلويٰ سان جنگ کي جائز قرار ڏئي پاڪستان اندر خوني فرقيواراڻي ڇڪتاڻ شروع ڪرائين، ته صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري چڪو آهي. اسرائيل جي چوڌاري ايراني اثر رسوخ کي ختم ڪري مغربي ڪناري کي تباهه ڪري بندوبست ڪيو ويو آهي. بورڊ آف پيس جا ميمبر ملڪ مغربي ڪناري ۽ اسرائيل جي وچ ۾ رڳو ويهي رهڻ سان به آمريڪي منصوبي لاءِ اهم آهن. يورپ ايران تي آمريڪي حملي جي مخالفت ۾ ناهي، بلڪه هو جنگ کان پوءِ مال غنيمت مان پنهنجو مناسب حصو وٺڻ چاهي ٿو ۽ ان حملي جو خواهشمند به آهي، ڇو ته ان سان گرين لينڊ جو مسئلو به پس منظر ۾ هليو ويندو. ٽرمپ جي شديد خواهش آهي ته جيڪڏهن کيس نوبل انعام نه ملي ته گهٽ ۾ گهٽ عالمي سياست تي هڪ دائمي نشان ڇڏي وڃي. اهڙي صورتحال مان پاڪستان ڪيئن نڪري سگهندو؟ ان لاءِ وڏي دانائي، بهترين حڪومتي حڪمت عملي، فوجي ۽ قومي يڪجهتي ۽ تمام گهڻي خوش نصيبي جي سخت ضرورت آهي.