گذريل 47 ورهين کان افغانستان ۾ وڙهيون ويندڙ ٻن وڏين جنگين سبب خيبر پختونخواه عالمي طاقتن جي پراڪسي جنگن جو لانچنگ پيڊ ۽ اسان جي قومي سلامتي جو مرڪز بڻيل رهيو آهي، جنهن هن بدقسمت صوبي کي اهڙي مذهبي سرگرميءَ حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪا اجتماعي زندگي جي فطري وهڪري کان هٽڻ جو سبب بڻي. خاص طور نائين اليون کان پوءِ جنم وٺندڙ پرتشدد تحريڪن هتي جي سياسي روايتن، قبائلي نفسيات جي پيچيدگين ۽ رياستي پاليسين کي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تائين بيچيني ۽ جنگ جي حالت ۾ رکيو. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته رياست دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي آپريشنن کي بنيادي حڪمتِ عملي طور اختيار ڪندي انهن آپريشنن جي سياسي اثرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سياسي لحاظ کان فوجي ڪارروائين جي پاليسي نتيجا خيز نه رهي ۽ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ فوجي آپريشنن تي ٻڌل پاليسي سوات، باجوڙ، مهمند ۽ اتر وزيرستان جهڙن علائقن کي اسان جي اجتماعي وجود جو ڳوڙهو زخم بڻائي ڇڏيو.
حقيقت به اها ئي آهي ته 2008 کان 2013 تائين خيبر پختونخواه ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي حڪومت سوات ۽ ڏکڻ وزيرستان جهڙن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشنن جي سياسي ذميواري پاڻ کڻي پنهنجي جماعت کي اڻ ڏٺي تباهيءَ سان منهن ڏياريو. فوجي ڪارروائين جي ردعمل ۾ دهشتگردن وڏي پيماني تي اي اين پي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جو رت وهائي هڪ وڌندڙ سياسي تهذيب کي موت جي وادي ۾ لاهي ڇڏيو. جڏهن اي اين پي هڪ طرف دهشتگردن جي خوفناڪ حملن ۽ ٻي طرف عوام جي غصي، خوف ۽ مايوسي کي منهن ڏئي رهي هئي، ٺيڪ ان ئي وقت تحريڪ انصاف جي قيادت قبائلي علائقن ۾ فوجي آپريشنن خلاف سياسي مزاحمت ۽ آمريڪي ڊرون حملن جي مخالفت ۾ مصروف هئي. نتيجي طور خيبر پختونخواه جا اهي ماڻهو، جيڪي لڏپلاڻ جي مصيبتن، معاشي مفادن جي تباهي ۽ ٻه طرفي خوف جي ڪيفيت مان گذري رهيا هئا، عمران خان جي بيانيي ۾ پنهنجي احساسن جي تصديق ۽ دردن جو علاج ڏسڻ لڳا. اهو ئي اهو مرحلو هو جتي پي ٽي آءِ جهڙي نئين جماعت هڪ جمود پسند سماج ۾ اي اين پي جهڙي تجربيڪار سياسي پارٽي ۽ جي يو آءِ جهڙي مضبوط مذهبي جماعت کي پوئتي ڌڪي، پشتون سماج ۾ جاءِ ٺاهي 2013ع ۾ صوبائي حڪومت جي واڳ سنڀالي. پي ٽي آءِ جي اها سياسي برتري رڳو چونڊ کٽڻ نه هئي، پر اها هڪ مڪمل نظرياتي ۽ تهذيبي تبديلي هئي، جنهن هميشه لاءِ هن خطي جي سياست تي حاوي مرڪز کان پري قوتن کي غير مؤثر بڻائي ڇڏيو.اهڙي ئي ريت مقتدره 2015ع ۾ اتر وزيرستان جي آپريشن ضربِ عضب جي سياسي ذميواري وزيراعظم نواز شريف جي ڳچيءَ ۾ وجهي وري به پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي دهشتگردن جي ممڪن ردعمل کان بچائي ڇڏيو. پر هڪ ڀيرو ٻيهر لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ، سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن، ڪاروباري سرگرمين جي بندش ۽ شهري آزاديءَ تي پابندين عوامي ناراضگي کي جنم ڏنو. عسڪري سطح تي اهو آپريشن شايد ڪامياب قرار ڏنو ويو، پر فوجي ڪارروائين جا سياسي اثر منفي نڪتا، جنهن سبب نواز ليگ جيڪا اڳ ئي صوبي ۾ ڪمزور هئي، وڌيڪ غير لاڳاپيل ٿي وئي. اهڙي طرح هڪ ٻي سياسي جماعت به فوجي آپريشنن جي سياسي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي.
2018 کان 2022 تائين عمران خان جي دور حڪومت ۾ دهشتگردي خلاف پاليسي نئون موڙ ورتو. فيصلا ڪن فوجي ڪارروائي بدران مفاهمت ۽ ٻيهر سماج ۾ ضم ڪرڻ (ري انٽيگريشن) کي ترجيح ڏني وئي. ٽي ٽي پي سان ڳالهين ذريعي دهشتگردن کي مرڪزي ڌارا ۾ واپس آڻڻ جون تجويزون ۽ ڪجهه بيانن ۾ کين خيبر پختونخواه ۾ آفيسون کولڻ جي اجازت ڏيڻ جهڙيون ڳالهيون اهڙي سياسي بيانيي ۾ تبديل ٿي ويون، جنهن دهشتگردي خلاف رياست جي اجتماعي ارادي کي منتشر، قومي قيادت جي سوچ کي ورهائي ڇڏيو ۽ عوام کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. ان بيانيي پي ٽي آءِ کي عارضي سياسي فائدو ته ڏنو، پر قومي سلامتي لاءِ ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيا. دهشتگرد گروهن کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ صوبي ۾ دهشتگردي جون خونخوار لهرون وڏي تعداد ۾ پوليس، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام شهرين کي ڳڙڪائي ويون.اقتدار کان هٽجڻ کان پوءِ عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ئي بيانيو اختيار ڪيو، جيڪو ماضي ۾ سندس لاءِ فائديمند رهيو هو، يعني خيبر پختونخواه ۾ فوجي آپريشنن خلاف جارحاڻو موقف، اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ۽ رياستي پاليسين کي عوامي تڪليفن جو ذميوار قرار ڏئي خيبر پختونخواه جي عوام کي رياستي مقتدره خلاف گڏ ڪرڻ. انهيءَ ئي بيانيي پي ٽي آءِ دور جي ناڪامين کي عوام جي نظرن کان اوجهل ڪري فوجي آپريشنن کي پبلڪ ڊسڪورس جو مرڪز بڻائي ڇڏيو.
بيشڪ دهشتگردي هجي يا دهشتگردن خلاف ڪارروائيون، ٻنهي صورتن ۾ سڀ کان وڏو نقصان عام شهري کي برداشت ڪرڻو پيو. سيڪيورٽي قدمن جي نالي تي جبري لڏپلاڻ، شهري آزاديءَ ۾ پابنديون، بنيادي حقن جي لتاڙ ۽ سماجي ڍانچي جي ٽٽڻ سماج کي اجتماعي صدمو پهچايو. گورننس جو نظام مفلوج ٿيڻ سبب سول بيوروڪريسي ۽ پوليس ۾ به وفاقي ادارن خلاف ناراضگي جنم وٺڻ لڳي. اها اهڙي پيچيده صورتحال هئي، جنهن فوجي آپريشنن جي حمايت ڪندڙ جماعتن ۽ شخصيتن کي عوامي ناراضگي جي سامهون آڻي بيهاريو. اهڙي ماحول ۾، اڳ وانگر، پي ٽي آءِ کي وري فوجي ڪارروائين جي مخالفت جو رستو ڏئي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو.هي اهو ئي مرحلو آهي جتي اهو سوال جنم وٺي ٿو ته ڇا اهو سڀ ڪجهه رڳو اتفاق هو يا ڪنهن حڪمتِ عملي جو حصو؟ اهڙي حڪمت عملي جنهن روايتي سياسي جماعتن، مذهبي تنظيمن ۽ مرڪز کان پري قوتن کي ڀت سان لڳائي پي ٽي آءِ کي عوامي سياسي شعور تي مسلط رکيو. ممڪن آهي مقتدره عمران خان جي خلاف هجي، پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته پي ٽي آءِ کي بطور جماعت مڪمل طور ڪمزور يا ختم ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي. فوجي آپريشنن جي سياسي ذميواري جو بار وفاق تي وجهي، صوبائي سطح تي پي ٽي آءِ کي عوامي همدرديون ميڙڻ جو موقعو ڏيڻ جهڙا مبهم عنصر گڏجي ان تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا ته خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ جو سياسي وجود ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار رکيو ويندو.