ڀارت- يورپي يونين ڊيل، پاڪستان تي ڪهڙو اثر پوندو؟

محمد عامر خاڪواڻي

ڀارت ۽ يورپي يونين وچ ۾ ٿيل فري ٽريڊ ايگريمينٽ، جنهن کي ”مدر آف آل ڊيلز“ جو نالو ڏنو ويو آهي، پوري علائقي کي لوڏي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ به هن معاهدي تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ٿي رهيو آهي. ڪاروباري حلقا ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. مثال طور گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون يورپي يونين ڏانهن برآمدات سخت متاثر ٿي سگهن ٿيون، ان لاءِ حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. پر مجموعي طور محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته پاڪستان جا فيصلا ساز ان معاملي تي گهڻو پريشان نظر نٿا اچن. پاڪستان هاڻي آمريڪا سان گڏ هلڻ ۽ ڪيترن ئي حوالن سان گڏجي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. پاڪستان لاءِ يورپ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا وڌيڪ اهم آهي ۽ اسلام آباد ۾ اهو ڏٺو پيو وڃي ته هن نئين صورتحال مان پنهنجي لاءِ ڪهڙا موقعا ڪڍي سگهجن ٿا؟ ڪجهه حقيقت پسند پاڪستاني واپاري اهو سمجهن ٿا ته اسان وٽ اهڙي وڏي ڊيل ڪرڻ جي گنجائش ئي ناهي. ڀارت وٽ اها صلاحيت آهي، هو ڪري سگهي ٿو، سو ڪري وٺي. اسان کي ته پنهنجي حساب سان، پنهنجي سائيز ۽ پنهنجي موقعن کي نظر ۾ رکي منصوبا بندي ڪرڻي آهي.

پاڪ–آمريڪا لاڳاپن جي نئين رخ بابت پاڪستاني خوش آهن ته آمريڪا هن ڀيري پاڪ- چين لاڳاپن يا سي پيڪ ٽو کي روڪڻ جي ڳالهه نٿو ڪري. آمريڪا ۽ پاڪستان ٻئي هن نئين مرحلي ۾ عملي ۽ حقيقت پسنداڻي اپروچ سان اڳتي وڌي رهيا آهن. آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان کي مڪمل طور چين جي هنج ۾ نه ويهاري، بلڪه چين کانسواءِ ٻيا به آپشن پيدا ڪري. ريڪوڊڪ جي فنانسنگ ۾ به آمريڪن مدد ڪئي آهي. ٻي پاسي پاڪستان چين سان پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن باوجود آمريڪا کي به شامل رکڻ چاهي ٿو ۽ آمريڪا جي هن علائقي ۽ پاڪستان ۾ دلچسپي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي. ان ڪري پاڪستان پنهنجي وسيلن لاءِ به آمريڪن کي متوجهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان صدر ٽرمپ جي ڪري ئي غزه بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيو.

”مدر آف آل ڊيل“ سان پاڪستان لاءِ ڪهڙا چيلينج پيدا ٿيا آهن؟ يورپي يونين پاڪستان جو ٻيو وڏو برآمداتي پارٽنر آهي. پاڪستان جون يورپي يونين ڏانهن سالياني برآمدات لڳ ڀڳ 9 ارب ڊالر آهن. پاڪستان جي ڪل عالمي برآمدات جو تقريباً 28 سيڪڙو حصو رڳو يورپي يونين ڏانهن وڃي ٿو. پاڪستان جي يورپي يونين کي ٿيندڙ ڪل برآمدات مان لڳ ڀڳ 75 کان 76 سيڪڙو صرف ملبوسات، بيڊ لينن، توليا ۽ ريڊي ميڊ گارمينٽس تي ٻڌل آهن. ٻين شين ۾ چمڙي جون شيون، سرجيڪل اوزار، چانور ۽ راندين جو سامان (فٽ بال وغيره) شامل آهن. مسئلو اهو آهي ته يورپي يونين ۾ پاڪستان جيڪي شيون برآمد ڪري ٿو، لڳ ڀڳ ساڳيون ئي شيون ڀارت به برآمد ڪري ٿو. اڳ ۾ انهن تي 10 کان 12 سيڪڙو ٽيرف هوندو هو، جڏهن ته پاڪستاني مال تي ٽيرف ٻڙي هو. قدرتي طور پاڪستاني شيون ڪجهه سستيون هيون. هاڻي جڏهن ڀارتي شين تي به ٽيڪس نه لڳندو ته انهن جون قيمتون به گهٽ ٿي وينديون. ڀارت کي وڏي پيماني تي پيداوار ۽ سستي ليبر جو به فائدو آهي. اهڙي طرح ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جون يورپي يونين ڏانهن برآمدات 5 کان 10 يا 15 سيڪڙو تائين متاثر ٿي سگهن ٿيون.

ڪهڙيون پاڪستاني برآمدات متاثر ٿينديون؟ هوم ٽيڪسٽائل: سڀ کان وڌيڪ خطرو پاڪستاني ٽيڪسٽائل شعبي کي آهي، ڇو ته ڀارت هن شعبي ۾ تمام مضبوط آهي ۽ ان جي ڪپهه جي معيار کي بهترين سمجهيو وڃي ٿو. ريڊي ميڊ گارمينٽس: پاڪستان جي ڊينم ۽ نِٽ ويئر جو يورپ ۾ وڏو نالو آهي، پر ڀارت جي گارمينٽ انڊسٽري جو  ڳاڻيٽو پاڪستان کان گهڻو وڌيڪ آهي. ان ڪري خدشو آهي ته ايڇ اينڊ ايم ۽ زارا جهڙا وڏا يورپي برانڊ، جيڪي اڳ پاڪستان کان مال وٺندا هئا، هاڻي ڀارت کان سستي ۽ وڌيڪ ورائٽي ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿا.

چمڙي جون شيون: پاڪستان جا دستانا ۽ چمڙي جا لباس يورپ ۾ مقبول آهن، پر هاڻي ڀارتي ليذر گڊز کي به صفر ٽيرف ملڻ سان مقابلو وڌيڪ سخت ٿي ويندو، ڇو ته ڀارت تازن سالن ۾ پنهنجي ليذر انڊسٽري ۾ جديد ٽيڪنالاجي تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڪهڙن شعبن ۾ پاڪستان مضبوط آهي؟ ماهرن موجب پاڪستان وٽ اڃا به ڪجهه اهڙا شعبا آهن جتي ڀارت جو اثر گهٽ آهي، جيئن باسمتي چانور. پاڪستان جو باسمتي پنهنجي خوشبو ۽ ذائقي سبب يورپ ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. اهڙي طرح سيالڪوٽ جا سرجيڪل اوزار به معيار ۽ قيمت جي لحاظ کان ڀارت لاءِ اڃا چيلينج آهن. فٽ بال ۽ راندين جي سامان ۾ به پاڪستان جي برتري برقرار آهي. جي ايس پي پلس اسٽيٽس فيصلي ڪن حيثيت رکي ٿو پاڪستان جي ڪوشش ۽ ترجيح اها هوندي ته هو يورپي يونين جي منڊي کي هٿان وڃڻ نه ڏئي. ان لاءِ جي ايس پي پلس اسٽيٽس هر حال ۾ برقرار رکڻو پوندو. مسئلو اهو آهي ته جي ايس پي پلس هڪ طرفو معاهدو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿو. پاڪستان لاءِ جي ايس پي پلس جي مدي 2023ع ۾ ختم ٿيڻي هئي، پر يورپي ڪميشن ان کي 2027ع تائين وڌائي ڇڏيو آهي. ان جو مطلب آهي ته ايندڙ ٻه سال اسان وٽ هي سهولت موجود آهي. پر هي سهولت مفت نٿي ملي. پاڪستان کي 27 عالمي ڪنوينشنز (انساني حق، ليبر حق، ماحوليات ۽ گڊ گورننس) تي عملدرآمد بابت رپورٽ ڏيڻي پوي ٿي. جيڪڏهن پاڪستان انهن ستاويهن ڪنوينشنز تي عملدرآمد ۾ سستي يا ڪوتاهي ڏيکاري، ته يورپي يونين وٽ هاڻي ڀارت جي صورت ۾ اهڙو واپاري پارٽنر موجود آهي، جيڪو انهن جي منڊي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو.

پاڪستان وٽ متبادل آپشن ڪهڙا آهن؟ يورپ ۾ ڀارت جي وڌندڙ موجودگي کان پوءِ پاڪستان لاءِ آمريڪا ۽ چين جون منڊيون ٻيڻي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. آمريڪا ۾ پاڪستاني ٽيڪسٽائل (خاص طور ڊينم ۽ توليا) جي وڏي گهرج آهي. جيڪڏهن پاڪستان اتي پنهنجي مارڪيٽ کي 2 کان 3 ارب ڊالر تائين وڌائي وٺي، ته يورپي يونين مان ممڪن نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿو. پاڪستان خليجي ملڪن ۾ به نيون منڊيون ڳولڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاءِ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سان واپاري معاهدن تي غور ويچار هلي رهيو آهي، ته جيئن پاڪستان جون خوراڪ ۽ لائيو اسٽاڪ جون برآمدات وڌائي سگهجن.

چين ۾ موجود امڪان: چين جي مارڪيٽ انتهائي مقابلي واري آهي ۽ اتي معيار جا اصول به سخت آهن، پر چين هاڻي پنهنجي معيشت کي مينوفيڪچرنگ مان سروسز ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. ان جو مطلب آهي ته چين هاڻي ڪپڙا ۽ سستيون شيون پاڻ ٺاهڻ بدران ٻاهرين ملڪن کان گهرائيندو. پاڪستان وٽ چانور، سامونڊي خوراڪ (سي فوڊ) ۽ ٽامي (ڪاپر) جي برآمدات وڌائڻ جو وڏو موقعو موجود آهي. پاڪستان چيري ۽ سڪل کجي به چين ڏانهن برآمد ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن سي پيڪ جو ٻيو مرحلو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان جو چين تي دارومدار رڳو قرضن تائين محدود نه رهندو، بلڪه اتان ڊالر ڪمائڻ جا به حقيقي موقعا پيدا ٿي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.